اڃا زنده آھيون!!

'راءِ شماري' فورم ۾ جاويد احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2019۔

  1. جاويد احمد سومرو

    جاويد احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2010
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ادب ، سوشل ورڪر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    هيءَ حڪومت به قريب هڪ سال گذرڻ باوجود به ملڪ ۾ خوشحالي نه آڻي سگهي آھي. اڃا ڪيترا سال عوام کي رڳو دلاسن ۽ دوکن ۾ رکيو ويندو؟! رڳو ٺلها آسرا، بس هينئر کان غربت جو خاتمو شروع آهي روزگار جا لکين موقعا به اچن ٿا، غريبن جا سڀ ڏک، اهنج ڏور ٿي ويندا۔ ڇَڙو توهان ٿورڙو اڃا وڌيڪ انتظار ڪيو، ايسيتائين صبر ڪيو جيسيتائين اوهان پاڻ بک ۽ بدحالي جي ڪارڻ زنده مڙھ ۽ کوکلا نه بڻجي وڃو!
    ۽ ائين ئي ٿيو آهي هر دؤر جيان هنن به اسانجي رت ڏوگهي هڏائون ڍانچو بڻائي ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي۔ ڪڏهن دوائن جي مَد ۾ ته ڪڏهن پئٽرول جي مَد ۾ ته ڪڏهن عام واهپي وارين شين ۾ بهرحال مهانگائي جي ٻوڏ ۾ ٻڏي ختم ٿي قربانيون ڏيندا رهيا آھيون ۽ ڏيندا رهون ٿا پيا۔
    جيڪڏهن اسين عوام کي ترت مهانگائي جي پِيڙا مان ڇوٽڪارو نه ڏنو ويو ته روزمره وانگي اسين پنهنجي رت ۽ عضوا وڪڻڻ کانپوءِ هاڻي پنهنجا ٻچا کپائڻ لاءِ لاچار ٿي پيا آھيون۔
    اسان کي موجوده حڪومت ان حال تي پهچايو آھي جو چؤ طرف اونداھ واري ڪاراڻ ئي ڪاراڻ نظر اچي پئي۔ الائي به ڇو هر حڪومت اچڻ سان آدمشماري گهٽائڻ جو فارمولو مهانگائي استعمال ڪندي آھي؟
    پاڪستان اندر اهڙو ماحول بڻايو ويندو آھي جو غريب مفلس ۽ مسڪين ماڻھو بک ، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي آپگهات ، پاڻ ئي پنهنجن ٻچن کي وڪرو يا وري پنهنجي جگر جي گوشن کي پنهنجي هٿن سان ڪُهي پاڻ اُجهائي رهيا آھن!
    هن اھڙي وڏي بڇڙي صورتحال جو ذميوار ڪير آھي؟
    هر هڪ واقعي کي بيان ڪجي ته پورو ملڪ اهڙي صورتحال جو شڪار آھي۔

    لفظن کي پورو ڪيو پنهنجي ڪمينٽس ذريعي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو