اُھي بہ ڪي ڏينھن ھُئا، سڄڻ ھُئاسين گڏ آءُ تہ پرچون پاڻ ۾، ڪاوڙ کي تون ڇڏ منٿ مڃ مُنھنجي اچ گوڏي ويھُ گڏ يا نالو وٺِي سَڏُ تہ صدقو ساھُ سِسِي ڪريان..! __ سڄڻ ٻئي گڏ ھُئاسين ھَل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا پري ٿيندا نہ ھُئاسين پَل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا ”وري آءُ ورِي ٻيلي تُنھنجي سِڪ سِڪان ڪاغذ ڪيئي قرب جا رويو روزُ لکان جاني جواب نہ آيو اڃا تائين ڪٿان راھون روز ڏسان ٻيلي عبد اوھان جي آسري.“ سدا تنھنجي محبت ۾ مٺا مخمور ٿِي رھيُس سڏيندو لوڪُ ھُئو پاڳل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا بٽڻ منھنجي گلي جا ھُئا ٽُٽِي پيا، ياد ڀي ھوندئي؛ ڪئي تو مُون ھُئي کينچَل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا جُدا شبير اڄ آھيون؛ ڪڏھن پنھنجا پرين پيارا ٻٽا ڀاڪُر ھُئا پاتل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا آواز: استاد جلال چانڊيو شاعر: شبير