پيار ۽ محبت جو شاعر ”حافظ محمد اسلم مهيسر“

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد طارق مهيسر طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2019۔

  1. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    پيار ۽ محبت جو شاعر ”حافظ محمد اسلم مهيسر“
    تحرير: محمد طارق مهيسر

    دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صوفين،
    درويشن، بزرگن، اوليائن ۽ ڪامل ولين جي طور تي سڃاتي ويندڙ سنڌ ڌرتي، جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ الله جي نيڪ ٻانهن، انسان ذات سان پيار ڪندڙ، محبت کي وڌائڻ ۽ امن سان رهڻ جو درس ڏيندڙ صوفين ۽ اوليائن جون درگاهون آهن۔ حافظ محمد اسلم مهيسر به انهن ڪامل ولين مان هڪ آھي۔ جنهن پنهنجي زندگي ۾ انسان سان وڌ ۾ وڌ پيار، امن، اتحاد ۽ ٻڌي ۾ رهڻ جو پيغام ڏنو آھي۔ پيار ۽ محبت جو شاعر حافظ اسلم مهيسر جو فقيراڻو پهلو اهو به هيو ته پاڻ هر دوست ڏي ڏک، سک، شادي ۽ غمي ۾ ڪهي وڃڻ کي عبادت سمجهندا هئا۔ سندس جو هڪ ٻيو شاندار پهلو اهو به هيو ته اوطاقن کي آباد ڪرڻ، ڪچھرين، شعر و شاعري توڙي مشاعرن جا مانڊاڻ مچائڻ به هڪ اهم مشغلو هوندو هو۔ حافظ صاحب جي پيار ۽ محبت جو اندازو انهي ڳالھ مان چڱي طرح لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ پنهنجي دوستن سان گڏجي جن ۾ خاص ڪري سندس همعسر شاعر ۽ اديب استاد ڊاڪٽر عطا محمد حامي ۽ ٻين دوستن سان گڏجي قربن ڀري تنظيم قائم ڪئي جنهن جو نالو پريم پارٽي رکيو ويو۔ هن تنظيم جو مقصد صرف پيار ۽ محبت ۽ انسانيت سان پيار جو اعلان هيو۔ مطلب ته حافظ صاحب جي طبيعت ۽ مزاج ۾ صرف پيار ۽ محبت ئي سمايل هوندي هئي۔ ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي شعر وانگي ته۔۔
    ڪائنات ۾ ڪنهن سان به ڪلفت نه ٿا رکون مذھب اسانجو محبت، خدا گواھ ”
    حامي صاحب“
    جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حافظ صاحب نفرت، تضاد ۽ ڪنهن جي لاء دل ۾ بغض رکڻ کي گناھ سمجهندو هو۔
    حافظ صاحب بهترين شاعر، محقق، تاريخدان هئڻ سان گڏ حافظ قرآن، عالم دين ۽ علم شناس شخصيت هئا۔ سندس جي شاعري ۾ گهڻي ڀاڱي حمد، نعت، گيت ۽ غزل شامل آهن۔
    پنهنجي ڪلام ۾ خدا تعالي جي ثناء ڪجھ هن ريت ڪري ٿو۔
    اول خدا آخر خدا باطن خدا ظاهر خدا واجب ثنا سڀ تي روا ھر جاء تي قادر خدا
    انهي کانپوء مٺڙي مرسل ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صه جن جي ساراھ هن ريت بيان ڪئي آهي۔
    الله جي اسرار ۾ مقبول محمد صه دارين جي دربار ۾ مقبول محمد صه
    جنهن کانپوء وطن جي حب ۽ ڪشمير کي به سهڻي طريقي سان بيان ڪيو اٿائين۔
    ان کان علاوه وڏائي، تڪبر ۽ غرور ڪندڙ سرندي وارن کي فرعون سان مشابهت ڏيندي هيئن ٿو چوي۔
    تڪبر جو اڃان آ مرض بس فرعون پارن ۾ غريبن جي نڪا اميد آ سرمايه دارن ۾
    حافظ صاحب ڪامورن ۽ آفيسرن جي من مستين ۽ رشوت وٺڻ غريبن کي ڦرڻ لاء ڇا ته بيان ڪيو اٿس۔
    گرم بازار ٿا رشوت سندي چاهن ڪامورا غريبن کي ڦري کائون نه پورت آ پگهارن ۾
    حافظ صاحب جي شاعري حق، سچ، انصاف، ڀائپي، امن، پيار ۽ محبت جي ترجماني ڪري ٿي۔ ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسان هن عظيم صوفي شاعر جي عظيم پيغام کي سمجهندي پنهنجي زندگي کي سڦل ۽ سجايون ڪيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو