1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

گلقند

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    215
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    سپريم ڪورٽ جي بحريه ٽائون واري بي مثال انصاف تي اصل سڄي سنڌ عش عش ڪري غش ٿي وئي آهي.....
    ڪورٽ سڳوري هر طرف کان داد پئي وصول ڪري.
    مونکي هن انڌي انصاف تي مرحيات خليل جبران جو لکيل قصو ياد ٿو اچي.
    انصاف ٿي ويو....
    هڪ با اثر چور رات جو امير جي گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر غلط دري کان اندر ٽپيو.....
    اهو گهر ڪوريءَ جو هجي.
    ٽپڻ وقت اتي موجود ڪپڙي اُڻڻ جي اڏي تي سندس مٿو لڳو ۽ ساڄي اک نڪري پيس.
    چور ڏاڍ مڙسي ڏيکاري وقت جي بادشاهه وٽ ڪوري خلاف دانهن کڻي ويو ته مونکي انصاف ملي ۽
    قصاص ۾ ڪوريءَ جي اک ڪڍي وڃي.
    چور جي دوستي شهزادي سان هئي جنهن بادشاهه کي شفارش ڪئي. ڪوري جي طلبي ڪورٽ ۾ ٿي. حڪم ٿيو ته چور بي گناھ چور آهي، سندس اک ضايع ٿي آهي.
    فيصلو ڪجي ٿو ته
    قصاص ۾ ڪوريءَ جي اک ڪڍي وڃي.
    ڪوري عرض ڪيو ته سائين منهنجو ڪم ٻنهي اکين جو آهي.
    منهنجي پاڙي ۾ موچي رهي ٿو ان جو ڪم هڪ اک سان به ٿي ويندو، ان جي اک ڪڍي وڃي.
    بادشاھ جي حڪم تي نوڪر موچيءَ کي گهليندا درٻار ۾ وٺي آيا ۽ بي مثال انصاف موجب سندس اک ڪڍي وئي.
    ۽ انصاف ٿي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو