سچو سياح: عبدالحئي پليجو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سچو سياح: عبدالحئي پليجو

    اسحاق انصاري

    شل نه ڪنهن کي سير سپاٽي جو خفت لڳي، پوءِ هن جي زندگيءَ جو هڪ لازمي جُز بڻجي پئي ٿو. پوءِ اهو ننڍي هوندي، بلبلون ڦاسائڻ جوخفت هجي جو ان ۾ جھنگ جھر لتاڙڻو ٿو پئي يا وري نٽهڻ اس ۾ ڏينهن تتي جو ڀنڀوريون يا ڏينڀو پڪڙي ان جي چيلهه ۾ ڌاڳو وجھي لغڙ ڪري اڏائڻ هجي. يا پنهنجي ئي تر جي ڳوٺن يا ماڳن جو گھمڻ مزو ڏيندو هجي، مطلب ته ان خفت جي شروعات ته ننڍي هوندي کان پنهنجي وسيلن ۽ پهچ مطابق ٿئي ٿي. اهڙي ريت جڏهن وري وڏي هوندي ڪي وسيلا ۽ ذريعا ڪري اچن ٿا ته پوءِ ملڪ جون سرحدون لتاڙي دنيا جي ماڳن مڪانن، ڀنڀورين، بلبلين ۽ ڪبوترين جي پڪڙ شروع ٿئي ٿي. جڏهن هڪ ڀيرو اهو نشو چڙهي ٿو ته پوءِ ڪجھه مهينا يا سال گھر ۾ رهڻ کان پوءِ ڪنهن هيروئني جيان بدن ۾ خارش ٿئي ٿي ته ڪنهن ملڪ نڪرجي، پوءِ ڪڏهن اهوديس بديس هجي، يا هُو جي وڻ ولات جا هجن، يا بندر مون ڏور ٿيا، يا ڪجل ڀنل نيڻ هجن، مطلب ته الائي ڪيترا قصا، منظر، لقاءَ ۽ واقعا جمع ٿي وڃن ٿا پوءِ وري دل ۾ اچي ٿي تو دوستن کي ذاتي محفلن ۾ تي حال احوال ڏناسين پر ڇو نه اهي ٻين سڀني سان به ونڊ ڪيون ته پوءِ قلم کڻي لکڻ شروع ڪجي ٿو ته اهي ڪتابي صورت ۾ سفرناما بڻجي عوام آڏو اچن ٿا.

    اڄ هونئن ته سائين عبدالحئي پليجي جي آتم ڪٿا جي ڪتاب جي مهورت آهي، پر مون کي چيو ويو آهي ته سائين جي سفرنامن جي حوالي سان ڪجھه ڳالهايان. مان ڳالهايل لفظن کان وڌيڪ لکت وارن لفظن کي اهميت ڏيندو آهيان، ڇو جو ڳالهايل لفظن جي زندگي ڏاڍي مختصر ٿئي ٿي جڏهن ته لکت ۾ آيل لفظ تاريخ جو حصو ٿين ٿا. ان ڪري اڄ ڪالهه ٿيندڙن لٽريچر فيسٽيول کي مان ايترو ڪارائتو نه ٿو سمجھان جيترو ڪنهن ڪانفرنس، سيمينار يا سموپوزيم کي ڇو جو انهن ۾ پڙهيل آرٽيڪل يا مضمون ايندڙ نسلن لاءِ به ڪارائتا ٿين جڏهن ته ميلن ۾ ڳالهايل لفظ وقت جي دز ۾ گم ٿي وڃن ٿا.
    عبدالحئي پليجي صاحب به پنهنجي سڦل زندگيءَ کي ڪتابن جي صورت ۾ آڻي امر ڪري ڇڏيوآهي. مون ذڪر پئي ڪيو ته مون کي سفرنامن تي ڪجھه ڳالهائڻو آهي. پر توهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته مان سفرنامن کي آتم ڪٿا جا باب سمجھندو آهيان ڇو جو اهي به ان شخص جنون ڳالهيون آهن جيڪي هن ڪنهن ٻي ملڪ يا ٻين ماڳن مڪانن ۽ ماڻهن سان گڏ گھاريندي گذاريون آهن.
    پهرين ته مان ذڪر ڪندس ته مائيگريشن جيان ماڻهو سفر Push Pull يا فيڪٽر جي ڪري ڪندا آهن. پُش فيڪٽر جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو ملڪ ۾ روزگار نه ملڻ يا ڪنهن جنگي يا سياسي يا مذهبي يا قدرتي آفتن جي ڪري سفر ڪندا آهن. جڏهن ته پُل فيڪٽر ۾ ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪرڻ يا انهن ملڪن جي ماڳن مڪانن يا قدرتي نظارن مان حِظ حاصل ڪرڻ لاءِ سفر ڪندا آهن. عبدالحئي پليجي جا سفر به ٻي سبب يعني پُل يا ڇِڪ جي ڪري ٿيا آهن. اها ڇِڪ نئين ملڪ جي تواريخي ماڳن، يا اتان جي فطري ۽ انساني سونهن يا مڪان کي ڏسڻ يا اتان جي ڪنهن جڳ مشهور آرٽسٽ يا آرڪيٽيڪچر جي شاهڪار کي ڏسڻ لاءِ گھران هڙ ٻڌي پنڌ کي ڇڪيو آهي. مان اها راءِ ضرور ڏيندس ته پليجي صاحب جي پهرين دور وارن سفرنامن ۽ ويجھڙ وارن سفرنامن ۾ ڪجھه فرق آهي. پهرين سفرن ۾ سندس لکڻين ۽ مشاهدن ۾ جماليات ڪجھه سرس نظر اچي ٿي جڏهن ته پوين سفرنامن ۾ ان ۾ ٿوري ڪمي نظر اچي ٿي.
    شاعري پڙهندي جيئن ڪڏهن شاعر جون ڪجھه سٽون چورائڻ تي دل چوندي آهي ايئن ئي سائين عبدالحئي پليجي جا سفرناما پڙهندي دل چاهيو ته ڪجھه سِٽون چورائي اوهان سان به ونڊ ڪيان.
    “آءُ اڃان ننڍو ھئس ته بابي مرحوم وٽ سندس پُراڻا ساٿي سنگتي اچي مھمان ٿيندا ھئا. حال احوال اوريندي پُراڻين يادگيرين جا دفتر کولي وجھندا ھئا. ڪي ذاتي زندگيءَ جا ڏُک سُک ته ڪي قومي سياست جا يادگار ۽ نه وسرندڙ واقعا ھُنن جي سُخن جا موضوع ھوندا ھئا. بابو مرحوم ورھاڱي کان اڳ جي ھندستاني سياسي صورتحال جو رڳو تماشائي نه ھُئو پر ھن گانڌي جي آشرم کان وٺي نھروءَ جي سدابھار ساٿ ۽ سُباش چندر بوس جي جوشيلي انقلابي صحبت جو به سواد ماڻيو ھو. ھندستان جي آزادي جي ھلچل ۾ ھڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ اتر کان وٺي ڏکڻ تائين ھُن سرزمين ھند کي گھُميو ھو. بابو مرحوم جڏھن به ھندستان جي پراچين تھذيب، سوُنھن ۽ ھندستاني تاريخ جي قدآور شخصيتن جو ذڪر نھايت اُتساھ سان ڪندو ھو ته آءُ ائين محسوس ڪندو ھئس ته ھندستان ڪو سپنن جو سنسار آھي. عُمر گذرڻ سان گڏ منھنجي من ۾ ھندستان گھمڻ جو شوق وڌيڪ تيز ٿيندو ويو. انھي شوق جي تسڪين خاطر مون ھندستان جي پراچين تاريخ، تھذيبي آثارن، سڀيتا ۽ سياست متعلق ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيا. پڙھندي ۽ ويچاريندي آءُ صديون اورانگھي ويو ھئس. منھنجي محويت جو اھو عالم ھوندو جو ائين ڀائيندو ھئس ته ھماليه جي گود مون لاءِ ھندوري مثل ٿي ويئي آھي، پھاڙن ۾ پيل دم ڪش يوگي ۽ سنياسي منھنجا ساٿي آھن، رام سان گڏ مون به بنواس ڀوڳيو آھي، شري ڪرشن جي بنسري جي مڌرتا منھنجي من کي موھي ويئي آھي، گنگا جي گھاٽ تي انيڪ اپسرائن کي ھنجن جيئن لھندي ڏٺو اٿم، ھماليه جي چوٽين تان پگهرندڙ برف ندين جا وھڪرا بنجي منھنجي ڪنن ۾ سرمدي نغما آلاپي ويئي آھي. ڪاليداس جي شڪنتلا، ڀرتري ھري جي دوھن ۽ ميران ٻائي جي گيتن ۾ مونکي پنھنجي دل ڌڙڪندي محسوس ٿي آھي. مونکي ھندستان جا ڪلاڪار ۽ ساھتڪار به ھماليه جيڏا اوچا لڳا آھن. ھزارھا سال جي تاريخ جو تسلسل ھندستاني ساھت ۽ سڀيتا ۾ اڄ به جڳمڳ جرڪي پيو.
    ڪتاب بندر ديسان ديس

    هاڻي اسان کي آساڪوسا ڪئينون ٽمپل (Asa Kusa Kanon Tamples) ڏانهن وڃڻو هو.هيءُ ٽئمپل جپان جي بهترين ٽئمپلس (مندرن) مان هڪ هو. هن جي اوچائي سندس عظمت ۽ شان شوڪت جي شاهدي ڏيئي رهي هئي. هيءَ بينڪاڪ واري ايمرالڊ ٻڌ ٽئمپل جيان ويڪرو ۽ وسيع هو، پر تڏهن به هن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ننڍو هو. اتي يعني بينڪاڪ ۾ ايمرالڊ ٻُڌ ٽئمپل لاِ ماڻهن جي دلين ۾ گهڻو احترام هو. پر هتي اهو جذبو ڪجهه جھڪو محسوس پي ٿيو. جيتوڻيڪ جپان جا 78 سيڪڙو ماڻهو ٻڌ ڌرم سان واسطو رکن ٿا. ٽيمپل ۾ ڪافي دير تائين هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهياسين، ٽيمپل جي اڏاوت روايتي ٻڌ مندرن جهڙي هئي ۽ منجھس ٻڌ جون پٿر مان تراشيل ڪيئي مورتيون رکيل هوين، پٿر جي بيجان ٽڪرن کي سنگتراشن جي هنر مند هٿن جان عطا ڪري ڇڏي هئي. مختلف مورتين جي عضون جي بيهڪ ۽ چهرن جي تاثرات هڪ مخصوص انداز ۽ فڪر جي عڪاسي پي ڪئي.

    ”آءٌ به گهمندي گهمندي ۽ ڏسندي وائسندي هزارها سال پويان جي دنيا ۾ کوئجي ويس. مونکي محلن ۾ رهندڙ راجائي گهراڻي جو هي نوجوان سچ جي ڳولا ۾ گيڙو رتو لباس ڪري بن بن ڀٽڪندو ڏسڻ ۾ يو. هماليه جي پهاڙن ۽ ميداني وادين ۾ هن سچ ڏوريندي پير پٿون ڪري ڇڏيا، پر سندس همٿ هن جو ساٿ نه ڇڏيو. سچ جي تلاش هن جي اُڃ کي ويتر وڌائيندي رهي. رشين سان رهاڻيون، سنياسين سان ساٿ، جوڳين جو تپسيائون ۽ يوگين جو دم ڪشيون هن جي من کي ويتر ماندو ڪنديون رهيون. هي ڪنهن ازلي اڃايل روح جيان شب و روز بيچين بيقرار ۽ آتو هيو. فلسفي، منطق، يوگ وديا، علم نجوم، رياضي ۽ ڌرمي پستڪن جي مڙني چشمن جي چس چکيندي به هن جي اڃ نه اجھامي.

    پچان، کامان، پچران، لڇان ۽ لوچيان
    تن ۾ تئونس، پرين جي پيان نه ڍاپان
    جي سمنڊ منهن ڪيان ته سر ڪيائي هيڪ ئي

    ٻنون ٽو ٽوڪيو

    اهڙي ريت کوڙ مثال آهن، جيڪي سندس مشاهدي، لکڻي جي خوبصورتيءَ کي ظاهر ڪن ٿا.

    هونئن پليجي صاحب جي هڪ ٻي خوبي به آهي ته الطاف شيخ کان وٺي مون سميت جن به گھڻي سياحت ڪئي آهي ان ۾ اڌ کان وڌيڪ ملڪ سرڪاري طور تي يا ڪنهن اسائنٽمينٽ جي سلسلي ۾ گھميا هونداسين پر عبدالحئي پليجي صاحب پوري سياحت پنهنجي خرچ تي ڪئي آهي، انڪري ايئن ڇئي سگھجي ٿو ته سائين سچو پچو سياح آهي ۽ مون وانگر ڪُٽي کائڻ وارو مجنون ناهي.


    _______
    14 اپريل 2019ع تي سگا سچل ڳوٺ شاخ پاران روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ عبدالحئي پليجي جي ڪتاب ”ھڪ ٻي زندگي جي تمنا“ جي مھورتي تقريب لاءِ لکيل مضمون.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]
    عبدالحئي پليجو ۽ محمد سليمان وساڻ​

    عبدالحئي پليجي جو مختصر تعارف

    تحرير: محمد سليمان وساڻ

    عبدالحئي ولد نور محمد پليجو 31 جنوري 1945ع تي ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ تي امن جو پيغام کڻي سنڌو درياءَ جي ڪَپ تي واقع ڳوٺ ٻَنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. سندس والد سياسي اڳواڻ ۽ سائين جي. ايم. سيد جو رفيق رهيو. پاڻ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1963ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائون ۽ انٽر 1965ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ۽ بي اي مسلم ڪاليج مان ئي پاس ڪيائون. 1969ع ۾ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي پاس ڪيائون.
    شاگرد سياست ۾ سائين جي ايم سيد کان متاثر ٿي گھڻو سرگرم رھيا ۽ ٻھ دفعا ڄام ساقي مرحوم، شبير نوراني ۽ ٻين سان گڏ جيل جي ھوا پڻ کائي آيا. 4 مارچ جي شاگرد سياست تحريڪ ھجي يا ٻوليءَ جي تحريڪ ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪ پاڻ ان جو حصو رھيا. 1973ع ۾ ٺٽي ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور سرڪاري نوڪري شروع ڪيائون. 1975ع ۾ اميگريشن ۾ آفيسر مقرر ٿيا. 1979ع ۾ پنھنجي والد نور محمد پليجي جي وفات بعد نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي اچي ڳوٺ وسايائين ۽ زمينداري پيشي کي سنڀاليائين. پر دنيا گھمڻ ۽ لکڻ پڙھڻ سان سندس چاھ اڄ بھ آھي. هو هڪ سٺو نثر نگار، سفرناما نگار ۽ محقق آهي. سفرناما سندس سُڃاڻ آهن. ھو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ماڳ مڪانن سان بي انتھا پيار ڪري ٿو جيڪو سندس لکڻين مان جھلڪي ٿو. ھو دنيا گھمندي جتي بھ وڃي ٿو تھ سنڌ کي نٿو وساري. ھو سفرناما لکندي ۽ دنيا گھمندي سنڌو درياء، سنڌ جي ڍنڍن ڍورن، سنڌ جي سمنڊ ۽ سنڌ جيشھرن، سنڌ جي زراعت، سنڌ جي ميلن ملاکڙن کي نٿو وساري. ھو شاھ لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري سميت چونڊ شاعرن جي شاعري پنھنجي سفرنامن جي زينت بڻائي ٿو. عبدالحئي پليجي صاحب ھن وقت تائين 32 ڪتاب لکيا آھن جن مان 27 ڇپجي چُڪا آھن ۽ ٻيا ڇپائي جي مرحلي ۾ آھن. پليجي صاحب سڀ ڪتاب پنھنجي خرچ تي ڇپايا آھن. ھڪ دفعي سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري اعجاز منگي کيس اھا آڇ ڏني تہ بورڊ سندس ٻہ ڪتاب ڇپرائڻ چاھي ٿو، پر پليجي صاحب اھو چئي اھا آڇ ٺڪرائي ڇڏي تہ ھو پنھنجا ڪتاب پاڻ ڇپرائي سگھي ٿو، اوھان اھڙن ليکڪن جا ڪتاب ڇاپيو جيڪي مالي طور ڪمزور آھن ۽ پنھنجا ڪتاب ڇپائي نٿا سگھن. ھن فيملي سان گڏ پنھنجي خرچ تي دنيا جي 46 ملڪن جو سير سفر ڪيو آھي. سندس ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

    سفرناما

    · ڏوريم ڏيساور 1983ع
    · هو جي وڻ ولات جا 1984ع
    · ڪجل ڀِنل نيڻ
    · اتر لڳا آءُ پرين
    · ديس بَديس
    · بندر مون ڏور ٿيا
    · ٽوئر ٽو آمريڪا
    · ٻنون ٽو ٽوڪيو
    · پِريان سندي پار ڏي
    · ڳَر لڳي ڳالهيون ڪريون
    · دنيا جا مشهور شهر
    · ڪنواريون ۽ ڪنول
    · لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽلينڊ جون راتيون
    · اسپين تنهنجا ڪيئي رنگ
    · هنگري ٽو جرمني وايا پراگ

    تاريخ تحقيق

    · عجائبات عالم
    · واقعات عالم
    · شخصيات عالم ڇپائي هيٺ
    · Sindh for fifteen Years The Ruled
    · تن سِپون سُوجھَي ڪڍيون
    · هي وري نه ورندو وڻجارو

    آتم ڪٿائون

    · سنڌي شاگرد سياست_ ڀاڱو پهريون
    · اسان پنڌ پرينءَ ڏي _ ڀاڱو ٻيون
    · ڪيڏي نه مختصر زندگي _ ڀاڱو ٽيون
    · هڪ ٻي زندگيءَ جي تمنا _ ڀاڱو چوٿون

    اڻ ڇپيل ڪتاب

    · مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪا
    · استنبول جو سفر نامو
    · عبدالحئي پليجي تي لکيل مضمون
    · آتم ڪٿا (حصو پنجون)
    · سوئيزرلينڊ، اٽلي ۽ آسٽريا جو سفر نامو
    · خط

    عبدالحئي پليجي کي قليچ ادبي اوارڊ، مادرِ وطن اوارڊ، سنڌي اڪيڊمي دھلي پاران ادبي اوارڊ، حيدرآباد لا ڪاليج طرفان اوارڊ، سنڌ شگر ڪارپوريشن طرفان ڪمند جي سٺي آبادگار جو اوارڊ، فلوريڊا ھالينڊ ۾ گُلن جي نمائش ۾ اوارڊ مليو آھي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ادبي خدمتن عيوض مڃتا شيلڊ.
    پاڻ روزانا سچ اخبار جا ايڊيٽر بھ رھي چُڪا آھن ۽ آرمي پبلڪ اسڪول جي بورڊ آف گورنرز جا ميمبر آھن.
    پليجي صاحب جون پسنديدہ شخصيتون حضرت محمد مصطفيٰ صھ، نيلسن منڊيلا، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد ۽ سندس والد نور محمد پليجو آھن. سندس پسند جا کاڌا پلو مڇي ۽ انب آھن، سندس پسنديدہ گُل چنبيلي ۽ موتيو، پسنديدہ راند ڪرڪيٽ، پسند جا شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز آھن، جڏھن تہ پسنديدہ گانو ”ميري رشق قمر“ آھي.
    کيس ٽي پُٽَ ۽ ٽي نياڻيون آھن. ھن وقت سندس رهائش ٻني شهر (ضلعي ٺٽي) ۾ آهي، جتي سندس زمينداري آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو