سڄڻ ٻئي گڏ ھُئاسين ھل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2019۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,667
    ورتل پسنديدگيون:
    6,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    اُھي بہ ڪي ڏينھن ھُئا، سڄڻ ھُئاسين گڏ
    آءُ تہ پرچون پاڻ ۾، ڪاوڙ کي تون ڇڏ
    منٿ مڃ مُنھنجي اچ گوڏي ويھُ گڏ
    يا نالو وٺِي سَڏُ تہ صدقو ساھُ سِسِي ڪريان..!

    __
    سڄڻ ٻئي گڏ ھُئاسين ھَل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا
    پري ٿيندا نہ ھُئاسين پَل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا

    ”وري آءُ ورِي ٻيلي تُنھنجي سِڪ سِڪان
    ڪاغذ ڪيئي قرب جا رويو روزُ لکان
    جاني جواب نہ آيو اڃا تائين ڪٿان
    راھون روز ڏسان ٻيلي عبد اوھان جي آسري.“



    سدا تنھنجي محبت ۾ مٺا مخمور ٿِي رھيُس
    سڏيندو لوڪُ ھُئو پاڳل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا


    بٽڻ منھنجي گلي جا ھُئا ٽُٽِي پيا، ياد ڀي ھوندئي؛
    ڪئي تو مُون ھُئي کينچَل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا

    جُدا شبير اڄ آھيون؛ ڪڏھن پنھنجا پرين پيارا
    ٻٽا ڀاڪُر ھُئا پاتل، اُھي بہ ڏينھن ھوندا ھُئا

    آواز: استاد جلال چانڊيو
    شاعر: شبير
     
    Abdul Wahid Soomro هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو