ان ”درد دل “ جو علاج ڪهڙو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    703
    ورتل پسنديدگيون:
    638
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هاء ڙي قسمت! جنهن ”درد دل “ جو علاج انگريزن جي ديس سواء ممڪن ئي نه هو اهو درد دل وري پاڪستان جي ”اڻ ڄاڻ ۽ سنگدل“ جراحن سامهون بيان ڪرڻو پوندو.اهي خبر ناهي ان دل جو درد سمجھندا به يا نه پر جنهن درد دل گذريل ڪيتري عرصي کان عوام جي دلين ۾ درد مچائي رکيو هو اهو درد ڪجهه عرصي لاء ضرور هٽي ويندو.ان درد رڳو اڪيلي دل تي ئي حملو نه پئي ڪيو پر ڪڏهن کاٻي ٻانهن ۾ ته ڪڏهن ساڄي ٻانهن ۾،ڪڏهن گوڏي ۾ ته ڪڏهن گردي ۾ ته ڪڏهن پوري مٿي ۾ ته ڪڏهن وري اڌ مٿي ۾.سچ پچ عوام ويچارو ڏاڍو پريشان هو ته سندن رهبر کي انهن سمورن دردن مان نجات آخر ڪڏهن ملندي؟”ظالم“ حڪومت ميان صاحب کي هٿ ٻڌي ميڙ منٿون ڪندي رهي،قسمين قسمين مسيحائن جا ميلا مچايا ويا،ميڊيڪل بورڊن جو انگ هڪ مان وڌي ست ٿي ويو،هر هر سندس فرمائش،تمنا ۽ خواهش پڇي ويئي ۽ آخر ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن سان ڀريل مهمان اسپتال به ڪوٽ لکپت جيل موجود ڪئي ويئي پر پاڪستان جي ”منڊيلا“ کي ڪوبه پنهنجي” اٽل“ ارادي کان هٽائي نه سگھيو.ضد اهڙو جنهن سامهون ڪيئي هماليا ڏري وڃن.ٽويٽ مٿان ٽويٽ ذريعي ميڊيڪل ڪامينٽري به هر وقت جاري رهي ته جيئن تازو تازو پروگرام جوائن ڪندڙ ديوانن کي سندن ”انقلابي“ اڳواڻ جي صحت متعلق تازي صورتحال کان هروقت باخبر رکي سگھجي.پر ان سموري مامري ۾ هڪ ڳالهه سمجھه ۾ نه ويٺي ته صاحب موصوف کي جيل ته عدالت سڳوريء موڪليو هو پر گارين جو وسڪارو رڳو عمران خان تي ٿيندو رهيو جڏهن ته ويچاري عمران وٽ لنڊن واري فرمائش پوري ڪرڻ جو ڪهڙو اختيار هو؟هن وٽ جيڪي اختيار هئا سي سڀ هن ميان صاحب جي خدمت ۾ صدقي ڪري ڇڏيا.ان سڄي معاملي ۾ شايد اهو ڪنهن کي به ياد نه رهيو ته ٻاويه ڪروڙن جي هن ملڪ ۾ لکين اهڙا قيدي بلڪه انهيء کان سوين ڀيرا وڏيڪ سيريس بيمارين ۾ ورتل قيدي حالتن يا قسمت جي رحم ڪرم تي آهن.انهن جو ته روئي روئي اکين جو پاڻي سڪي ويو آهي ۽ رڙيون ڪندي ڪندي سندن نڙيون جواب ڏيئي چڪيون آهن پر انهن کي ڪو ڪنهن ڦٽل سرڪاري اسپتال ۾ ڌڪو ڏيڻ لاء به تيار ناهي.انهن لاء ڪڏهن انهن ”عظيم“ دانشورن، ”بي باڪ“ صحافين، انساني حقن جي ” علمبردار“ نمائندن ۽ ”جمهوريت پسند“ سياستدانن ڪڏهن ڪٿي به ڪو آواز اٿاريو هجي ته ضرور ٻڌايو.انهيء ڪري اشرفيا جي هن راڄ ۾ درد رڳو اهو آهي جيڪو ڪنهن ”خاص“ جو آرام ڦٽائي ۽ حق صرف انهن جا آهن جن جو خمير ڪنهن خاص مٽيء مان ڳوهيو ويو هجي.ڪنهن ”خاص“ جي پيدا ٿيل درد جي لهر جن نازڪ مزاجن کي رت جا لڙڪ لاڙڻ تي مجبور ڪري ٿي انهن جون اکيون عام خلق خدا جي دردن کان هميشه انڌيون ئي رهن ٿيون.انهن ”خاص“ ڏوهارين لاء ڪورٽن ۾ داخل پٽيشن ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو وڃي ٿو سو به نهايت ئي نرالو آهي.”صاحب کي جيل واري ماحول ۾ ٽينشن رهي ٿو ان ڪري کيس ان ٽينشن کان بچائڻ لاء جيل جي ديوارن مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ته جيئن هو آزاد هوا مان لطف اندوز ٿي سگھي.“ ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه آهي! ان جو مطلب اهو ٿيو ته ٻيا سمورا قيدي جيل جي ماحول ۾ رهڻ تي خوش آهن ۽ انهن جي فرمائش آهي ته کين جيل مان هرگز ٻاهر نه ڪڍيو وڃي نه ته هو مري ويندا.ڇا چئجي اسان جي ملڪي قانون،اسان جي حڪومت،اسان جي احتسابي ادارن ۽ عدالتي فيصلن تي؟ قصو چوڻ کان چڙهيل آهي ،جيڪو حدون اورانگھيندو سو ”توهين“ جي تلوار سان ڪسجي ويندو.سمجهه ۾ رڳو اهو نٿو اچي ته جڏهن ڏاڍي سان جھيڙو ناهي ڪرڻو ته پوء سالن کان هلندڙ انهن احتسابي قصن ڪهاڻين ۾ قوم جو هيڏو پئسو ۽ رياستي ادارن جو هيترو وقت برباد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ ۽ جن جي جيون جو جياپو معاشي دهشتگردي ۽ ڪرپشن ذريعي ڦريو ۽ لٽيو ويو انهن جي زخمن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪڻ جو مقصد ڇا؟ هئڻ ته اهو گھرجي جو ملڪي خزاني جي ڦرلٽ ڪندڙ اهڙن ڏوهارين خلاف سمورا ڪيس ختم ڪري،الٽو وٽانئن معافي گھرجي ۽ عزت وچان کين اجرڪون ۽ لونگيون پهرائي جيڪر ٿي سگھي ته انهن کي سندن خانداني تخت ۽ تاج واپس ڪيو وڃي پر جيڪر ايئن نه ٿي سگھي ته گھٽ ۾ گھٽ انهن کي هٿان وڌيڪ انعام جي رقم ڏيئي ۽ انصاف ۽ ناانصافيء جي هن جنگ ۾ سندن فتح جو ايوارڊ عنايت فرمائي ۽ سرڪاري طور تي گارڊ آف آنر ڏيندي، هٿ هٿ ۾ ڏيئي ڪنهن غير ملڪي جهاز تي سوار ڪيو وڃي انهيء کان اڳ جو اهي اسان جي اعصابن تي وڌيڪ سوار ٿي وڃن.جڏهن ان جنجال مان جان آجي ٿئي ته پوء قومي ترانو پڙهائڻ بعد ريڊيو ۽ ٽي وي تي قوم کي اها خوشخبري ٻڌائي وڃي ته الحمد لله اسان تاريخ جي خوفناڪ راڪاسن مان ملڪ ۽ قوم جي جان آجي ڪرائي ورتي آهي ۽ احتياط طورآئنده ڪنهن به ڏاڍي سان هٿ نه اٽڪائبو، اشرفيا جي ڪنهن به ”عظيم“ کي ڪڏهن به قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاربو،انهن مان ڪنهن کان ڀلجي ڪوبه ادارو سوال نه ڪندو.هاڻي اسان سچ پچ غريبن جو پاڪستان ٺاهينداسين جتي قانون رڳو غريبن تي هلندو،سمورا ٽيڪس به رڳو غريب ئي ڀريندا،عدالتن ۾ به رڳو غريب ئي گهليا ويندا ۽ جيلن کي به رڳو غريبن سان ڀريو ويندو جو غريبن کي جيل ۾ نه ته ڪو ٽينشن ٿئي ٿو،نه ڪا کين بيماري ويجھو اچي ٿي ۽ نه ئي انهن جا ڪي پيارا هوندا آهن جيڪي سندن صدمن تي روئندا ۽ سندن سورن تي تڙپندا هجن.اسان اڄ کان پوري اشرافيا کي مصلحتن جي گنگا مان وهنجاري کين مڪمل ايمنيسٽيء جي پوشاڪ پهرائي ڇڏي آهي.ان ڪري عام خلق کي گھرجي ته اهي پنهن جي قانوني،آئيني ۽ جمهوري حدن ۾ رهن ۽ آئنده اشرافيا جي شان ۾ ڪا به گستاخي نه ڪن جو خدا نه ڪري جو ملڪ لاء ڪو امن امان جو مسئلو نه پيدا ٿي پوي.ان ڪري امن پسند ۽ محب وطن شهري بڻجي پنهن جي ڪم سان ڪم رکو ۽ اشرافيا جي افعالن ۽ ڪرتوتن سان اوهان جو ڪو واسطو نه هئڻ گھرجي.رهيو معاملو ڪنهن جي درد دل جو ته درد دل رڳو دل وارن کي ئي ٿي سگھي ٿو جيڪا دل خدا جي فضل سان رڳو انهيء ئي خاص مخلوق جي حصي ۾ آيل آهي،رهي باقي خلق خدا ته انهن وٽ جڏهن دل ئي ڪانهي ته درد ڇاجو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو