مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ مڪرّر قافيي جو جائزو

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ مڪرّر قافيي جو جائزو

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جو جيڪڏهن صنايع بدايع جي دائري ۾ جائزو وٺجي ٿو ته عجيب تجنيسون، صنعتون، قافيا ۽ رديف ڏسڻ ۾ ايندا. اهڙي سنڌ جي گهڻ رخي شاعر جي شاعراڻين خوبين تي ڪم ڪرڻ جي دل گهرندي هئي، توڻي جو مان ان فيلڊ جو ماڻهو به ناهيان، ليڪن اندر ۾ هڪ خواهش رکيون ويٺو هيم. اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ پروفيسر ضرار رستماڻي ۽ سندس سٿ کي گذارش به ڪندو پئي آيم، ليڪن مون ڏٺو ته ڪو اهڙو ماڻهو تيار ئي ڪونه پئي ٿيو، جيڪو مولوي صاحب جي شاعراڻين خوبين تي ڪم ڪري. جس آهي، رستماڻي صاحب کي، جنهن هڙئون وڙئون جتن ڪري مولوي صاحب جو ڪلام سهيڙيو ۽ اڃا سوڌو ان سهيڙيل ڪلام جي تصحيح واري دائري ۾ به هلي پيو. هن وقت تائين مولوي صاحب جي شاعراڻين خوبين تي، حال سارو، ڪم ڪري چڪو آهيان ۽ دوستن جي همت افزائي به رهي آهي، خاص طور ضرار رستماڻيءَ جي، جيڪو خوشيءَ ۾، ڪپڙن ۾ نه ٿو پيو ماپي. هي صنايع بدايع جي دائري ۾ ڪم ڪندي، رستماڻي صاحب جي رهنمائي رهي آهي ۽ گهربل مواد ڏيڻ ۾ سندس وڏي ٽيڪ رهي آهي.
    هن مضمون ۾ مولوي صاحب جي قافيي واري دهراءَ جي ٽيڪنڪ هيٺ ’مڪرّر قافيي‘ جي جائزي وٺڻ لاءِ ڪوشش وٺجي ٿي. سڀ کان پهرين ته قافيي ۽ تڪرار کي سمجهڻ جي راه وٺجي، پوءِ مولوي صاحب جي قافين واري پالوٽ تي نظر ڌرجي.
    عام طور، قافيي جي اها وصف ڪئي ويندي آهي ته ’ڪنهن شعر/ نظم جي آخر ۾ اهڙن مختلف لفظن جو استعمال، جن جا آخري آواز (سر ۽ وينجن) پاڻ ۾ يڪسان هجن‘، جيئن: عليم، قديم، رحيم، حڪيم، ڪريم وغيره. مذڪوره لفظن ۾ آخري اکرن جي ساڳيائپ حروف روي ’ي ۽ م‘ جي آهي. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي نسبت آوازن جي ساڳيائپ ’اِي + م + اُ‘ آهي. هن قافيي جي ساڳيائپ ۾ ’ٻه سُر (Vowels) ۽ هڪ وينجن (Consonant) آهي.
    لغوي لحاظ کان ’قافيو‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، قافيو (قَفَا/ قَفو‘ = هن پيروي ڪئي) جي معنى پٺيان هلڻ جي آهي. ’مڪرّر قافيو‘، ’قافيي جي تڪرار/ دهراءَ‘ کي چيو ويندو آهي. هيٺ ڄاڻايل اصطلاح جو اشتقاق بيهارجي ٿو:
    مڪرّر: [مڪرَّر- مُفعَّل- اسم مفعول (ڪَرَّ = هو وري وري آيو) وري وري آيل- واپس ٿيل ڏينهن ۽ رات- ڌاڳو ويڙهيل] علم بيان موجب ڪنهن شعر جو قافيو، ساڳي صورت ۾، ساڳي سٽر ۾، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ دفعا استعمال ڪرڻ. يعني ’مڪرّر قافيي‘ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا ساڳيا قافيا ڪم آڻجن ٿا. جيئن:
    دل ۾ دَليل دلبر، دَم دَم نوان نوان،
    غمزا ڪُهن غريب کي، غم غم نوان نوان.
    ڄاڻايل مولوي صاحب جي غزل جي مطلع ۾ ’دم دم ۽ غم غم‘ قافيو آهي، جيڪو تڪراري صورت/ دهرايل حالت ۾ ٻه دفعا ڪم آندل آهي. قافيي جي اهڙي دهراءَ آڻڻ واري حرفت کي ’مڪرّر قافيو‘ چيو ويندو آهي.
    ’مڪرّر قافيي‘ جي دائري ۾، مختلف تعداد سان، مولوي صاحب جا ڪافي غزل چيل آهن. جيئن ته مولوي صاحب ’تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه‘ ڪوٺيو ويندو آهي، ان سبب هي بزرگ ’مڪرّر قافين‘ ۾ به ’تجنيس حرفي‘ جي چَٽَ ضرور هڻي ٿو. ان خيال کان اها ڳالهه بيهي ٿي ته ’مڪرّر قافيو‘ به ’تجنيس حرفيءَ‘ جو هڪ جز آهي.
    مولوي صاحب ’مڪرّر قافيي‘ ۾ به ساڳيو لفظ ٻه، ٽي، چار، ڇهه دفعا به ڪم آندا آهن، چند مثال خيال خاطر رکجن ٿا:
    • ٻه دفعا ڪم آندل مڪرّر قافيو:
    دل ۾ دَليل دلبر، دَم دَم نوان نوان،
    غمزا ڪُهن غريب کي، غَم غَم نوان نوان.
    تارا تُفنگ، تير، تَبر، تِر، تروکڙيون،
    ڇوڙين ٿو بي گناه تي بَم بَم نوان نوان.
    هُو جو حَرم ۾ حوض ڏٺم، سو حبيب، هت،
    تنهنجي ذقن جي ذوق ۾ زَم زَم نوان نوان.
    سَنڌ سَنڌ بَند، ڪنڌ ڪڍان ڪيئن ڪمند کان،
    زنجير زور زُلف جا خَم خَم نوان نوان.
    آواز تنهنجو آههِ اندر ۾ اَلست کان،
    ڇا دِل ڇِڪيم ڇير ۽ ڇَم ڇَم نوان نوان.
    الحمد للهِ ’احمد‘، آيا اڱڻ عجيب،
    منهنجا ڪري ڪريم ٿو ڪَم ڪَم نوان نوان.
    مٿئين غزل ۾ ’دم دم، غم غم، بم بم، زم زم، خم خم، ڇم ڇم، ڪم ڪم‘، ٻه دفعا ڪم آندل مڪرّر قافيي جا مثال آهن، جڏهن ته رديف به ٻه دفعا ’نوان نوان‘ رکيو ويو آهي.
    • ٽي دفعا ڪم آندل مڪرّر قافيو:
    جهَڪا جُملي جواهر، لعل، جَلوا يار جِت جِت جِت،
    مَلڪ، حُورُون، پَريون هَي هَي، همه حيران هِت هِت هِت.
    ڪُهو ته به ان طرف ڪاهيان، سُڪونت سان سِڪون لاهيان،
    نهوڙي نينهن نيو آهيان، نهارا نيڻ نِت نِت نِت.
    سَوَن سالن جي آهم سِڪ، نه هڪ ڀيري ڀَڄي هيءَ هِڪ،
    چُڪيَل ڪئي چائنٺ روئي چِڪ، چِڪن ڦٽ چاڪ چِت چِت چِت.
    اندر ساڙو، ٻَهر ساڙو، هلي هڻندياس حَب هاڙهو،
    ڪندم ڇا قرب ۾ ڪاڙهو، ڇَپر مون لاءِ ڇِت ڇِت ڇِت.
    لهي اَٽڪاءُ ڪنهين اٽڪل، سَنڌيون سڀ سُور، سينو سَل،
    هُجي سني تي سينو شل، هجي ڀِت ساڻ ڀِت ڀِت ڀِت.
    جتي مهراڻ ۽ موهر، جتي گلزار گُل گوهر،
    جتي جهَلڪار ڪن جوهر، تُنهين تُون تات تِت تِت تِت.
    لٿم سُهڻي سَڄڻ وٽ سِڄ، ٿڌو واءُ، وَڏ ڦڙو ۽ وِڄ،
    نه ’احمد‘ لئي اَجهو ٻيو اڄ، ڪنديَس آرام اِت اِت ات.
    ان غزل ۾ اندروني قافين (’ڪاهيان، لاهيان ۽ آهيان‘، ’سِڪ، هِڪ ۽ چِڪ‘، ’ساڙو، هاڙهو ۽ ڪاڙهو‘، ’اٽڪَل، سَل ۽ شَل‘، ’موهر، گوهر ۽ جوهر‘ ۽ ’سِڄ، وڄ ۽ اڄ‘) سان گڏ ’جِتِ جِتِ جِتِ، هِتِ هِتِ هِتِ، نِتِ نِتِ نِتِ، چِتِ چِتِ چِتِ، ڇِتِ ڇِتِ ڇِتِ، ڀِتِ ڀِتِ ڀِتِ، تِتِ تِتِ تِتِ، اِتِ اِتِ اِتِ‘ ٽي دفعا ڪم آيل مڪرّر قافين جا مثال آهن.
    ان کان سواءِ هر قافيي جي جز ۾ تجنيس حرفيءَ جو انداز به سمايو ويو آهي، جيئن:’چڪن ڦٽ چاڪ چِت چِت چِت‘ يا ’تُنهين تون تات تِت تِت تِت‘ وغيره. غزل ۾ اندروني قافين ۽ مڪرّر قافين مان غزل ۾ ڪافيءَ جو عجيب امتزاج ٿيل ٿو لڳي.
    • چار دفعا ڪم آندل مڪرّر قافيو:
    دِل سِڪي تو لاءِ دلبر يار، دَم دَم، دَم بَدَم،
    وَر، وَريا غمگين تي، غمخوار، غَم غَم، غَم بَغَم.
    گُل گهٽي تنهنجي مٿي، ڀانيان ته ڪر بيٺو رهان،
    پر چوَن خَر خام، ماريو خار، رَم رَم، رَم بَرَم.
    دُور پنڌان ديکيان ٿو، دوست، دَر کولين جڏهن،
    چنڊ چوڏهينءَ جيئن چٽا چمڪار، چَم چَم، چَم بَچَم.
    خَر خَبر ڪئي خلق سان، ڀانيان ڀَڄي ويو چور رات،
    ديکيم سو ڪينَ پَر ڌَمڪار، ڌَم ڌَم، ڌَم بَڌَم.
    دل کي منهنجي دام پيو، لالڻ ڪُلهن سِر لاڙيا،
    وار خوشبودار ۽ خَمدار، خَم خَم، خَم بَخَم.
    يار مون گهَر پير پاتا، پيئي پاڙي ۾ پچار،
    آههِ ڇا جِي اِيءَ ڇمڪ ڇمڪار، ڇَم ڇَم، ڇَم بَڇَم.
    آءُ ته ’احمد‘ چئي ڪريون، اڄ رات ريلن ۾ رهاڻ،
    گڏ هِنيين لائي هِنيون هَموار، هَم هَم، هَم بَهَم.
    مٿئين غزل ۾ اندروني قافين کان علاوه ’دم دم دم بدم، غم غم غم بغم، رم رم رم برم، چم چم چم بچم، ڌم ڌم ڌم بڌم، خم خم خم بخم، ڇم ڇم ڇم بڇم، هم هم هم بهم‘ چار دفعا ڪم آندل مڪرّر قافيي جا مثال آهن، جڏهن ته ڄاڻايل مڪرر قافين جي آخري قافيي ۾ ’ب‘ حرف جر، جهڙوڪر رديف طور رکيو ويو آهي. بهرحال، قافيي ۾ اهڙو انداز دنيا جي ٻين ٻولين جي شاعرن ۾ به نه ٿو ملي.
    • ڇهه دفعا ڪم آندل مڪرّر قافيو:
    تار تَند تَن مَن ۾ تُون تُون، تُون ته تُون تُون، تُون لڳي،
    لال لالڻ ساڻ لُون لُون، لُون ته لُون لُون، لُون لڳي.
    دَم دَريچي مان بيهي، ديدار دلبر جو ڪيم،
    تان هَڪل هر پار هُون هُون، هُون ته هُون هُون، هُون لڳي.
    مون چيس چُمني کپي، اي نُور نيڻن، نُون ري،
    تان اڳيان انڪار اُون اُون، اُون ته اُون اُون، اُون لڳي.
    مون ڪي جيئريون جاڳنديون، جَلنديون جبل پاسي ڏٺيون،
    منجهه ڇپر ڇُونڇاٽ ڇُون ڇُون، ڇُون ته ڇُون ڇُون، ڇُون لڳي.
    دوست، تنهنجا ديد دلڙيون، ٿا جُري وانگر جهَٽين،
    چوٽ سان چوڌار چُون چُون، چُون ته چُون چُون، چُون لڳي.
    روح منهنجو روز راڻا، راڄ تنهنجي ۾ رَهي،
    ڀَونر جيئن منجهه باغ ڀُون ڀُون، ڀُون ته ڀُون ڀُون، ڀُون لڳي.
    قَلب ’احمد‘ ڪِينرو ٿيو، قرب اَهنجي ۾ قريبَ،
    روز رُڻ رُڻ راڳ رُون رُون، رُون ته رُون رُون، رُون لڳي.
    مٿئين غزل ۾ ’ تُون تُون تُون تُون تُون تُون، لُون لُون لُون لُون لُون لُون وغيره ‘ ڇهه دفعا ڪم آندل مڪرّر قافيي جا مثال آهن، جڏهن ته ڄاڻايل مڪرر قافين جي بلڪل وچ ۾ ’ته‘ جهڙوڪر رديف طور رکيو ويو آهي. اهڙو انداز ڪنهن شاعر ۾ ڳولهيو به نه لڀندو.

    روزاني سوڀ، مارچ 29، 2019 ۾ شايع ٿيل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو