مرداڻو سماج

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    کير ۽
    مردانو سماج
    (ھندي ڪهاڻي )
    ليکڪ: چترا مدگل
    کير رڳو گهر جا مرد پيئندا آهن.
    ڇاڪاڻ ته هو مرد هوندا آهن.
    هِن جو ڪم هو، گرم کير جو گلاس کڻي احتياط سان مردن کي پهچائڻ.
    کير پهچائيندي ھو روزانه ان جي مهڪ کي سونگهندي هئي. ڪڙهيل کير جي خوشبو کيس خوش ڪري ڇڏيندي هئي.
    هڪ ڏينهن جڏهن گهر ۾ ماڻس ۽ ڏاڏي نه هيون، هوء وڏو ڪٻٽ کولي کير جي ٿانو مان پنهنجي لاءِ کير جو هڪ گلاس ڀري ٿي. گلاس چپن سان لائي جينئن ئي ڍڪ ڀرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ته دروازي جا طاق کلن ٿا، ماڻس اندر داخل ٿئي ٿي.
    چپن تي پهتل گلاس سندس هٿ مان ڇڏائجي ٿو وڃي ۽ کير جي چاڏي مٿان ٿو ڪري. پڪي مٽي جو ٿانو ٻه اڌ ٿيو وڃي، سڄو گلابي کير ڪچي مٽيء واري فرش تي پکڙجي ٿو وڃي.
    ماءُ ويجهو آئي، سندس وايون بتال ٿي ويون. ڏڪندي ماءُ سان شرمندگي جو اظھار ڪندي، معافي گهرندي رڳو مان..... مان جا لفظ زبان مان نڪتس.
    "کير پئي پيتءُ بي حيا"؟
    "ها"
    “گُهري نه پئي سگھين ؟”
    “گهريو هئم ،تو ڪڏهن نه ڏنو امان"
    " نه ڏنم ته ڪهڙو توکي لٺ باز بنائڻو آهي جو لٺ کي تيل پياران "
    " هڪ ڳالھ پڇان امان؟ "
    ڳوڙهن سان ڀريل اکيون بي باڪ ٿي ويون.
    " پڇ"
    “مان ڄايس ته تنهنجي ارهن ۾ کير لٿو هو"؟
    “ها تمام گهڻو.....
    پر تون ڇا چوڻ ٿي گهرين.؟ "
    “ امان تو منهنجي حصي جي ٿڃ به گهر جي مردن کي پياري ڇڏي هئي ڇا؟"
    ٭٭٭**************************
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو