آئيني ترميمن مان عوام کي ڇا مليو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پي پي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي چاليهين ورسيء جي موقعي تي خطاب ڪندي جيڪي به ڳالهيون ڪيون انهن ۾ هڪ ڳالهه ڪٿي به ذڪر نه ٿي ته گذريل يارهن سالن جي پي پي جي سنڌ حڪومت عوام جون تڪليفون ۽ آزار گھٽائڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ارڙهين ترميم کان ون يونٽ جو ذڪر ٿيو،شهيد ڀٽي جي عدالتي قتل کان پي پي قيادت جي ڏنل عظيم قربانين جي به ڳالهه ٿي،نظرين ۽ اصولن جو تذڪرو ٿيو پر ڪٿي به عوام کي اهو سمجھائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي ته انهن اصولن ۽ نظرين جو ڇا ٿيو؟ڪٿي پيپلز پارٽي جيڪا عوامي جدوجهد ۽ اسٽيٽس ڪو خلاف مزاحمت جي پارٽي هئي ۽ ڪٿي مسلم ليگ نون جيڪا ڦٽي ئي آمريت جي ڪک مان هئي ۽ جڏهن دنيا جي بدترين آمر ان وقت جي عوامي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني ته ان وقت ان ئي مسلم ليگ جو هاڻوڪو قائد ميان نواز شريف انهيء آمر جي ڪڇ ۾ ويٺل هو ۽ عوام خلاف ان دور ۾ ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڏاڍ ۾ انهيء آمر سان شريڪ ۽ شامل هو پر وقت جي ستم ظريفي چئجي يا اصولن جو نڪتل جنازو جڏهن اڄ پيپلز پارٽيء جي هاڻوڪي قيادت هر هنڌ ميان نواز شريف جو دفاع ڪندي نظر اچي ٿي ۽ پي پي چيئرمين خود هن کي ”نظرياتي“ هئڻ جو لقب ڏيئي چڪو آهي.بحث اهو ناهي ته اسٽيبلشمينٽ ڇا ٿي ڪري ۽ ڇا ٿي سوچي پر بحث اهو آهي ته انهيء سموري ڇڪتاڻ ۾ پيپلز پارٽي ڪٿي بيٺل آهي؟اها ڪا گھڻي پراڻي ڳالهه ناهي جو سينيٽ جي گذريل چونڊن کان بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت ڪيرائڻ تائين پي پي قيادت ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ادا ڪيو؟ان وقت ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هو،ارڙهين ترميم کي نه ڪو خطرو هو ۽ نه ئي ون يونٽ ٺهڻ جو ڪو خدشو ظاهر ڪيو ويو؟ اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي جو زرداري صاحب ۽ بلاول ٻئي نواز شريف کي شيخ مجيب سان تشبيهه ڏيئي ملڪ جي سالميت لاء خطرو قرار ڏيئي رهيا هئا،کيس دنيا جو وڏي ۾ وڏو چور ۽ ڌاڙيل سڏي رهيا هئا پر هاڻي اهو ئي نواز شريف هنن مطابق ”مزاحمت“ جي علامت بڻيل آهي.شايد اسان جي سياستدانن کي پڪ آهي ته ماڻهن جو حافظو گھڻو ڪمزور آهي ۽ اهي جلد ئي پويون شيون وساري ويهن ٿا ۽ سندن اهو خيال آهي به صحيح! عوام جلد ئي پويون ڳالهيون وساري سياستدانن جا نت نوان منطق نه رڳو ٻڌڻ شروع ڪيو ڏئي پر انهن جي ورتل هر يو ٽرن تي واهواهه ڪرڻ لڳي ٿو.هونئن ڏٺو وڃي ته اسان جي حڪمران ۽ سياسي اشرافيا وٽ اهڙي ته جادوئي ڪرامت آهي جو اهي ڀلي ڇا به ڪن، يوٽرن وٺن يا سياسي ڪلٽيون کائين،پنهن جن لفظن جي پاڻ نفي ڪن يا رات وچ ۾ پنهنجن ئي اصولن جي لاشن جا بلند مينار جوڙي وٺن اهي” ليڊر“ ئي رهن ٿا.انهن جا چهرا ايترا معصوم آهن جو هر ڪنهن کي انهن تي ڪهل اچيو وڃي.انهن جون خواهشون به نهايت ئي معصوم ۽ عجيب آهن.هاڻي سندن خواهش آهي ته عوام اٿي ۽ گرمين جي هن موسم ۾ پنهنجن پيارن رهبرن لاء ٻرندڙ باهه ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏي،انهن لاء تپندڙ روڊن تي پنهنجا جسم ساڙي ۽ پوليس جون لٺيون جھلي.جيئن سنڌيء ۾ چوندا آهن ته ”کٽيو کائي فقير ۽ لٺيون جھلي ڀولڙو“ سو شايد عوام لاء وري اهو وقت اچي ويو آهي جو اهي اٿن ۽ پنهنجن محبوب اڳواڻن جي معصوم خواهش پوري ڪن پر لڳي ٿو ته عوام به هاڻي ڪجهه سياڻو ٿي ويو آهي،اهي جلسن جلوسن جي حد تائين ته انهن محبوبن جا ماڻا مڃي وٺن ٿا جو انهن جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاء کين ڪجهه نه ڪجهه لائين خرچ ملي وڃي ٿو پر محبوبن جي اها سنگدلاڻي خواهش ته عوام اٿي ڪا تحريڪ هلائي ۽ کين وقت ۽ حالتن جي سختين کان بچائي اهو شايد هاڻي ڪجهه ڏکيو بڻجي ويو آهي.ماضيء ۾ ملڪ توڙي صوبن ۾ ڏهاڪن سالن تائين حڪومتون ڪندڙ سياسي ڌريون معصوميت وچان هاڻوڪين سمورين معاشي مشڪلن ۽ مهانگائيء متعلق اهڙي ته معصوماڻي انداز ۾ هاڻوڪي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيون آهن ڄڻ ته انهن ويچارن کي ڪا خبر ئي نه هجي ته سندن حڪومتي دورن ۾ عوام جو ڇاحشر ٿيندو رهيو آهي. اهو صحيح آهي ته هاڻوڪي حڪومت ڪا واضح معاشي پاليسي ڏيڻ ۽ مهنگائي روڪڻ ۾ بريء طرح ناڪام ويئي آهي پر ان سموري صورتحال جو اڪيلو ذميدار رڳو موجوده حڪومت کي ڪيئن قرار ڏيئي سگھجي ٿو؟ماضيء جي حڪمرانن جن ملڪي معيشت جو مبينا ڪرپشن، اقربا پروريء ۽ انتظامي نااهليء سبب جيڪو حال ڪيو گھٽ ۾ گھٽ انهن کي هن وقت عوام جي درد وچان رڙيون نه ڪرڻ گھرجن ڇو ته عوام سان گھٽ ظلم انهن پاڻ به نه ڪيو آهي.سواء ڪجهه ميگا منصوبن جي جن مان انهن ڳريون ڪميشنون ڪمائڻ جي ٻيو عوام لاء ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.هيء جيڪا ادارن جي خراب حالت،معيشت جي بربادي ۽ بجيٽ جو خسارو آهي اهو سڀ ڪجهه رات وچ ۾ نه ٿيو آهي جو اهي وڏي آرام سان پنهنجو پاڻ کي فرشتا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن حڪومت گئس،بجلي،تيل ۽ دوائون مهانگيون ڪري عوام سان گھڻو ناحق ڪيو آهي پر ان سموري معاملي کي ماضيء جي گڏيل صورتحال کان جدا ڪري نٿو ڏسي سگھجي.اڄ ملڪ جون اٽڪل سموريون سياسي ڌريون نيب جي باري ۾ رڙيون ڪري رهيون آهن ته انهيء جا قانون ڪارا قانون آهن پر هيترو عرصو حڪومتن ۾ رهڻ باوجود انهن ان سلسلي ۾ ڪا قانونسازي ڇو نه ڪئي؟ملڪي ادارن جي سڌاري لاء ڪي قدم ڇونه کنيا؟ پوليس جو نظام بهتر ڇونه بنايو ويو؟ غربت گھٽائڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاء ڪهڙي منصوبا بندي ڪئي ويئي؟ زراعت جي سڌاري لاء ڇا ڪيو ويو؟جيڪر اهي ادارا هنن جي دور ۾ ايترا ئي سڌري ويا هئا ته پوء اڄ انهن ادارن خلاف ماتم ڇو پيو ڪيو وڃي؟مڃيوسين ته ارڙهين ترميم صوبن جي مفاد ۾ آهي پر سوال اهو ته ان ارڙهين ترميم ذريعي صوبن جي غريب عوام جي زندگين ۾ ڪهڙو عظيم انقلاب برپا ٿيو،ڇا ٻهراڙين جا روڊ رستا جڙي ويا؟ اسپتالن ۾ غريبن لاء علاج جون مناسب سهوليتون ميسر ٿي وييون؟ تعليم جي ميدان ۾ انقلاب اچي ويو؟ماڻهن خود ڪشيون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون؟ نوجوانن کي سندن تعليمي ڊگرين مطابق مناسب روزگار ملي ويو؟ انصاف جو مدي خارج نظام درست ٿي ويو؟ بجليء ۽ گئس جي لوڊ شيڊنگ هميشه لاء ختم ٿي ويئي؟ اقليتن،بيواهن،لاچارن ۽ ٻارڙن جا سمورا حق محفوظ ٿي ويا؟غربت جو راڪاس جهڙيء طرح اڄ روڊن رستن تي ڊوڙندو نظر اچي ٿو ڇا ماضيء جي حڪومتن ۾ ساڳيو حال نه هو؟ ملڪ جي تاريخ جي ڪا هڪڙي حڪومت ته ٻڌايو جنهن ۾ جمهور کي ٻن وقتن جي ماني سولائيء سان نصيب ٿي هجي؟ هتي سدائين ٻه پاڪستان رهيا آهن ۽ انهيء استحصالي نظام جي موجودگيء ۾ اهي ٻه پاڪستان ئي رهندا.هڪڙو غريب عوام جو پاڪستان ۽ ٻيو اشرافيا جو پاڪستان.جناب بلاول ڀٽو زرداري جيڪو هن وقت پنهنجي پوري توانائي ۽ وقت وفاقي حڪومت خلاف ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪري رهيو آهي ڪاش هو ڪجهه وقت ڪڍي سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن جي ڪارڪردگيء تي به نظر گھمائي ته سنڌ جي ڏتڙيل ۽ ستايل عوام جنهن سدائين پيپلز پارٽيء کي اقتداري ايوانن ۾ پهچايو انهن جا سندن حڪومت ڪيترا ايذاء ۽ آزار گھٽائڻ ۾ ڪامياب ويئي آهي.اهي وفاق جي ناانصافيء جو هوڪو ڀلي ڏين پر سندن حڪومت سنڌ جي عوام سان جيڪي ناانصافيون ڪندي آئي آهي ڪجهه انهن جو حساب به ٿيڻ گھرجي.سنڌ سان ظلم رڳو وفاق نه ڪري رهيو آهي پر سنڌ جي عوام سان پيپلز پارٽيء جي سنڌ حڪومت به سٺو سلوڪ نه ڪري رهي آهي.اهو صحيح آهي ته سنڌ جي عوام سدائين ڀٽن جي نالي تي پيپلز پارٽيء کي عزت ۽ محبت ڏني آهي پر سنڌ جي عوام کي ان جي بدلي ۾ ڇا مليو آهي؟ انهيء سوال جو جواب سنڌ جي عوام سامهون نواز شريف،عمران خان يا ڪنهن ٻئي نه پر رڳو بلاول ڀٽو زرداريء کي ئي ڏيڻو آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو