1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

"نشتر" ناٿن شاهي، هڪ حسن پرست شاعر (ديدار شام)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2019۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,662
    ورتل پسنديدگيون:
    6,915
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    "نشتر" ناٿن شاهي، هڪ حسن پرست شاعر.
    ديدار شام

    [​IMG]


    سنڌ ڌرتي ڏات ڌڻين جو ڏيھ رهي آهي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي هن سرزمين تي ڪيترائي تخليقڪار رهيا آهن، جديد دور ۾ شيخ اياز، اُستاد بخاري، راشد مورائي، نياز همايوني، سرڪش سنڌي، حليم باغي، ابراهيم منشي، حسن درس، احمد خان مدهوش، احمد سولنگي، ايوب کوسو سميت ٻيا ڪيترائي شاعر نمايا طور نظر ايندا، جن جي شاعري فڪر فهم سنڌ جي خمير سان جوڙيل آهي، جنهن سبب سندن شاعري ڪڏهين به مري نٿي سگهي، ها جن به سنڌ کي موضوع بڻائي شاعري ڪئي آهي اُهئي ڪڏهن مري نٿا سگهن.
    اڄ به هتي هڪ ان شاعر جو ذڪر ڪندس جنهن جي شاعري به سنڌ جي خمير سان جوڙيل ۽ ڳنڍيل آهي، اهو شاعر آهي سائين "نشتر" ناٿن شاهي، جنهن جي اڄ پهرين ورسي سندس شهر ۾ ملهائي وڃي پئي. سائين نشتر ناٿن شاهي جي شاعري ته سنڌ سان جوڙيل هُئي پر هن جو پنهنجي شهر سان به نيهن وارو ناتو هو جنهن سبب ئي هن پنهنجي شناخت، پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي شهر سان جوڙي ڇڏي ۽ نشتر ناٿن شاهي جي نالي سان لکڻ لڳو.
    شاعر بنيادي طور تي حساس دل هوندو آهي، هي پيار، محبت، امن، سونهن، حسن، خوبصورتي ۽ فطرت جي سموري حسناڪي جو عاشق ۽ ترجمان هوندو آهي،
    [​IMG]
    سائين "نشتر" ناٿن شاهي جو به اهڙن ئي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، سائين "نشتر" فطرت جي سموري حسناڪي جي ترجماني ڪندڙ شاعرن جي قطار ۾ نمايان طور بيٺل نظر اچي ٿو. هتي سندس شاعري جون ڪجهه سٽون مثال طور هيٺ ڏيجن ٿيون،
    حسن وارن جي گلا ڪير ٻڌي.
    ايڏي توهينِ خدا ڪير ٻڌي.
    ذڪر محبوب ٿئي اگر ته ٻڌون،
    ورنه رڳو خوفِ خدا ڪير ٻڌي.
    سندس هن شئر ۾ ڏسو هي حسن وارن جي گلا کي توهينِ خدا ٿو سمجهي! يعني هن وٽ خدا جو تصور حسن ۽ خوبصورتي وارو آهي ۽ هن جي نظر ۾ حسن جي گلا ڪرڻ توهينِ خدا آهي!
    تنهن ڪري ئي چوي ٿو ته
    "حسن وارن جي گلا ڪير ٻڌي.
    ايڏي توهينِ خدا ڪير ٻڌي"​
    نشر ناٿن شاهي ان ساڳي ئي غزل ۾ وري چيو آهي ته رڳو خوفِ خدا ۽ ڊپ جون ڳالهيون نه ڪيون، ڇاڪاڻ ته عام طور تي مذهبي ٺيڪيدار رڳو دوزخ ۽ عذابن جون ڳالهيون ڪندي ٻڌا وڃن ٿا! جڏهن ته هن وٽ خدا جو تصور ئي حسن، محبت ۽ حسناڪي وارو آهي،تنهن ڪري ئي هي بنا خوب جي اهو چئي ٿو ڏئي ته..
    ذڪر محبوب ٿئي گر ته ٻڌون،
    ورنہ رڳو خوفِ خدا ڪير بڌي.
    "نشتر" ناٿن شاهي حُسن بابت اڳتي چئي ٿو ته...
    حسن سان جيڪو به رغبت ٿو رکي.
    عشق جي گرمي وجهي انکي سَٽي.
    يا اڃان به پاڻ اڳتي ان ساڳي غزل ۾ فرمائي ٿو ته
    جنهن محبت ۾ رسڻ، پرچڻ نه آ،
    نامڪمل پيار اهڙو ٿو رهي.​
    مٿي بيان ڪيل شيئر جي سٽ ۾ سائين "نشتر" ناٿن شاهي محبت ۾ رسڻ ۽ پرچڻ کي لازمي قرار ٿو ڏئي، سائين اهو به واضح چيو آهي ته محبت ۾ رسڻ، پرچڻ کان سواءِ پيار اڻپورو رهي ٿو!
    "نشتر" ناٿن شاهي پنهنجي شاعري ۾ وڌيڪ چئي ٿو ته..
    وصل جنهن ۾ ڪين آيو آ فراق،
    ڪاميابي ڄڻ ٿي ناڪامي رهي.
    سائين عشق ۽ محبت ۾ صبر کي وڏي اهميت ڏني آهي، هن عاشق کي بردبار، دلير، بهادر سڏيو آهي، هن جي نظر ۾ جنهن عاشق وٽ صبر ۽ سهڻ جو مادو ناهي اهو عاشق ٿي نٿو سگهي! ڇاڪاڻ ته سائين "نشتر" چئي ٿو عاشق ٿيڻ لاءِ بردباري کپي،
    "عشق ڄڻ صبر و سهڻ جو نام آ،
    عاشقي ۾ بردباري ٿي کپي."​
    سائين "نشتر" حسن، محبت، عشق کان سواءِ سماجي ۽ انقلابي حالت تي به تمام سٺي شاعري ڪئي آهي، سندس سماجي ۽ انقلابي شاعري ۾ هر بي رخي ۽ نا انصافي تي به هن جي شاعري ٿيل آهي، جيڪا شاعري سندس ڪتاب "ڪلامِ نشتر" ۾ موجود آهي، جيئن سندس هي شئر آهي ته..
    ڪنهن رُنو انصاف جي حالت پسي.
    ڪو ڏسي انصاف جي حالت بري!
    فڪر ناهي، ٿي جي دل مايوس آ،
    غم جي پويان ٿي اچي موٽي خوشي.​

    سائين توڙي جو پنهنجي زندگي ڏکن، ڏولاون ۽ تڪليفن ۾ گذاري، پر سندس شاعري ۾ ڪٿي به مايوسي نٿي ملي، پر ها ڪٿي ڪٿي سائين شاعري ۾ ميارون ته ڏيندي نظر اچي ٿو پر سندس شاعري ۾ همت، حوصلو ۽ اُميد وڏي مقدار ۾ برقرار نظر اچي ٿي. سائين خوف ۽ خطرن کي زندگي جو حصو سمجهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سائين زندگيءَ ۾ خوف ۽ خطرن جي ڪڏهن به پرواهه ناهي ڪئي، مثال طور جيئن سائين هن شئر ۾ واضع فرمائي ٿو ته...
    خار سان شامل رهي ڪو گل ٿئي.
    خوف ۽ خطرن جو نام آ زندگي.​
    سائين زندگي ۾ جيڪو به درد، ڏک، سور ڏٺو يا برداشت ڪيو ان جي شڪايت ڪجهه هن طرح سان ڪئي آهي،
    برابر! بردباري ۾ سمايل بهتري آهي.
    مگر منهنجي زبان جو پئي شڪايت سان ڀري آهي.
    وري بادِ صبا ملبو حياتي گرچه آ ورنہ،
    چمن وارن کي چئجان موڪلاڻي آخري آهي.

    ادب جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سائينءَ "نشتر " جي شاعري ته ڪمال جي آهي پر سندس شاعري پڙهڻ جو ڏيانءُ به تمام سٺو رهيو،
    سائين کي مشاعرن ۾ تمام گهڻي موٽ ملندي هئي،
    سائين نشتر جي ڏات جي اهميت جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته سائين "نشتر" جو سنڌ جي جنهن خطي دادو سان ڳانڍاپو هو، ان دادو جي ادبي ۽ انقلابي تاريخ ۾ اُستاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، احمد خان مدهوش، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، جوهر بروهي، خليل عارف سومرو، ڊاڪٽر قربان جهتيال ۽ ان جهڙا ٻيا ڪيترائي نامور شاعر هئا، يا کڻي ائين چئجي ته ادب جي دنيا ۾ شاعري جي آڪاش ۾ پکڙيل ڪيترن ئي ستارن مان سائين نشتر جي ڏات جو چمڪندڙ ستارو ادب جي تاريخ ۾ نمايان ۽ چمڪندڙ نظر اچي ٿو، جيڪو هڪ شاعر جي ڏات جو ڪمال ئي آهي. سائين "نشتر" پنهنجي شهر کي محبت، پيار ۽ احترام سبب پنهنجي نالي سان جوڙي ڇڏيو هو،
    سائين جي ڇٺيءَ جو نالو غازي خان هو، سندس شاعري ۾ تخلص "نشتر" هو پر هو اڄ سڄي سنڌ ۾ پنهنجي شهر جي نالي "نشتر ناٿن شاهي" سان سڃاتو وڃي ٿو. جڏهن ته سندس ساڳي شهر جي نالي سان وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي به سڃاتان وڃن ٿا، هي ٽئي پنهنجي ڏات ۽ شخصيت سان الڳ الڳ حيثيت رکندڙ شخصيتون ۽ شاعر آهن.
    جن کي سمجهڻ، پرکڻ لاءِ سندن ڏات سان ملاقات ۽ سندن شاعري سان ڏيٺ ويٺ ضروري آهي، ڪنهن به شاعر، ليکڪ، رهبر جي لکڻين ۽ ادب جي سگھ مان خبر پئجي ويندي آهي ته سندس فڪر فهم، طبيعت ۽ شخصيت ڪهڙي مزاج جي آهي ۽ هي ڪهڙي فڪر فهم سان جوڙيل ۽ گڏيل آهي، جيئن سائين "نشتر" ناٿن شاهي سان منهنجي زندگي ۾ ملاقات ته نه هئي، پر سندس صالح پٽ اسد ﷲ "نشتر" جي ڪوششن ۽ نوجوان ليکڪ احسان آڪاش جي رات ڏينهن جي محنتن سان آيل شاعري جي ڪتاب "ڪلامِ نشتر" ۽ "سخينِ نشتر" ۾ سندس شاعري ئي سندس شخصيت، فڪر فهم ۽ سوچ جو واضع اظهار آهي. سندس شاعري ئي سندس شخصيت سان ملاقات آهي. سندس فڪر فهم ۽ ڏات سان ملاقات آهي. سندس هي ٻئي ڪتاب "ڪلامِ نشتر" ۽ "سخينِ نشتر " ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم واڌارو آهي. اُميد ته سندس صالح اولاد ۽ سندس علمي ادبي دوست ائين ئي ساڳي جذبي سان سائين نشتر جو سمورو علمي پورهيو آهستي آهستي ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻي ادب جي کيتر ۾ تاريخي واڌارو ڪندا رهندا، ۽ سائين جي ورسي جي ڏهاڙي کي ڪڏهن به نه وساريندا جيڪو هڪ شاعر کي تاريخ ۾ سدائين زنده رکڻ لاءِ تمام وڏو ڪارنامو ۽ تمام وڏي ڀيٽا هوندي آھي.
    Deedarshaam@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو