پنهنجي قوم ۽ قبيلي سان محبت ۽ نفرت سان شرعي اصول ۽ ضابطا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    * قوم ۽ قبيلي سان محبت ۽ نفرت جا شرعي اصول ۽ ضابطا * .

    * ابوعمير حزب الله بلوچ *

    پنهنجي وطن، قوم ، قبيلي ۽ خاندان سان محبت هڪ فطري شيءِ آھي ، دين اسلام ان کان ڪا ممانعت ناهي ڪئي، پر اهو ان وقت هڪ ناسور آھي جو ٻين کي پاڻ کان حقير نيچ ۽ ڪمتر سمجهيو وڃي ، ڀلي پوء اهي مسلمان ، متقي ، نيڪ ۽ پرهيزگار ئي ڇو نه هجن اسلام ان کي سختي سان ننديو ۽ بلڪل رد ڪري ڇڏيو آھي ، ڇو ته الله تعاليٰ وٽ سُٺي هجڻ جو معيار قومون ، قبيلا ، خاندان ۽ برادريون نه آهن بلڪه ايمان، نيڪي ، تقويٰ ۽ پرهيزگاري آھي :
    يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُمْ مِنْ ذَكَرٍ وَأُنْثَىٰ وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا ۚ إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ . [سورة الحجرات 13]

    اي انسانؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ اوھان کي مختلف قبيلا ، ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته جيئن ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان گهڻي عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان وڌيڪ پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.

    وَاعْتَصِمُوا بِحَبْلِ اللَّهِ جَمِيعًا وَلَا تَفَرَّقُوا ۚ وَاذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ كُنتُمْ أَعْدَاءً فَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِكُمْ فَأَصْبَحْتُم بِنِعْمَتِهِ إِخْوَانًا وَكُنتُمْ عَلَىٰ شَفَا حُفْرَةٍ مِّنَ النَّارِ فَأَنقَذَكُم مِّنْهَا ۗ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمْ آيَاتِهِ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ. (آل عمران: 103)
    ۽ الله جي رسيءَ (يعني شريعت) کي سڀئي گڏجي چنبڙي وٺو ۽ جدا جدا نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي ان نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ۽ دشمن ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ ،( محبت ۽ الفت) وڌائين ۽ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڪناري تي ھيؤ پوءِ اوھان کي ان کان بچايائين ، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت لھو.

    ⭐ مطلب ته ڪنهن قوم يا خاندان جي تفريق کان سواءِ الله تعاليٰ سڀني مسلمانن کي هڪ ٻئي جا ڀائر قرار ڏنو آھي ، ۽ جاهليت واريون سڀيئي عداوتون بلڪل ختم ڪري ڇڏيون آھن .

    ⭐ پنهنجي قوم ۽ قبيلي سان گڏجي الله جي دين جي سربلندي ، بي ديني ۽ ظلم خلاف جهاد ڪرڻ ته مطلوب ۽ مقصود آھي جيئن سيدنا لوط عليه السلام ظالمن خلاف اهڙي خواهش جو اظھار فرمايو:
    قَالَ لَوْ أَنَّ لِي بِكُمْ قُوَّةً أَوْ آوِي إِلَىٰ رُكْنٍ شَدِيدٍ. [سورة هود :80]

    (لُوط عليه السلام ) چيو ته (ڪاش) جيڪڏھن مون کي اوھان سان مقابلي جي سگھ ھجي ھا يا ڪنھن ڏاڍي سهاري (پنهنجي قوم ، قبيلي) جي پناھ وٺان ھا (ته پنهنجي مهمانن کي اوهان جي برائي کان بچائي سگهان ها ).
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:
    وَمَا بَعَثَ اللَّهُ مِنْ بَعْدِهِ مِنْ نَبِيٍّ إِلَّا فِي ثَرْوَةٍ مِنْ قَوْمِهِ .
    الله تعاليٰ لوط عليه السلام کان پوءِ سڀيئي نبي سڳورا شاهوڪار ۽ گهڻائي وارين قومن مان موڪليا . (ترمذي : 3116. مسنداحمد: 8392. الصحيحة : 1617)

    ⭐ سيدنا شعيب عليه السلام جي قوم ۽ قبيلي جي ڪري ڪافر کيس نقصان نه رسائي سگهيا :
    قَالُوا يَا شُعَيْبُ مَا نَفْقَهُ كَثِيرًا مِّمَّا تَقُولُ وَإِنَّا لَنَرَاكَ فِينَا ضَعِيفًا وَلَوْلَا رَهْطُكَ لَرَجَمْنَاكَ وَمَا أَنتَ عَلَيْنَا بِعَزِيزٍ. قَالَ يَا قَوْمِ أَرَهْطِي أَعَزُّ عَلَيْكُمْ مِنَ اللَّهِ وَاتَّخَذْتُمُوهُ وَرَاءَكُمْ ظِهْرِيًّا إِنَّ رَبِّي بِمَا تَعْمَلُونَ مُحِيطٌ .
    [سورة هود ،91.92]
    چيائون ته اي شعيب جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو اسان نٿا سمجھون ۽ توکي پاڻ مان بلڪل ھيڻون ۽ ڪمزور ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم قبيلو (مددگار) نه ھجي ھا ته توکي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو ڏاڍو غالب ته نه آھين.(شعيب عليه السلام) چيو ته اي منھنجي قوم اوھان وٽ منھنجو قبيلو الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجي پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، تحقيق جيڪي ڪندا آھيو سو منھنجي پالڻھار جي قابو ۾ آھي.

    ⭐ سيدنا موسيٰ عليه السلام جي فرعون جي خلاف تحريڪ هڪ ته الله تعاليٰ جي توحيد کي قائم ڪرڻ ۽ فرعون کي الوهيت واري دعويٰ کان روڪڻ لاءِ هئي ۽ ٻيو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي فرعونين جي ظلم ، جبر ۽ غلامي کان آزادي ڏيارڻ به وڏو مقصد هيو .

    ⭐ خود نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو خاندان بنو هاشم هڪ صاحب حيثيت خاندان هيو ان ڪري به ماڻھن جي دلين ۾ سندن هڪ مقام هيو ، سندن چاچي ابوطالب جيتوڻيڪ خود ته اسلام قبول نه ڪيو پر جيستائين زندهه رهيو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو ڪير وار به وِنگو نه ڪري سگهيو ۽ سندس پورو تعاون کين حاصل رهيو ابوطالب خود چوندو هيو ته :
    واللهِ لن يَصلوا إليكَ بجمعِهمْ حتى أُوَسَّدَ في الترابِ دَفينا.
    فاصدَعْ بأمرِك ما عليكَ غَضاضة وأبشِرْ بذاكَ، وقرَّ منهُ عُيونا. ودَعَوْتَني، وزَعمتَ أنك ناصحٌ ولقد صدقْتَ، وكنتَ ثَمَّ أَمينا.
    وعَرضْتَ دِيناً قد علمتُ بأنَّهُ مِن خيرِ أديانِ البريَّةِ دِينا.
    لولا المَلامةُ أو حِذاري سُبَّةً لوجَدْتني سَمحاً بذاك مُبِينا.

    ⭐ معلوم ٿيو ته صله رحمي لاءِ ، حق ، سچ تي ۽ ظلم جي خلاف پنهنجي خاندان ،قوم ۽ قبيلي کان مدد وٺڻ ۽ مدد ڪرڻ جائز بلڪه ضروري آھي ، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو فرمان آھي :
    تَعَلَّمُوا مِنْ أَنْسَابِكُمْ مَاتَصِلُونَ بِهِ أَرْحَامَكُمْ .
    پنهنجي حسب نسب جي ڄاڻ رکندا ڪيو ته جيئن مٽي مائٽي جو خيال رکي سگهو . (جامع ترمذي : 1979)
    ⭐ سندن فرمان آھي :
    اُنْصُرْ أَخَاكَ ظَالِمًا أَوْ مَظْلُومًا .
    پنهنجي ڀاءَ جي ضرور مدد ڪيو ڀلي اهو ظالم هجي يا مظلوم صحابه ڪرام رضي الله عنهم عرض ڪيو ته مظلوم جي مدد ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر ظالم جي مدد وري ڪيئن ٿيندي ؟ پاڻ فرمايائون ظالم کي ظلم کان روڪيو اها ان جي مدد ئي ته آھي . (صحيح بخاري : 2444. 6952)

    ⭐ ان سلسلي ۾ الله تعاليٰ وڌيڪ رهنمائي پڻ فرمائي :
    وَاعْبُدُوا اللَّهَ وَلَا تُشْرِكُوا بِهِ شَيْئًا وَبِالْوَالِدَيْنِ إِحْسَانًا وَبِذِي الْقُرْبَىٰ وَالْيَتَامَىٰ وَالْمَسَاكِينِ وَالْجَارِ ذِي الْقُرْبَىٰ وَالْجَارِ الْجُنُبِ وَالصَّاحِبِ بِالْجَنبِ وَابْنِ السَّبِيلِ وَمَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ مَن كَانَ مُخْتَالًا فَخُورًا. (النساء: 36)
    ۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيءِ کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽي مائٽي وارن سان ۽ يتيمن سان ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيسري ۽ ڌاريي پاڙيسري ۽ ويجھي دوست ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي.

    ⭐ جڏھن ته جاهليت واري هٺ ، وڏائي غرور ۽ اجائي قومي ۽ قبيلائي غيرت کي ڪافرن جي نشاني چيو ويو :
    إِذْ جَعَلَ الَّذِينَ كَفَرُوا فِي قُلُوبِهِمُ الْحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الْجَاهِلِيَّةِ. (الفتح : 26)
    جڏھن ڪافرن پنھنجين دلين ۾ (مسلمانن جي خلاف) جاھليت وارو جوش (اجائي غيرت ۽ غرور) پيدا ڪيو.

    ⭐ الله تعاليٰ وٽ جيڪڏھن ايمان ۽ تقويٰ کان سواءِ ڪنهن قوم ، قبيلي ۽ خاندان جي اهميت هجي ها ته يقينن سيدنا ابراهيم عليه السلام جو پيءُ ، سيدنا نوح عليه السلام جي گهرواري ۽ پٽُ ، سيدنا لوط عليه السلام جي گهرواري ، ابوجهل ۽ ابولهب ڪڏھن به دوزخ جو ٻارڻ نه بڻجن ها بلڪه سڀني کان وڌيڪ معتبر هجن ها .

    ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حجة الوداع جو خطبو ڏيندي ارشاد فرمايو :
    يَا أَيُّهَا النَّاسُ، أَلَا إِنَّ رَبَّكُمْ وَاحِدٌ، وَإِنَّ أَبَاكُمْ وَاحِدٌ، أَلَا لَا فَضْلَ لِعَرَبِيٍّ عَلَى عَجَمِيٍّ، وَلَا لِعَجَمِيٍّ عَلَى عَرَبِيٍّ، وَلَا أَحْمَرَ عَلَى أَسْوَدَ، وَلَا أَسْوَدَ عَلَى أَحْمَرَ إِلَّا بِالتَّقْوَى . (مسنداحمد : 23489 . السلسلة الصحيحية للالباني : 2700.)
    خبردار اي انسانؤ اوهان جو رب هڪ آھي ، اوهان جو پيءُ (آدم عليه السلام) هڪ ئي آھي ، ان ڪري ڪنهن به عربي کي ڪنهن عجمي تي ڪا به فضيلت نه آھي ۽ نه ڪو عجمي ڪنهن عربي کان افضل آھي ، نه ڪا ڳوري کي ڪاري تي يا ڪاري کي ڳوري تي ڪا فضيلت حاصل آھي، جيڪڏھن ڪا فضيلت آھي ته اها (ايمان ۽) تقويٰ جي ڪري ئي آھي .

    ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کان سوال ڪيو ويو ته سڀني کان وڌيڪ عزت وارو ڪير آهي؟ پاڻ فرمايائون : أَتْقَاهُمْ . يعني جيڪو سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار هجي .
    (صحيح بخاري: 3490)

    ⭐ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آھي :
    وَمَنْ بَطَّأَ بِهِ عَمَلُهُ ؛ لَمْ يُسْرِعْ بِهِ نَسَبُهُ .
    جنهن ماڻھو کي سندس عمل ڌڪي پوئتي ڪري وڌو ته ان جو نسب (قوم ۽ قبيلو) کيس اڳتي ڪري قيامت ۾ ڪوبه فائدو نه ڏيندا . (صحيح مسلم : 2699)

    ⭐ مطلب ته اصل تعلق اهو ئي آھي جنهن جو بنياد ايمان ۽ پرهيزگاري تي هجي ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي قومي يا خانداني تعلق جي ڪا به حيثيت ناهي ، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن قيامت کان پهرين نمودار ٿيندڙ سخت ترين فتنن جو ذڪر ڪندي فرمايو ته :
    ثُمَّ فِتْنَةُ السَّرَّاءِ ؛ دَخَنُهَا مِنْ تَحْتِ قَدَمَيْ رَجُلٍ مِنْ أَهْلِ بَيْتِي، يَزْعُمُ أَنَّهُ مِنِّي وَلَيْسَ مِنِّي،وَإِنَّمَا أَوْلِيَائِي الْمُتَّقُونَ، (ابوداود : 4242. الصحيحة : 974)
    وفي رواية لاحمد : إِنَّ أَوْلَى النَّاسِ بِي الْمُتَّقُونَ، مَنْ كَانُوا، وَحَيْثُ كَانُوا (مسند احمد : 22052)
    ان کان پوءِ سراء يعني آسودگي وارو فتنو ظاهر ٿيندو جيڪو منهنجي اهل بيت مان هڪ شخص جي پيرن هيٺان نڪرندو (يعني ان ۾ وڏو ڪردار ان جو هوندو پر) هو سمجهندو هوندو ته ان جو مون سان تعلق آھي (يعني منهنجي اهل بيت مان هجڻ تي فخر ڪندو هوندو پر حقيقت ۾) ان سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي ڇو ته منهنجا تعلقدار ۽ دوست ته صرف متقي ۽ پرهيزگار آھن پوءِ ڀلي ڪير به هجن (۽ ڪنهن به قوم يا قبيلي سان تعلق رکندڙ ھجن) ۽ ڪٿي به رهندا هجن .

    ⭐ ان ڪري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن هڪ دفعي پنهنجي ويجهي مائٽي واري ڪنهن خاندان کان وڏي آواز سان برائت جو اعلان ڪندي فرمايو :
    إِنَّ آلَ أَبِي - يعني بني فلان - لَيْسُوا بِأَوْلِيَائِي، إِنَّمَا وَلِيِّيَ اللَّهُ وَصَالِحُ الْمُؤْمِنِينَ .... وَلَكِنْ لَهُمْ رَحِمٌ، أَبُلُّهَا بِبَلَالِهَا . يَعْنِي أَصِلُهَا بِصِلَتِهَا.(صحيح بخاري: 5990 )
    بيشڪ فلاڻي قبيلي، يا قوم وارا منهنجا اولياء يعني دوست نه آھن منهنجا دوست ته الله تعاليٰ ۽ نيڪ صالح مومن آھن، باقي انهن سان مائٽي آھي جنهن کي آئون تازو رکڻ ۽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو رهندس .
    ⭐ ٻئي پاسي ٻئي ملڪ، الگ زبان، جدا قوم ۽ قبيلي سان تعلق رکندڙ سيدنا سلمان فارسي رضي الله عنه جي باري ۾ اميرالمومنين سيدنا علي رضي الله عنه فرمايو سلمان ته اسان جي اهل بيت مان آھي .
    (سلسلة الاحاديث الضعيفة تحت حديث : 3704) نوٽ : اهي لفظ مرفوعاََ ثابت نه آھن )

    ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :
    وَإِنَّ اللَّهَ أَوْحَى إِلَيَّ ؛ أَنْ تَوَاضَعُوا، حَتَّى لَا يَفْخَرَ أَحَدٌ عَلَى أَحَدٍ، وَلَا يَبْغِ أَحَدٌ عَلَى أَحَدٍ. (صحيح مسلم : 2865)
    الله تعاليٰ وحي ڪري مون کي اهو حڪم ڏنو آھي ته اوهان عاجزي ، نِهٺائي اختيار ڪيو ايتري قدر جو ڪو به ڪنهن تي وڏائي ۽ زيادتي نه ڪري.
    ⭐ تڪبر . وڏاءُ ۽ گهمنڊ ڪندڙن کي قيامت جي ڏينهن ڪِولين جيتري جسامت ۾ انساني شڪل ۾ آندو ويندو ، هر طرف کان ذلت انهن مٿان ڇانيل هوندي، دوزخ جي قيدخاني “بولس“ ۾ وڌا ويندا جتي ڀڙڪندڙ باهه ئي باهه ئي هوندي ، دوزخين جي پونءِ ، پگهر ۽ گند مان انهن کي پياريو ويندو . (جامع ترمذي : 24920 )

    ⭐ سندن فرمان مبارڪ آھي :
    إِنَّ اللَّهَ عَزَّ وَجَلَّ قَدْ أَذْهَبَ عَنْكُمْ عُبِّيَّةَ الْجَاهِلِيَّةِ وَفَخْرَهَا بِالْآبَاءِ، مُؤْمِنٌ تَقِيٌّ وَفَاجِرٌ شَقِيٌّ، أَنْتُمْ بَنُو آدَمَ، وَآدَمُ مِنْ تُرَابٍ، لَيَدَعَنَّ رِجَالٌ فَخْرَهُمْ بِأَقْوَامٍ إِنَّمَا هُمْ فَحْمٌ مِنْ فَحْمِ جَهَنَّمَ، أَوْ لَيَكُونُنَّ أَهْوَنَ عَلَى اللَّهِ مِنَ الْجِعْلَانِ الَّتِي تَدْفَعُ بِأَنْفِهَا النَّتْنَ (ابوداؤد : 5116. ترمذي : 3270)
    بيشڪ الله تعاليٰ توهان کان جاهليت وارو فخر ، (تڪبر) ۽ ابن ڏاڏن (قومن ۽ قبيلن) تي غرور ڪرڻ ختم ڪري ڇڏيو آھي ، ماڻھو يا ته متقي ۽ پرهيزگار آھي يا وري بدبخت (ڪافر) ۽ فاجر ، توهان بس آدم جو اولاد آھيو ۽ آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو ، ماڻھن کي قومن تي وڏاءُ ڪرڻ کي ضرور ڇڏي ڏيڻ گهرجي ڇو ته اهي دوزخ جا ڪوئلا آھن ، (جيڪڏهن اهي قومن تي گهمنڊ ڪرڻ(يعني قوم پرستي) نه ڇڏيندا) ته الله تعاليٰ وٽ (گٽر جي ان) ڪاري ڪيڙي کان به وڌيڪ ذليل ٿي ويندا جيڪو پنهنجي نڪ سان گندگي کي گِهليندو رهي ٿو .

    ⭐ اسلام کان پهرين جاهليت واري زماني ۾ قومن ۽ قبيلن جو پاڻ ۾ ايترو ته فخر ، تڪبر ، حسد ۽ تعصب هوندو هيو جو ان کان بيت الله به محفوظ نه هيو ايتريقدر جو حج ۽ عمري ۾ پڙهيو ويندڙ تلبيو به مختلف قومن ۽ قبيلن پنهنجو پنهنجو الڳ مقرر ڪيو هيو ، قريش ، اسد ، ربيعة قبيلن ان ۾ پنهنجو نالو شامل ڪيو هيو . (المفصل في تاريخ العرب قبل الاسلام دڪتور جواد علي ج 6 ص 376-77. )

    ⭐ اهڙي طرح قريش “الحُمۡسُ“ چورائيدا هئا ، صرف اهي ئي ڪپڙا پائي طواف ڪندا ۽ ٻيا سڀ اگهاڙا ٿي ، ۽ قريش عرفات ۾ به نه ويندا هئا . (صحيح بخاري : 1665)

    جڏھن ته اسلام اهو سڀ ڪجهه ختم ڪندي هڪ ئي طريقو ، تلبيو ۽ هڪ ئي لباس مقرر ڪري اهڙي قومپرستي جو پاڙون ئي پٽي ڇڏيون .

    ⭐ معلوم ٿيو ته قوم قبيلي ۽ خاندان تي فخر ۽ وڏاءُ جاهليت وارو طور طريقو آھي . نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو :
    أَرْبَعٌ فِي أُمَّتِي مِنْ أَمْرِ الْجَاهِلِيَّةِ لَا يَتْرُكُونَهُنَّ : الْفَخْرُ فِي الْأَحْسَابِ، وَالطَّعْنُ فِي الْأَنْسَابِ... . (صحيح مسلم : 934)
    حسب نسب ، قوم ۽ قبيلي تي فخر ڪرڻ يا مِهڻو ڏيڻ منهنجي امت ۾ جاهليت واري رَنگ ڍَنگ مان آھي .

    ⭐ سيدنا ابوذر رضي الله عنه فرمائين ٿا منهنجو ڪنهن ماڻھو سان اختلاف ٿي پيو ته مون ان کي سندس ماءُ جي عجمي قوم مان هجڻ جو طعنو ڏئي گهٽ وڌ ڳالهايو ، هُن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم سان شڪايت ڪئي ته پاڻ مون کي فرمايائون : إِنَّكَ امْرُؤٌ فِيكَ جَاهِلِيَّةٌ . تو ۾ اڃان جاهليت واري چال چلت آھي (ڇا) !! مون چيو آئون ته پوڙھو ٿي ويو آھيان ڇا اڃان به ايئن آھي ؟ پاڻ فرمايائون ته هائو .(صحيح بخاري: 6050، صحيح مسلم : 1661)

    ⭐ جنگ تبوڪ جي دوران هڪ انصاري ۽ مهاجر جو جهيڙو ٿي پيو ، انصاري ۽ مهاجر مدد لاءِ پنهنجي پنهنجي قوم کي پڪاريو جنهن تي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :
    مَا بَالُ دَعْوَى الْجَاهِلِيَّةِ ؟ ...دَعُوهَا ؛ فَإِنَّهَا مُنْتِنَةٌ .
    ڇا ڳالهه آھي جو جاهليت واري صدا هڻي رهيا آھيو؟ ان کي ڇڏي ڏيو اها (قوميت واري) پڪار تمام گندي شيءِ آھي .(صحيح بخاري : 4905)
    ⭐ اوس ۽ خزرج قبيلن جي وچ ۾ ٿيل قوميت واري گفتگو کي ذڪر ڪندي راوي چوي ٿو : وَلَكِنِ اجْتَهَلَتْه ُالْحَمِيَّةُ . يعني قوميت واري اجائي غيرت اهڙي جهالت واري ڳالهه ڪرڻ تي آمادهه ڪيو . (صحيح مسلم : 2770.)

    ⭐ مٿين دليلن مان معلوم ٿيو ته قوم پرستي واري پڪار جاهليت وارو طور طريقو آھي جيڪو انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:
    وَمَنْ دَعَا بِدَعْوَى الْجَاهِلِيَّةِ فَهُوَ مِنْ جُثَا جَهَنَّمَ . قَالُوا : يَا رَسُولَ اللَّهِ، وَإِنْ صَامَ وَإِنْ صَلَّى ؟ قَالَ : وَإِنْ صَامَ وَإِنْ صَلَّى وَزَعَمَ أَنَّهُ مُسْلِمٌ. (مسنداحمد :17170. جامع ترمذي :2863)
    جيڪو ماڻھو اسلام ۾ جاهليت واريون ڳالهيون ڪري ته اهو دوزخين مان هوندو ، پڇيو ويو ته جيڪڏھن اهو نماز پڙھندو ۽ روزا رکندو هجي ته ؟ فرمايائون ته ڀلي نماز پڙھندو رهي ۽ روزا رکندو رهي ۽ پاڻ کي مسلمان سمجهندو رهي، (تڏھن به اهڙي جاهليت جو ورتاءُ ڪندڙ دوزخ ۾ ويندو) .

    ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو :
    وَمَنْ قَاتَلَ تَحْتَ رَايَةٍ عِمِّيَّةٍ ، يَغْضَبُ لِعَصَبَةٍ، أَوْ يَدْعُو إِلَى عَصَبَةٍ، أَوْ يَنْصُرُ عَصَبَةً، -وَيُقَاتِلُ لِلْعَصَبَةِ - فَلَيْسَ مِنْ أُمَّتِي - فَقُتِلَ فَقِتْلَةٌ جَاهِلِيَّةٌ - (صحيح مسلم : 1848. 1850)
    جيڪو ماڻھو انڌي جهنڊي جي هيٺان وڙھي ٿو (يعني اهڙي جنگ ۾ شريڪ ٿئي ٿو جنهن جو ڪو شرعي مقصد ئي ناهي ) هن جي ڪاوڙ پنهنجي قوم ۽ قبيلي لاءِ ، سندس پڪار به قوميت ڏانهن ، اهو مدد به صرف پنهنجي قوم جي ڪري ٿو ، ۽ سندس لڙائي به قوميت تي مشتمل آھي ته اهڙي ماڻھو جو منهجي امت (مسلمه) سان ڪو به تعلق ناهي ، جيڪڏھن اهڙي جنگ ۾ هو ماريو ويو ته سندس موت جاهليت تي ٿيندو .

    ⭐ هڪ ٻي روايت جا لفظ هن طرح آھن : لَيْسَ مِنَّا مَنْ دَعَا إِلَى عَصَبِيَّةٍ، وَلَيْسَ مِنَّا مَنْ قَاتَلَ عَلَى عَصَبِيَّةٍ، وَلَيْسَ مِنَّا مَنْ مَاتَ عَلَى عَصَبِيَّةٍ . (ابوداؤد : 5121)
    مطلب ته قوم پرستي ڏانهن سڏيندڙ ، قوم پرستي واري نظرئي تي وڙھندڙ ۽ مرندڙ اسان مسلمانن مان نه آھي .
    نوٽ : هن روايت ۾ ڪجهه ڪلام آھي مگر مٿئين حديث سندس بهترين شاهد آھي . والله اعلم بالصواب .

    ⭐ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ ٻن ماڻھن (پاڻ ۾ ھوڏ ۽ فخر ڪندي) پنهنجو نسب نامون بيان ڪيو ته آئون ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو آھيان ، تنهنجي ماءُ مري تون ٻڌاءِ ته ڪير آھين ؟ جنهن تي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته موسيٰ عليه السلام جي دور ۾ پڻ هڪ مشرڪ ڪنهن مسلمان سان قوم تي فخر ڪندي هوڏ ٻڌي چوڻ لڳو آئون ته فلاڻو پٽ فلاڻو پٽ فلاڻو ايستائين پنهنجيون نون (9) پيڙھيون ذڪر ڪيائين ، مسلمان وراڻيو بس آئون ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو آھيان باقي اڳتي وارن کان بيزار آھيان (ڇوته اهي مشرڪ هئا) جنهن تي سيدنا موسيٰ عليه السلام ماڻھن کي گڏ ڪري فرمايو ته هنن جي وچ ۾ فيصلو ٿي چڪو ته :
    إِنَّ هَذَيْنِ الْمُنْتَسِبَيْنِ، أَمَّا أَنْتَ أَيُّهَا الْمُنْتَمِي – أَوِ الْمُنْتَسِبُ - إِلَى تِسْعَةٍ فِي النَّارِ، فَأَنْتَ عَاشِرُهُمْ، وَأَمَّا أَنْتَ يَا هَذَا الْمُنْتَسِبُ إِلَى اثْنَيْنِ فِي الْجَنَّةِ، فَأَنْتَ ثَالِثُهُمَا فِي الْجَنَّةِ .
    : هُن مشرڪ پنهنجي نون پيڙھين جو ذڪر ڪيو انهن سان گڏ ڏھون اهو پاڻ به دوزخي آھي (سندس پيڙھين تي تڪبر ڪنهن ڪم جو ناهي) باقي هو مسلمان پنهنجي پيءَ سان گڏ ٽيون جنتي آھي (مسنداحمد : ( 34-9733 ) 21178. الصحيحة : 1270)

    ⭐ سيدنا عبدالله بن مسعود رضي الله عنه کان مرفوعا ۽ موقوفا مروي آھي ته :
    مَنْ نَصَرَ قَوْمَهُ عَلَى غَيْرِ الْحَقِّ، فَهُوَ كَالْبَعِيرِ الَّذِي رَدَى فَهُوَ يُنْزَعُ بِذَنَبِهِ.
    (سنن ابوداؤد : 18-5117)

    جيڪو ماڻھو ناحق تي پنهنجي قوم جي مدد ڪري ٿو ان جو مثال ايئن آھي جيئن ڪو اٺُ کوهه ۾ ڪري پيو ۽ ان کي پُڇ مان جهلي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي .
    مطلب ته جيئن ان اٺ کي پُڇ مان جهلي ٻاهر ڪڍڻ تمام مشڪل آھي اهڙي طرح تعصب جي شڪار انسان جي دنيا ۽ آخرت جا معاملا گهڻا مشڪل هوندا .

    *(وَمَا تَوْفِيقِي إِلَّا بِاللَّهِ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ)*
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو