حاضر آهي سنڌسلامت جي ڏهين سالگرھ جو تحفو، لفظيڪار جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2019۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌسلامت جِي ڏھين سالگرہ جي موقعي تي وعدي مطابق سَٿَ جي ڪاوشن سان ۽”سنڌسلامت لفظيڪار“ جِي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن پيش ڪري رھيا آھيون. لفظيڪار جِي آنلائن ويب-ايپليڪيشن سنڌسلامت طرفان اڳ ئي پيش ڪئي وئي ھُئي پر اوھان دوستن جي اصرار تي ھِن کي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن جي صورت ۾ آڻي اُن کي بنا انٽرنيٽ جي استعمال جوڳو بڻايو ويو آھي.

    سنڌسلامت لفظيڪار سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو اهڙو ته جامع ڊيٽابيس آهي جنهن کي سهيڙي پروگرامنگ ذريعي ڪنٽرول ۾ آندو ويو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لُغت تي تحقيق ڪندڙڻ لاءِ نوان رستا کولي ٿو. لفظيڪار نہ صرف مُحققن لاءِ فائديمند آھي پر ھِي شاعرن لاءِ جھڙوڪر ڏات ديوي آھي.

    سنڌسلامت لفظيڪار ذريعي توھان ڪوبہ سنڌي لفظ لکي اُن جا ھم آواز ۽ ھم-وزن قافيہ آسانيءَ سان ڳولھي سگهو ٿا، جنھن جا مُکيہ فيچرز ھِي آھن:

    · آفلائن جامع ڊيٽابيس

    · 5 ميگابائٽ والاريندڙ ھلڪو

    · استعمال ۾ سولِي ۽ يوزر فرينڊلي ڊزائن

    · ھمقافيہ لفظن جي تُرت ڳولا

    · شروع وارن اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا

    · آخر وارن اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا

    · وچ وارن اکرن تي مشتمل لفظن جي ڳولا

    · جامع ۽ مستند لفظن جو ذخيرو


    استعمال ڪندڙن لاءِ رھنمائي:

    *** هم قافيه لفظ ڳولڻ: ***

    هم قافيه لفظ ڳولڻ لاءِ اهان ڪو به لفظ جيئن جو تيئن لکو. مثال: جيڪڏهن اوهان لفظ ”مند“ لکي ڳولا ڪريو ٿا ته اوهان کي نتيجي ۾ هيٺيان لفظ ملندا:

    بند، پسند، ڏند، منجهند وغيره

    *** سواليه نشان (؟) استعمال ڪندي لفظ ڳولڻ ***

    لفظيڪار جي ڳولا جي سرشتي ۾ سواليه نشان ڪنهن لفظ جي محدود اڻڄاتل اکرن جي جڳهه تي استعمال ڪري سگهجي ٿويعني اهڙو لفظ ڳولڻ جنهن جو ڪو اکر معلوم نه هجي. مثال جيڪڏهن اوهان ”م؟د“ لکي ڳوليندا ته اوهان کي هيٺيان نتيجا ملندا:

    مدد، مرد، مند، مڙد وغيره


    ***ايسٽيرڪ (*) جو استعمال ڪندي لفظ ڳولڻ***

    لفظيڪار جي ڳولا جي سرشتي ۾ ايسٽيرڪ (*) نشان ڪنهن لفظ جي لامحدود اڻڄاتل اکرن جي جڳهه تي استعمال ڪري سگهجي ٿويعني اهڙا لفظ ڳولڻ جنهن ۾ اکرن جي رينج اڻڄاتل هجي. مثال جيڪڏهن اوهان ”م*د“ لکي ڳوليندا ته اوهان کي هيٺيان نتيجا ملندا:

    محمد، موجود، مدد، مسجد، مقصد، مراد، مرد، محمود وغيره.


    ھِي ايپليڪيشن سَٿَ جي سرواڻ عبدالرشيد سمون ۽ سليمان وساڻ جِي رھنائيءَ ۾ سنڌسلامت جي ٻن پروگرامرن، عبيد ٿھيم ۽ سجاد علي چنا جِي اڻٿڪ محنتن جو نتيجو آھي، جيڪا اوھان جي تنقيد ۽ رھنائيءَ جِي منتظر آھي.

    پلي اسٽور جي ھِن لنڪ تان توھان پنھنجي اينڊرائيڊ ڊوائس ۾ نصب ڪري سگهو ٿا.

    https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.lafzikar





    [​IMG]
    [​IMG]
     
    معصوم سنڌي ۽ ابن الھيار هيء پسند ڪيو آهي
  2. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    تمام بھترين سدا خوش ھجو آباد ھي اپليڪيشن ڏسي بي حد خوشي ٿي ...بھترين ڪارائتو اپليڪيشن آھي ..
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    البته ھي لوڊ نٿو ٿئي انجو ڇا سبب آھي؟ مون کي سمجھ ۾ نه پيو اچي ..
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا توھان ڇا پيا لوڊ ڪرڻ چاھيو؟ ايپليڪيشن ۾ ڪو ايرر آھي؟
     
  5. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    تمام بھترين سدا خوش ھجو.
    Sindhi News
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو