گلقند

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڪلو killo
    جڏهن کان ميٽرڪ سسٽم آيو" سير“ ڦري" ڪلو" ٿي ويو.
    هر وات ۾ ڪلو ڏي ڪلو ڏي لڳي پئي آھي.
    سير اسان جو طاقت ور هئو هي ڪلو پورا 66 گرام گهٽ آھي.
    پهاڪو ئي مٽجي ويو سير کي سوا سير……
    هاڻي ڪلو کي سوا ڪلو چوڻ ڪيڏو نه مضحڪه خيز لڳي ٿو.
    پهاڪو هو" جيڪو پاء اٽي جو کائي ٿو سو سڀ سمجهي ٿو. "
    سائين هاڻي ڪينئن چئون ته جيڪو اڍائي سو گرام اٽي جا کائئ ٿو ڪيڏي نه ڊيگه ٿي وئي.
    اسان جا سٻاجها مارو ماڻهو کير, دهي, گيه ۽ تيل وٺندي به ڪلو چون .
    چري هش ۾خوش.
    مورڳو لٽر ملي جيڪو وزن ۾ ڪلو کان به گهٽ آهي.
    ڪلو هونئن ته سنڌيء ۾ مضبوطي جي علامت آهي، جيترو زمين اندر گَهِرو ٺوڪيل اوترو مضبوط .
    تڏهن ته اسان جي وڏڙن جي چوڻي هئي ته "وَڇِ ڪلي آھر ڪڏندي آھي“ يعني جيترو ڪلو مضبوط اوتري مستي.
    اڄ ڪلھ لغڙاين جي مستي ڏسي معلوم ٿئي ٿو ته ڪلو سندن به مظبوط آهي.

    سائين اسان وٽ به بي ضمير، بد ديانت، بي حس ۽ بي شرم ڀوتارن جو ڪلو ڏاڍو ڪو مضبوط لڳل.
    ان مست سَانَ وانگر پيا ڪڏن جنهن کي ڊگهي رسي مليل آهي.
    ڪلو مضبوط ڪونهي ته صرف سنڌي قوم جو. هائي.
    ڪِلو هن ملڪ ۾ عوام کي ڏيڻ لاء به ڪم ايندو آھي جنهن کي ڀوتار ڏنڊو ڏيڻ چوندا آھن.
    تبديلي جي نالي تي
    واپڊا وارا،ڪراچي اليڪٽرڪ وارا،گيس پيٽرول ڊيزل وارا هر ٻئي مهيني ڏنڊو ڏيندا آھن.
    دوائن وارا ڀوتار هر مهيني ڏنڊو(ڪلو) ڏيندا آھن.
    باقي حاڪمن حڪيمن جي ڳاله نه ٿو ڪيان انهن جو ڏندو سدا بهار ۽ تيل لڳل هر وقت تيار........
    ماڻهوء جو موت ويندي جي ويرم.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو