سپريم ڪورٽ جي بحريه ٽائون واري بي مثال انصاف تي اصل سڄي سنڌ عش عش ڪري غش ٿي وئي آهي..... ڪورٽ سڳوري هر طرف کان داد پئي وصول ڪري. مونکي هن انڌي انصاف تي مرحيات خليل جبران جو لکيل قصو ياد ٿو اچي. انصاف ٿي ويو.... هڪ با اثر چور رات جو امير جي گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر غلط دري کان اندر ٽپيو..... اهو گهر ڪوريءَ جو هجي. ٽپڻ وقت اتي موجود ڪپڙي اُڻڻ جي اڏي تي سندس مٿو لڳو ۽ ساڄي اک نڪري پيس. چور ڏاڍ مڙسي ڏيکاري وقت جي بادشاهه وٽ ڪوري خلاف دانهن کڻي ويو ته مونکي انصاف ملي ۽ قصاص ۾ ڪوريءَ جي اک ڪڍي وڃي. چور جي دوستي شهزادي سان هئي جنهن بادشاهه کي شفارش ڪئي. ڪوري جي طلبي ڪورٽ ۾ ٿي. حڪم ٿيو ته چور بي گناھ چور آهي، سندس اک ضايع ٿي آهي. فيصلو ڪجي ٿو ته قصاص ۾ ڪوريءَ جي اک ڪڍي وڃي. ڪوري عرض ڪيو ته سائين منهنجو ڪم ٻنهي اکين جو آهي. منهنجي پاڙي ۾ موچي رهي ٿو ان جو ڪم هڪ اک سان به ٿي ويندو، ان جي اک ڪڍي وڃي. بادشاھ جي حڪم تي نوڪر موچيءَ کي گهليندا درٻار ۾ وٺي آيا ۽ بي مثال انصاف موجب سندس اک ڪڍي وئي. ۽ انصاف ٿي ويو.