هڪ خوبصورت تاثر.

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    هڪ خوبصورت تاثر.
    24 سالن جو خوبرو ڇوڪر هلندڙ ٽرين جي دريء مان ٻاهر نهاريندي خوشي مان رڙڪري پيء کي ٻڌايو

    ****"بابا ڏس ته وڻ ڪينئن نه تيزي سان پوئتي پيا ڊوڙندا وڃن.“ !!!!!***

    پيء مرڪي ماٺ ڪري ويو.

    ڀر ۾ ويٺل نوجوان جوڙو عجيب نظرن سان هن خوبرو ڇوڪر جي ٻاراڻي طرز عمل تي کلڻ لڳو.

    گهڙي کن کان پوء نوجوان جي نظر ڪڪرن تي پئي. حيرت مان وري رڙ ڪيائين .

    ****بابا بابا ڏس ته ڪڪر به اسان سان گڏپيا ڊوڙن.!!!!!!***

    هاڻي ته جوڙي کي پڪ ٿي ته هي ڇوڪر ذهني مريض آهي.
    سو همدردي منجهان سندس پيء کي چوڻ لڳا.
    "چاچا اوهان هن کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڇو نه ٿا ڏيکاريو“؟ …………
    پيء مرڪيو ۽ چوڻ لڳو.

    " اهو ئي ته ڪيو اٿم منهجو پٽ پيدائشي نابين هئو. هيترن سالن کان پوءِ سندس اکين جي آپريشن هئي.
    نئون ڪارنيا لڳايو اٿن.
    اڄ ئي پٽي کلي اٿس.
    کيس اڄ ئي ته نور مليو آهي.اڄ ئي ته هو دنيا جون رنگينيون پيو ڏسي".………...........................................
    سو سائين هر ماڻهو داستان آھي ڪڏهن به ڪنهن کي ڏسي جلدبازي ۾ راء قائم نه ڪرڻ گهرجي.…………… ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو