سنڌڙيءَ جي ميران ٻائي
علي احمد بروھي
تاريخ 13 اپريل 1988ع تي سنڌ ۾ ٻه ورسيون ملهايون پيون وڃن. هڪ سنڌ جي آرياڻي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي، ۽ ٻي سنڌڙيءَ جي هڪ نماڻي فقيرياڻي ”مائي بيگي“ جي. جنهن گذريل سال هن مهيني جي 13 تاريخ وفات ڪئي. ”فقير سڏائڻ“ ته شايد اڄوڪي زماني ۾ هڪ فئشن هجي پر غربت ۽ عاجزيءَ جيان فقيريءَ جي ”ولايت“ به مائي بيگيءَ کي ورثي ۾ نصيب ٿي. سندس مسڪين گهراڻي جا ڪيئي ڀاتي، مرد توڻي عورتون ان روحاني رنگ ۾ رتل هئا.
”مائي بيگي“ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر جي هڪ ننڍڙي واهڻ جي ڳوٺاڻي هئي. سندس مٽ مائٽ يا ته مياڻين ۾ مڇي مارڻ جي ڪرت ڪندڙ هئا يا وري ٻيڙياتا ميربحر هئا. سندس پيءُ هارون فقير پاڻ به ”پاتڻي“ هو. دراصل مائي بيگيءَ نه فقط جنم ”بتيلي“ تي ورتو هو پر زندگيءَ جو وڏو حصو به ٻيڙين تي گهاريو هئائين. راڳ ويراڳ جي ستي به کيس امڙ جي لوليءَ جيان ٻاروڻي وهيءَ ۾ ملي، جئن ته سندس ابو ”هارون فقير“ پتڻ هاڪارڻ سان گڏ ڳائڻ وڄائڻ ۾ به خاصي مهارت رکندڙ هو. پنهنجي نياڻيءَ جي سريلي آلاپ ۽ سندس راڳ سان لڳاءُ ڏسي کيس ڳائڻ لاءِ همٿائڻ جي علاوه مٽن مائٽن جي شادين مرادين ۽ درگاهن جي ميڙن تي پاڻ سان وٺي ويندو هوس، خاص طور شاهه ڀٽائي جي ميلي تي. آخر ڪو اهڙو ويرو به آيو جو وقت جي وهڪري سان گڏ مائي بيگيءَ جي ”الوميان“ واري گونج، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌجڻ لڳي. هي زمانو مائي جيوڻي، الهڏنو نوناري ۽ ڀڳت ڪنور جي موسيقيءَ وارو سونهري دؤر هو. مائي بيگي ٽنهي ڳائڻن جي ڀيٽَ ۾ هڪ جيتا مڙيءَ جي حيثيت مس رکندڙ هئي پر تڏهن به ٻهراڙين جي ماڻهن ۾ مانگ مقبوليت مائي بيگيءَ جي هوندي هئي. شايد هن ڪارڻ جو هوءَ هر پير فقير جي چونڪيءَ يا غريب غربي جي ڪاڄ ڳائڻ لاءِ وڃي حاضر ٿيندي هئي.
اتر سنڌ ۾ مائي بيگي، سنڌ جي ”ڪوئل“ سڏي ويندي هئي. ٻارهوئي ڪارو ماتمي ويس ورتائيندي هئي. وري سون تي سهاڳو جو ڳچي ڳل سڳا ڌاڳا ۽ ڳانا به هوندا هُيس ڪاري رنگ جا. مون کي ياد نه آهي ته مائي بيگيءَ ڪڏهن ڪاري رنگ کان سواءِ ڪو لٽو ڪپڙو پاتو. مون کي ته شڪ آهي ته اڇي ڪفن جي لباس ۾ مائيءَ بيگيءَ کي منڪر نڪير به مشڪل سڃاتو هجي. هونئن به ملائڪ مماتيءَ وارن کي ”پار پتن“ تي سڃاڻندا آهن. نالو ته قبر ۾ اچي پوءِ پڇا ڪندا آهن!
فقيريءَ جي طريقي ۽ سلسلي جي لحاظ کان مائي بيگان، ”چڪ ڀرڪڻ“ جي بزرگ ”فيض درياهه“ جي گادي نشين سائين ولايت شاهه جي مريدياڻي هئي. پر دلي لڳاءُ ۽ روحاني ناتي سان پاڻ کي لطيف سائينءَ جي ”گولي“ سڏائيندي هئي. ڏاڍي پاٻوهه سان هام هڻي چوندي هئي ته سموري عمر ۾ سهڻي لطيف جي درگاهه تان من ڀلجي ڀيرو نه ڀڳو آهي. عرس جا ٽيئي ڏينهن اچي ڀٽ تي ٽڪندي هئي، شاهه لطيف ته سنڌ جو سائين آهي پر مائي بيگي ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي درگاهه تي چونڪي ڏيندي رهندي هئي. هونئن به راڳ ويراڳ جو سنڌي بزرگن سان ڪو گهاٽو پيچ پيل ٿو ڏسجي .. مون ليکڪ ۽ شاعر بي پير برابر ڏٺا. پر آءٌ نه سنبران ته ڪو ڳائڻو يا ڳائڻي سواءِ ڪنهن روحاني اعتقاد يا عقيدي جي هجي.
راڳ لاءِ ٻڌو اٿم ته کيس موسيقيءَ جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي ۽ فرمائش تي نيم ڪلاسيڪي موسيقي به ڳائي ۽ نباهي سگهندي هئي. پر سندس دلپسند دائرو ”ديسي راڳ“ هيو. هونئن به سنڌي راڳ کان مراد آهي ”ڪافي“. پوءِ ”ڏس ڪو ڏانوءُ“ هُجي. ”آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه“ هجي يا ”پيرين پوندي سانءِ ۽ چوندي سانءِ“ هجي. الهه ڏنو نوناري الاجي ڪيئن اچي سرگم، ڏانهن پلٽيو ڄاڙي ڏڪائڻ يا ٻاگھي هڻڻ کي راند ته چئي ٿو سگجي ۽ نه راڳ. مائي بيگي به سنڌي سليمي راڳ جي سانئڻ هئي.
مائي بيگيءَ جي ڪلام جا ڪجهه ڪيسٽ ريڊيو پاڪستان طرفان ڀريا ويا هئا. هاڻ خبر نه آهي ته اهي ڪيسٽ جيئرا جاڳندا آهن يا وري گاٺ ڪري گهگھا ٿي چڪا آهن. اسلام آباد جي لوڪ ورثه پاران پڻ مائيءَ جي آلاپ کي رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن جي غوغاءُ ته اڃان ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. وري به شڪر آهي جو سنڌالاجيءَ وارن سندس انٽرويو رڪارڊ ڪيو هو. جنهن جي محفوظ هئڻ جي يقين ڪامل ڪري ٿو سگهجي.
زندگيءَ جا آخري سالَ بيماريءَ ۾ بسر ڪيائين. عارضي جي شدت ۾ به شاهه جا بيت جھونگاريندي رهندي هئي. ڪيتري به پيڙا هوندي، ٻاهرين ٻني ڏيکاري ائين ڏيندي هئي ڄڻ ته کيس ڪا تڪليف ئي ڪانه آهي. شعبان جي مهيني ۾ سندس ناچاقيءَ ۾ اضافو ٿيو. تاريخ تيرهين اپريل 1987ع تي روهڙيءَ ۾ دم ڏنائين. جِتي سندس آخري آرام گاهه آهي. ٿي سگهي ٿو ته کيس ڪوهه ندا جو سڏ به هن بيت ۾ ٿيو هُجي:
اوڏڻ اوڏي آءٌ، توکي لاکي ڪوٺئو،
ته لهي تو مٿاءُ، سندو مٽيءَ مامرو.
ڪتاب : حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو