سنڌسلامت جِي ڏھين سالگرہ جي موقعي تي وعدي مطابق سَٿَ جي ڪاوشن سان ۽”سنڌسلامت لفظيڪار“ جِي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن پيش ڪري رھيا آھيون. لفظيڪار جِي آنلائن ويب-ايپليڪيشن سنڌسلامت طرفان اڳ ئي پيش ڪئي وئي ھُئي پر اوھان دوستن جي اصرار تي ھِن کي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن جي صورت ۾ آڻي اُن کي بنا انٽرنيٽ جي استعمال جوڳو بڻايو ويو آھي. سنڌسلامت لفظيڪار سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو اهڙو ته جامع ڊيٽابيس آهي جنهن کي سهيڙي پروگرامنگ ذريعي ڪنٽرول ۾ آندو ويو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لُغت تي تحقيق ڪندڙڻ لاءِ نوان رستا کولي ٿو. لفظيڪار نہ صرف مُحققن لاءِ فائديمند آھي پر ھِي شاعرن لاءِ جھڙوڪر ڏات ديوي آھي. سنڌسلامت لفظيڪار ذريعي توھان ڪوبہ سنڌي لفظ لکي اُن جا ھم آواز ۽ ھم-وزن قافيہ آسانيءَ سان ڳولھي سگهو ٿا، جنھن جا مُکيہ فيچرز ھِي آھن: · آفلائن جامع ڊيٽابيس · 5 ميگابائٽ والاريندڙ ھلڪو · استعمال ۾ سولِي ۽ يوزر فرينڊلي ڊزائن · ھمقافيہ لفظن جي تُرت ڳولا · شروع وارن اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا · آخر وارن اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا · وچ وارن اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا · جامع ۽ مستند لفظن جو ذخيرو استعمال ڪندڙن لاءِ رھنمائي: *** هم قافيه لفظ ڳولڻ: *** هم قافيه لفظ ڳولڻ لاءِ اهان ڪو به لفظ جيئن جو تيئن لکو. مثال: جيڪڏهن اوهان لفظ ”مند“ لکي ڳولا ڪريو ٿا ته اوهان کي نتيجي ۾ هيٺيان لفظ ملندا: بند، پسند، ڏند، منجهند وغيره *** سواليه نشان (؟) استعمال ڪندي لفظ ڳولڻ *** لفظيڪار جي ڳولا جي سرشتي ۾ سواليه نشان ڪنهن لفظ جي محدود اڻڄاتل اکرن جي جڳهه تي استعمال ڪري سگهجي ٿويعني اهڙو لفظ ڳولڻ جنهن جو ڪو اکر معلوم نه هجي. مثال جيڪڏهن اوهان ”م؟د“ لکي ڳوليندا ته اوهان کي هيٺيان نتيجا ملندا: مدد، مرد، مند، مڙد وغيره ***ايسٽيرڪ (*) جو استعمال ڪندي لفظ ڳولڻ*** لفظيڪار جي ڳولا جي سرشتي ۾ ايسٽيرڪ (*) نشان ڪنهن لفظ جي لامحدود اڻڄاتل اکرن جي جڳهه تي استعمال ڪري سگهجي ٿويعني اهڙا لفظ ڳولڻ جنهن ۾ اکرن جي رينج اڻڄاتل هجي. مثال جيڪڏهن اوهان ”م*د“ لکي ڳوليندا ته اوهان کي هيٺيان نتيجا ملندا: محمد، موجود، مدد، مسجد، مقصد، مراد، مرد، محمود وغيره. ھِي ايپليڪيشن سَٿَ جي سرواڻ عبدالرشيد سمون ۽ سليمان وساڻ جِي رھنائيءَ ۾ سنڌسلامت جي ٻن پروگرامرن، عبيد ٿھيم ۽ سجاد علي چنا جِي اڻٿڪ محنتن جو نتيجو آھي، جيڪا اوھان جي تنقيد ۽ رھنائيءَ جِي منتظر آھي. پلي اسٽور جي ھِن لنڪ تان توھان پنھنجي اينڊرائيڊ ڊوائس ۾ نصب ڪري سگهو ٿا. https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.lafzikar