خلیل جبران سان هڪ ملاقات.

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    خلیل جبران سان هڪ ملاقات.
    ***************'' *'******' *****
    مشهور فلسفي خلیل جبران سان گوشت مارڪيٽ ملير ۾ ملاقات ٿي. چانھ جي صلاح تي ڪجهه گهڙيون گڏ ويهڻ لاءِ ھا ڪيائين، ان شرط سان ته پٺاڻ جي چينڪ چانھ هلڪي مٺي ۽ کير پتي هجي.........
    مون ها ڪئي.
    خير عافيت پڇڻ تي ڪو خوشيءَ سان خاطر خواہ جواب نہ مليو.
    ھمراہ ڪجهه منجهيل پئي لڳيو.
    مون سوچيو ته ڪو موضوع شروع ڪجي سو پڇيو مانس ته حضرت هي بي غيرت ڇا کي چئجي.؟
    جواب ۾ هوٽل جي ڇت گهوريندو رهيو پوءِ منهنجي منهن ۾ ڏسندو رهيو، منرل واٽر جي ننڍي بوتل مان پاڻيءَ جو ڍڪ ڀريندي ارشاد فرمایائين.
    "بي غیرت اهو هوندو آهي جيڪو ماڻهن جي قتل جا جواز گهڙي، عدالتن ۾ ويهي ته انصاف نه ڪري،اقتدار ۾ هجي ته اقربا پروري ڪري، نظام نه هلائي سگهي. حلف وفاداري ملڪ سان کڻي پگهاردار دشمن جو ٿئي.
    صحافي هجي ته حاڪمن کان ڏوڪڙ وٺي خوشامد ڪري.
    گلی محلي ۾ گندگي ڪچرو ڪري، پان نسوار جون ٿڪون هر جاءِ تي اڇلائي،عوام جا پئسا هڙپ ڪري.
    گاڏي اسپيڊ سان هلائي.
    پاڙيسري ان مان تنگ هجن.......... "
    خدا جي واسطي بس ڪر، بس ڪر مون کيس منٿ ڪئي.
    خليل جبران وڏي موڊ ۾ هو مسلسل ڇت کي پئي ڏٺائين.
    چينڪ چانهن جي پيالي پيش ڪيم ته سندس ڌيان گيان ٽٽي.
    چانهن پينئدي رازداريءَ سان ٻڌايائين.
    " مونکي پنهنجي ڏاڏي خليل جبران اول ٻڌايو ته 1947 کان پوءِ هڪ قوم اهڙي ايندي جيڪا مذهب جي نالي تي مرندي ۽ مارائيندي. ﷲ هڪ، رسول هڪ دين هڪ. پوءِ به نماز ۾ هٿ ٻڌو يا هٿ ڇڏيو تي هڪ ٻئي جا خون ڪندي.
    انهن جي ڪا گهٽي محلو صاف نه هوندو.
    انهن وٽ وڏا وڏا بحث ٿيندا ته وضو ۾ گهڻيون سنتون آهن پر سندن مسجدن جا باٿ روم ڏسي الٽي ايندي. سڄو سال ڇڏي رمضان ۾ دل کولي بي ايماني مهانگائي ڪندا، ماڻهو جو رت چوسي پوءِ حج جي تياري ڪندا.
    فرض نماز نه پڙهندا پر سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي هر حال ۾ قرباني ڪندا.
    غريبن کي سري پايا، اوجهري يا تلي ڏيندا، باقي گوشت فريز ڪري امامن جي مهيني ۾ حليم ٺاهي پاڻ کائي ثواب دارين حاصل ڪندا.
    هي ماڻهو تمام ذهين و فطين هوندا.
    هنن جا تعليمي ادارا ۽ اسپتالون غلاظت جا ڍير هوندا.
    ھم مذھب هوندي به ماڻهو ان ڪري ماريندا جو هو سندن زبان ڳالهائيندڙ نه آهي.
    پاڻ کي لبرل، سيڪيولر سڏائيندا. انهن کي پنهنجي ملڪ بجاءِ ٻين ملڪن جي معاملي جو فڪر هوندو.
    عيد جي چنڊ ڏسڻ جهڙي سائنٽيفڪ معاملي تي به ملڪ قوم جو وقت ضايع ڪندا. "
    خلیل جبران باقي چينڪ جي چانھ پيالي ۾ وڌي، هڪ ٿڌو ساه کنيو،اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس.
    "ان قوم وٽ وڏا وڏا اينڪر هوندا جيڪي عوام جي اصل مسئلن کي ڇڏي پوري دنيا جي مسئلن تي بحث ڪندا. بليڪ ميل ڪري حڪومت يا مخالفن کان پئسا وٺندا.سندن لابيون ٺهيل هونديون. اهي ان دور جا بي غيرت ترين انسان هوندا."
    مون کيس هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪئي ته بابا مون بس ڪئي ڇو ٿو مون غريب کي مفت ۾ مارائين.
    چانھ جو آخري ڍڪ ڀريندي چيائين.......
    " تون ضرور لکندين پر وري ماڻهو ان بحث ۾ پئجي ويندا ته هي ڳالهيون خليل جبران ڪيون آهن يا نه.؟"
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو