گلقند

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    گلقند.
    جنگي جنون ۾ مبتلا ٽي وي اينڪر رڙيون پئي ڪيون، مونکي کل اچي وئي.
    هڪ جوڳيء کي دست لڳا. ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ بعد پرهيز جو پڇيائين.
    ڊاڪٽر مسڪرائيندي جواب ڏنو.
    "بس مرلي تيز نه وڄائجائن"
    سمجهي ويا هوندا.

    چاچا سائين توهان جي خوشگوار گهرو زندگي جو ڪهڙو راز آهي؟
    ابل مون ۽ زال پاڻ ۾ معاھدو ڪيو آهي ته زندگيءَ ۾ مان جڏهن به تو تي ڪاوڙ ڪيان ته تون بورچي خاني ۾ هلي وڃجائن.
    جڏهن توکي مون تي ڪاوڙ لڳي ته مان مٿي کُڏ تي هليو ويندس.
    پوءِ چاچا.!!!
    هائي....... پٽ پوءِ وري ڇا.
    مان گذريل ويهن سالن کان کُڏَ تي ئي آهيان.
    ************************'' *****
    شيخ صاحب جي دور انديشي مشهور آهي.
    مون وٽ دعوت تي آيو، سندس فرمائش تي دال چانور ڪرايم.
    مٺي ۾ بادام جو حلوہ به هيو.
    دال چانورن سان بسم ﷲ ڪيائين.
    وچ تي حلوہ بادام نوش ڪيائين.
    آخر ۾ وري دال چانور.
    يا حيرت.... شيخ صاحب مٺو آخر ۾ کائبو آهي.... مون پڇيو.
    جواب مليو دور انديشي سائين.
    اهو وري ڪيئن؟
    شيخ صاحب ڪمال سادگي سان جواب ڏنو.
    "ڏسو سائين خراب موسم پيو هلي
    جيڪڏهن الٽي ٿي ته آخر ۾ کاڌل دال چانور نڪرندا .
    جي دست ٿيا ته پهرين کاڌل دال چانور نڪرندا.
    گهٽ ۾ گهٽ وچ تي کاڌل بادام حلوه ته محفوظ رهندو."
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ھاھاھاھاھ چاچا توھان جا گلقند کلائي کيرو ٿا ڪن..
     
    قريشي شبير احمد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو