گلقند. جنگي جنون ۾ مبتلا ٽي وي اينڪر رڙيون پئي ڪيون، مونکي کل اچي وئي. هڪ جوڳيء کي دست لڳا. ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ بعد پرهيز جو پڇيائين. ڊاڪٽر مسڪرائيندي جواب ڏنو. "بس مرلي تيز نه وڄائجائن" سمجهي ويا هوندا. چاچا سائين توهان جي خوشگوار گهرو زندگي جو ڪهڙو راز آهي؟ ابل مون ۽ زال پاڻ ۾ معاھدو ڪيو آهي ته زندگيءَ ۾ مان جڏهن به تو تي ڪاوڙ ڪيان ته تون بورچي خاني ۾ هلي وڃجائن. جڏهن توکي مون تي ڪاوڙ لڳي ته مان مٿي کُڏ تي هليو ويندس. پوءِ چاچا.!!! هائي....... پٽ پوءِ وري ڇا. مان گذريل ويهن سالن کان کُڏَ تي ئي آهيان. ************************'' ***** شيخ صاحب جي دور انديشي مشهور آهي. مون وٽ دعوت تي آيو، سندس فرمائش تي دال چانور ڪرايم. مٺي ۾ بادام جو حلوہ به هيو. دال چانورن سان بسم ﷲ ڪيائين. وچ تي حلوہ بادام نوش ڪيائين. آخر ۾ وري دال چانور. يا حيرت.... شيخ صاحب مٺو آخر ۾ کائبو آهي.... مون پڇيو. جواب مليو دور انديشي سائين. اهو وري ڪيئن؟ شيخ صاحب ڪمال سادگي سان جواب ڏنو. "ڏسو سائين خراب موسم پيو هلي جيڪڏهن الٽي ٿي ته آخر ۾ کاڌل دال چانور نڪرندا . جي دست ٿيا ته پهرين کاڌل دال چانور نڪرندا. گهٽ ۾ گهٽ وچ تي کاڌل بادام حلوه ته محفوظ رهندو."