سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جنگ جنگ جنگ آ توسان منهنجي جنگ آ
    پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ!
    (مُنشي ابراهيم)​

    ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم:
    اڄ سنڌ سلامت هڪڙي اهڙي تاريخ جوڙي رهي آهي، جو انٽر نيٽ تي ڪنهن به سنڌي فورم ڪنهن به سنڌي ويب، ڪنهن به سنڌي ميڊيا جي چينل اهڙي تاريخ نه جوڙي هوندي، ٿِي سگهي، ٿو اسان جي سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي هن منهنجي انتهائي اهم ترين ڪاوش کي سنڌ سلامت اسٽوڊيو ۾ موڪليندڙ سنڌ سلامت جي خالص پنهنجي وڊيوز جيان عام سمجهندا هُجن، بلڪل عام وڊيوز جيان جو سنڌ سلامت جا اڪثر ميمبر انهن تي پنهنجا ڪامينٽس ڏيڻ ته ڇا پر انهن وڊيوز کي هڪ نظر ڏسڻ به پسند ڪونه ڪندا آهن، سنڌ سلامت جي هر ڪنهن ميمبر سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي سينگارڻ لاءِ ڏينهن رات جتن ڪيا آهن، مون غريب به پنهنجي وت آهرپنهنجي زندگي جي ٻاونجاهي سال ۾ ڏينهن جا ڏينهن راتين جون راتيون سنڌ سلامت لاءِسمورو سک چين آرام وڃايو آهي هر ڀيري ڪوشش ڪئي اٿم ته سنڌ سلامت لاءِ ڪجهه مختلف ڪيو وڃي ، اهو مختلف ڇا ڪيواٿم سمورا دوست بخوبي ڄاڻن ٿا، الغرض هن ڀيري اهڙا ناياب وڊيوز سنڌ سلامت جي دوستن سميت ساري دنيا جي سنڌي دوستن لاءِ شهر ٽنڊو محمد خان جي هر دلعزيز شخصيت محترم ڊاڪٽر انور علي عالماڻي صاحب جي ذاتي ٿورن سان کڻي آيو آهيان جنهن جو ڪو مول ڪونهي، يقين ڪيو ته جڏهن اهي قيمتي وڊيوز صرف سنڌ سلامت لاءِ ڊاڪٽر صاحب جڏهن منهنجي حوالي ڪيا ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها هُئا، ڇو جو انهن وڊيوز ۾ سنڌ جي مهان جاکوڙي ، انقلابي ۽ نامياري شاعر مرحوم “مُنشي ابراهيم” جي شاعري سندس زباني هُئي، ماضي ۾ اسان جا ڪافي ناميارا شاعر ٿي گُذريا آهن جنهن ۾ مهان شيخ اياز مرحوم، اُستاد بُخاري مرحوم، تاجل بيوس مرحوم، انهن مهان شاعرن جي شاعري سنڌ جي تاريخ جو اڻمٽ حصو آهن، پر ڪنهن به سنڌ جي سڄڻ يا سنڌ جي ڪنهن به اداري انهن شاعرن کي سندن شاعري سميت وڊيوز جي صورت ۾ رڪارڊ ڪونه ڪيو پر جس هُجي ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب جن کي جنهن لڳ ڀڳ 25 کان ٽيهه پروگرام مُنشي ابراهيم مرحوم سان گڏ شهر جي معززين سان جنهن ۾ علمي ادبي شخصيتن ڀي شرڪت ڪئي هُئي اهڙي ڪنهن هڪ پروگرام ۾‌ مون کي پڻ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو هو۔توهان کي هڪڙو اهم ترين سچ ٻُڌائيندو هلان ته محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي جڏهن مونکي مُنشي ابراهيم مرحوم جي وڊيو جون 13 سي ڊيز ڏنيون ۽ چيو ته محترم ناز آئون توکي سنڌ جي قومي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني صرف انهي آسري تي ڏئي رهيو آهيان جو ساري دنيا جي سنڌين سان مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني ضرور ونڊ ڪئي ويندي، جيئن ته انهن 13 سي ڊيز جي هرهڪ سي ڊي جو دورانيو تقريبن ڏيڊ ڪلاڪ آهي ۽ سنڌ سلامت جي يو ٽيوب واري اڪائونٽ ۾ 10 منٽن کان وڌيڪ وڊيو لڳائڻ جي اجازت ڪانهي۔ محترم رشيد سمون سان اڄ کان 6 مهينا پهرين منشي ابراهيم مرحوم جي وڊيوز جو مون ذڪر ڪيو هو،
    مون کيس اهو به ٻُڌايو هو ته انهن تاريخي وڊيوز خريد ڪرڻ‌ لا ڪجهه اهڙا فورم اڳيان آيا جن هنن تاريخي ۽ قومي شاعر جي وڊيوز جي قيمت لکين رپيا لڳائي، پر جس هُجي محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي کي جنهن سنڌ جن هن قومي شاعر جي شاعري سندس زباني وارن وڊيوز کي چند نوٽن عيوض وڪڻڻ کان بلڪل نابري ورائي، کين اهو چيو ته مان هنن وڊيوز کي دوستي ۾ توهان کي رڪارڊ طور ۽ تحفي طور ڏيڻ لا تيار آهيان پر انهن وڊيوز جا حق واسطا کين ڪڏهن به نه ڏيندو۔ جيئن ته مونکي سنڌ جي قومي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي انهن وڊيوز جي خبر هُئي، دل چيو پي ته هن مهان شاعر جي شاعري سندس زباني الله چاهيو ته ڊاڪٽر محمد انور عالماڻي جي تمام گهڻن ٿورن سان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ضرور ونڊ ڪندس۔ هڪ ڏينهن الله سائين جو نالو وٺي ڊاڪٽر محمد انور عالماڻي جي اسپتال ۾‌ لنگهي ويس، رش به ٿوري گهٽ هُئي، کيس سنڌ سلامت واري اڱڻ جي مول متن جي باري ۾ تفصيل سان ٻُڌايم ۽ گُذارش ڪيم ته سنڌ جي هن قومي شاعر جا وڊيوز برا مهرباني سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪيا وڃن ته جيئن توهان جي بي بها ٿورن سان ساري دنيا جا سنڌ ي مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري وڊيو جي صورت ۾‌شاعر جي زباني ڏسي سگهن۔ محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي تمام گهڻو خوش ٿيو، مونکي شاباسون ڏيندي چيائين ته ادا ناز بلڪل اها ئي ساڳي سوچ مُنهنجي هُئي ته سنڌ ڌرتي جي هن عظيم شاعر جي شاعري کي فلمبند ڪرائي پنهنجي هن حقير ڪاوش کي سموري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪري هڪڙو تاريخي ڪارنامون ڪيان جنهن ۾ سنڌ ڌرتي جي خدمت ۽ بي لوث خدمت جو جذبو ڪار فرما هُجي، پاڻ مونکان هڪ مهيني جي مهلت ورتائون ، ٺيڪ هڪ مهيني بعيد اوريجنل وڊيو تان سي ڊيز ڪاپي ڪرائي منهنجي گهر جملي 18 سيڊيز ڏياري موڪليائين ، جيئن ته اُنهن ڏينهن پنهنجي موڀي ڀا نوراحمد سمون جيڪو بلوچستان ۾‌ سي ايس ايس آفيسر آهي، اهو مونکي پاڻ‌سان گڏ ڪوئٽا وٺي ويو ۔ ڪوئٽه کان تقريبن پندرهن ڏينهن کان پو اچڻ ٿيو اهڙي طرح هڪ مهيني کان به وڌيڪ عرصي کان پو ڊاڪٽر انور عالماڻي سان هڪڙي ادبي فنڪشن ۾ ملاقات ٿي ڇيائين ته ادانثار ناز مُنشي ابراهيم مرحُوم جون سي ڊيز توکي مليون، مون کيس جواب ڏنو ته نه مونکي ناهن مليون ، پاڻ چيائين ته مون پنهنجي پٽيوالي عنايت رند کي اهي سي ڊيز تقريبن هڪ مهينو وعدي مطابق توهان جي گهر ڏياري موڪليو هُيون۔ اڙي ! اهو فنڪشن اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي گهر ڀڳس اچي مولائڻ کان پڇيم ته ڊاڪٽر انور عالماڻي ڪجهه سي ڊيز موڪليون هيون چيائين ته ها بلڪل سلامت پيون آهن پر ڳالهه ياد ڪانه آئي ان ڪري ذڪر نه ڪري سگهيس۔ جيئن ته 13 سي ڊيز جي ايڊيٽنگ ڪر‌ڻ‌ هر سي ڊي مان 10 10 منٽن جو وڊيوز جُدا ڪرڻ هڪڙو نهايت ئي ٿڪائيندڙ ڪم آهي، ان کان علاوه بجلي جو بحران ان ته هن تمام اهم ۽ تاريخي ڪم کي صفا پينڊنگ ۾‌ڪري ڇڏيو، هي 10 10 منٽن جا ٽي وڊيوز مُنشي ابراهيم جي شاعري  جا ايڊيٽنگ ڪندي لڳ ڀڳ 20 ڏينهن کان مٿي ٿي ويا آهن بجلي جو بحران ، اپ لوڊ ڪندي ڪندي جڏهن اهي ڏهن منٽن وارا وڊيوز اٺانوي پرسنٽ تي ٿيندا هُئا ته بجلي هلي ويندي هُئ اهڙي طرح هڪ ڊرزن کان مٿي ڀيرا اهي وڊيوز سنڌ سلامت جي يو ٽيوب واري اڪائونٽ ۾ موڪليم پر بجلي جي بحران سبب بار بار اهي وڊيوز پنهنجي منطقي انجام تائين ڪونه پهتا، هينئر به مونکي شديد بُخار آهي ٽيمپريچر 103 کان مٿي آهي ان کان علاوه منهنجي وڏي پُٽ محمد علي جي شادي جي ڏينهن به ٻڌجي ويا آهن گهر ۾ صرف هڪڙو ماڻهو آهيان وڏي مشڪل سان هي تمهيد لکي رهيو آهيان خير هي ٽي تاريخي وڊيوز بعنوان مُنشي ابراهيم پارٽ ون پارٽ ٽو ۽ پارٽ ٿري توهان سان انهي خوشي سان ونڊ پيو ڪريان ته سنڌ سلامت جي اڱڻ کي مهان سنڌي قومي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني جو اعزاز الله جي فضل ڪرم سان ملي پيو، جيئن ته مرحوم مُنشي ابراهيم جي يوم وفات هن مهيني جي 31 تاريخ آهي جيڪڏهن سنڌ سلامت جا دوست ايگري هُجن ته سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تان هي وڊيو شيئر جولائي وارو مهينو مرحوم مُنشي ابراهيم جي طور ملهايو وڃي۔ ان کان علاوه سنڌ سلامت جي منتظم کي پرزور گُذارش ٿو ڪريان ته ٻين شاعرن سان گڏ سنڌ جي هن قومي شاعر جو عليحده سيڪشن بنايو وڇي جنهن ۾‌ مرحوم شاعر جا سمورا وڊيوز جيڪي هڪ انداز مطابق هڪ سئو کان وڌيڪ هوندا لڳايا وڃن
    ته پيش آهن مهان شاعر سنڌ جي قومي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي آف ٽنڊو محمد خان جي ٿورن سان ​

    سنڌ جو ارڏو شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم سندس شاعري سندس زباني پارٽ 1 سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پنهنجي پيشڪش۔​

    سنڌ جو جاکوڙي قومپرست شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني پارٽ 2 سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش​


    مُنشي ابراهيم مرحوم جي شاعري سندس زباني پارٽ 3 سنڌ سلامت جي پنهنجي پيش ڪش​

    مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني واري قومي ڪارنامي واري تقريب جو آغاز باقائده الله تبارڪ و تعالا جي بابر ڪت نالي سان ڪيو ويو، هي پهرين تقريب حيدرآباد ضلع جي هڪڙي ڳوٺ سونو خان عالماڻي ۾ ٿي۔هن تقريب جي ڪاروائي سائين عبدالڪريم سومرو هلائي
    دوست توهان سڀني جي همت افزائين جو تمام گهڻو ٿورائتو رهندس باقي دُعا ڪريو ته انهي قومي ڪم کي اڳتي وڌائيندي تقريبن هن مهان شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جا تقريبن سئو جي لڳ ڀڳ وڊيو توهان سان شيئر ڪري سگهان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    مهرباني ادا
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    [​IMG]
    ڪجهه وقت پهرين مون سنڌ سلامت جي دوستن لاء مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري ۽ سالگره رپورٽ جي وڊيو ( انقلابي شاعر محمد ابراهيم منشي جي سالگره رپورٽ ) جي نالي سان پيش ڪئي هئي ، پر هي سائين نثار ناز جون ( مرحوم مُنشي ابراهيم ) جون وڊيوز ڪجهه الڳ حيثيت رکن ٿيون، جنهن جي تعريف نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي،
    سائين نثار ناز صاحب توهان جا لک لائق ۽ قرب جو توهان اهڙيون ونڊون ڪندا رهو ٿا، هن ونڊ ته دل کي هڪ نئون ڪرار ڏئي ڇڏيو، جنهن ڪرار کي شايد صرف مان ئي محسوس ڪري ٿو سگهان، مرحوم هڪ سچو ۽ سنڌ جو بهادر ، سنڌ سان پيار ڪندڙ هڪ نماڻو شاعر ۽ انسان هو، سندس شاعري ۾ هڪ انقلاب ۽ بغاوت جو سمنڊ ڀريل هوندو هو، سنڌ جي دشمنن لاء ته سري عام هن جو اهيو نعارو هوندو هو
    ( جنگ جنگ جنگ آ توسان منهنجي جنگ آ۔ پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ! )
    هڪ ٻئي هنڌ ته هيئن ٿو چوي،

    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،​

    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي​
    .

    برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،​

    پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري،​

    آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،​

    جو سچ انهيءَ تان سَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.​


    نِکاريو سِنڌڙي حُسن، ڏسي ڪيئن ڪُونڌ پيا ڪُسن،
    ڪروڙ ڪاهيندا اچن، ڪُسڻ جو ڪوپ پيا پُڇن،​
    مَچن مَچن اندر مَچن، مَچن مَچن اندر مَچن،​

    جنهن وِک هٽائي بي وڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.​


    هي مڪليون، موهن دڙا، ٿرن بَرن ٿڌا گھڙا،
    ٽهڪائي جنهن ٽانڊا ڪيا، کڻي ويو ٽپڙ ٽڙا،
    انهيءَ ڪري هڙا وڙا، انهيءَ ڪري هڙا وڙا،
    نٿو جو تڙ مٿان تڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

    ٿي انتها آ ڪِيس جي، ۽ ڪيسين ويهندا هيسجي،
    ڇڏي ڏي ريت رِيس جي، پُريون به وينديون پيسجي،
    آ جنگ جِيس جِيس جي، آ جنگ جِيس جِيس جي،
    اُٿي نه جو تڙي کڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

    ٻُڌين نٿو کٻي سڄي، نقارو جنگ پيو وڄي،
    گھڻين هٿين ڇپر کڄي، هلي نه جنهن هيئون هِڄي،
    ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي،
    ڌڙي تي داڦ بيھ ڌڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

    هي ملڪ ”منشي“ ٿيو مَکِي، چوي پيو پکڻ پکي،
    جڏهن به قوم آ ڪَکي، لکين لهي آيا لکِي،​

    سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي، سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي،​

    پِيءَ جان سان نٿو جَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.​
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    محترم علي اڪبر شر صاحب لک لائق جو توهان کي اسان جي هي غريباڻي محنت وڻي۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    محترم ممتاز علي وگهيا، مهرباني جو منهنجي هي سموري ونڊ توهان پڙهي ۽ سنڌ سلامت جي خصوصي پيش ڪش منشي ابراهيم مرحوم جي شاعري سندس زباني جا هي وڊيوز توهان ڏٺا ۽ تفصيل سان پنهنجا ڪامينٽس ڏئي منهنجي همت افزائي ڪئي لک لائق ادا جيڪا شاعري مرحوم منشي ابراهيم جي توهان هتي لکي آهي سان يقينن توهان کي منشي ابراهيم مرحوم جي آواز ۾‌ منهنجي اچڻ واري وڊيوز ۾ توهان کي ضرور ڏسڻ لاءِ ملندي بس ٿورو انتظار مٺا ٿورو انتظار
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    محترم سائين نثار صاحب توهان جا لک ٿورا جو منهنجي ضد کي مان ڏيندي توهان آخرڪار منشي ابراهيم جن جي شاعري سندن ئي آواز ۽ وڊيو جي صورت ۾ سنڌ سلامت جي زينت بڻائي۔۔۔ يقين ڪريو توهان جو هي ڪارنامون توهان جي ٻين ڪارنامن ۾ سڀ کان مٿانهون هوندو۔۔۔
    توهان جي هر وڊيو فورم تي انتهائي اهم هوندي آهي جنهن کي پڙهندڙ رڪنن جو اندازو توهان تعداد مان لڳائيندا رهندا هوندو۔۔۔ ها بس هر رڪن توهان وانگر لفظن جو زخيرو نه رکندو آهي ان هوندي به توهان جي شاعري ۽ وڊيوز کي نه صرف سنڌ سلامت فورم پر سنڌ سلامت فيس بوڪ گروپ ۽ پيج کان سواءِ مختلف ويب سائيٽس تي لڳل ڏسندا رهندا آهيون جنهن مان صاف لڳي ٿو ته انٽرنيٽ تي ايندڙ سنڌي لوڪ توهانجي ونڊ ڪيل وڊيوز ۽ شاعري ۾ دلچسپي رکندڙ آهي۔۔۔
    توهان جي گذارش تحت منشي ابراهيم مهيني جولائي ۾ سندس آواز ۾ ٻڌايل شاعري جي وڌيڪ وڊيوز جو انتظار آهي۔۔۔ ان ڪري سنڌ سلامت تي سندس ۽ توهان بابت الڳ الڳ سيڪشن ترتيب ڏنو ويو آهي ۔۔ اميد ته پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍندي ٻنهي سيڪشنن ۾ مواد ونڊ ڪري سنڌ سلامت جي ساٿ کان داد وٺندا رهندا۔۔۔
    هڪ دفعو ٻيهر قيمتي وڊيوز ونڊڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    الائجي ڪيئن هي قيمتي ڌاڳو منهنجي نظر کان بچي ويو آهي ۔۔۔؟ پر پوءِ به ايئن چئبو ته سائين ابراهيم منشيءَ جي انقلابي، قومي جذبن سان ٽمٽار، سنڌين جي ضمير کي لوڏي وجهندڙ شاعري پڙهي ۽ ٻڌي ۔۔۔ روح تازو ٿي ويو ۔۔۔۔

    لک ٿورا سائين نثار ناز صاحب جواسانکي اهڙن مهان شاعرن جي شاعري پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لئه ملي ٿي۔
     
  8. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    تمام بهترين شاعري
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    ادا نثار ابڙا مُنشي ابراهيم مرحوم جي سموري شاعري سندس زباني تقريبن مون وٽ آهي، جيڪا جلدي توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪندس، هينئر منهنجي پُٽ محمد علي جي شادي جي ڪري تمام گهڻو مصروف آهيان، دُعا ڪيو ته شادي واري اهم ترين ڪم مان فارغ ٿيان ادا نثار ناز توهان جو گولو ۽‌غلام آهي، توهان جي هن سنڌ سلامت تان جان به قربان آهي ۽ توهان سڀني دوستن سان سر جا سودا آهن۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    ادا هي منهنجوڪارنامو ڪونهي پر سموري سنڌ سلامت جو ڪارنامو آهي، باقي مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري جو عليحده سيڪشن بنائي توهان مون تي وڏو احسان عظيم ڪيو آهي، پيارا ڀا هي شاعري وڊيو جي صورت ۾ڏيندڙ محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب کي گهٽ ۾ ويلڪم ڪيو ها ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿئي ها، ان کان علاوه مون ٽي درجي واري شاعر جو عليحده سيڪشن نه به ٺاهيو ها تڏهن به خير آهي۔ قسم سان مان ان لائق قطعي ڪونه آهيان۔ ان هوندي وڏي ائڊمن جي وڏي مهرباني مڃان ٿو لک لائق۔
     
  11. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    سکيو هجين سپرين ڏکيو ڏسين نه ڏينهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا هن شاعري جو هڪ هڪ شعر اصل جي کي جهنجهوڙيندڙ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام اعلي ونڊ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سدائين گڏ۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    ادا عمران درويش سومرا لک لائق توهان مونکي دعا ڏني مهرباني منشي ابراهيم جي ايندڙ شاعري ته درتي دين ڌرم کان ڪافي سگهاري آهي دوست دعا ڪريو ته منهنجي پُٽ جي شادي جي مصروفيات مان جند آجي ٿئي۔
     
  13. Abdullah Samo

    Abdullah Samo
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    201
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    ٻُڌين نٿو کٻي سڄي، نقارو جنگ پيو وڄي،
    گھڻين هٿين ڇپر کڄي، هلي نه جنهن هيئون هِڄي،
    ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي،
    ڌڙي تي داڦ بيھ ڌڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

    سائين نثار ناز توهان جا لک ٿورا ۽ قرب جو هي بيبها ونڊ ڪيو اٿو، اهو نه صرف سنڌ سلامت پر هر هڪ دردمند ۽ با شعور سنڌي لاء هڪ انمول تحفو ۽ سرمائي جي حيثيت ٿو رکي جنهن لاء ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب ۽ توهانجا وڏا قرب ۽ احسان۔ توهانجو سنڌ ڌرتيء لاء پيار ۽ انجي اوج جي بحاليء جو جذبو ۽ اتساه به اسانکان ڳجهو ناهي، توهان جي شاعري هجي يا چٽسالي يا ڪا ونڊ پر هرهڪ ۾ اهو جذبو ،پيار ۽ پاٻوه بخوبي نظر اچي ٿو۔ انسان گڏ اهو به چوڻ لازم ۽ ديانت ٿيندي ته سنڌسلامت تي موجود هر ساٿي به اهو ئي عهد کنيل نظر اچي ٿو۔ اسان قاري جڏهن به ڪا ڪاوش پڙهون ۽ ڏسون ٿا ته ڄڻ هڪ نئون روح اندر ۾ ڦوڪجندي محسوس ٿئي ٿو۔
    توهان سڀني جا لک ٿورا ۽ قرب مڃيندي شڪرگذار ۽ دعاگو آهيون ته شل سدائين سلامت ۽ جڙيا هجو۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو عظيم قومپرست شاعر مرحوم منشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني

    سائين نثار ناز جي محنت کي سلام

    يادگار وڊيوز آهن۔ منشي ابراهيم سونهن، سچ جي سنگم سان شاعري ڪندو هو۔ ڏاڍ اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو۔ سندس زندگي به جدوجهد سان ڀريل۔ جيل ويو ، قيد ڪٽيائين سختيون سٺائين پر سچ جو ساٿاري رهيو۔ سنڌ ، سنڌ ڌرتي، سنڌي ٻولي تي ساهه ڏيندو هو۔

    درياھ به لاهن چاڙهن ۾،
    انسان به ڇانئن ڪاڙهن ۾،
    ڪو شيشن ۾ ڪو شِيخن ۾،
    هي قاضي هميشه عيش ۾،
    تعويذ وٽن ڪو آهي سَڳو،
    يا ڪنهن جو رت آ مُنهن لڳو،
    کاتا به ڦِريا ماڻهو به مُئا،
    ڪنهن ڪِين ٻُڌا ڪنهن ڪينِ سُئا،
    جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي،
    اسان سا به ڪمائي وينداسون.


    .....................................

    سائين نثار ناز جي محنت کي سلام

    يادگار وڊيوز آهن۔ منشي ابراهيم سونهن، سچ جي سنگم سان شاعري ڪندو هو۔ ڏاڍ اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو۔ سندس زندگي به جدوجهد سان ڀريل۔ جيل ويو ، قيد ڪٽيائين سختيون سٺائين پر سچ جو ساٿاري رهيو۔ سنڌ ، سنڌ ڌرتي، سنڌي ٻولي تي ساهه ڏيندو هو۔

    درياھ به لاهن چاڙهن ۾،
    انسان به ڇانئن ڪاڙهن ۾،
    ڪو شيشن ۾ ڪو شِيخن ۾،
    هي قاضي هميشه عيش ۾،
    تعويذ وٽن ڪو آهي سَڳو،
    يا ڪنهن جو رت آ مُنهن لڳو،
    کاتا به ڦِريا ماڻهو به مُئا،
    ڪنهن ڪِين ٻُڌا ڪنهن ڪينِ سُئا،
    جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي،
    اسان سا به ڪمائي وينداسون.


    .....................................

    سائين نثار ناز جي محنت کي سلام

    يادگار وڊيوز آهن۔ منشي ابراهيم سونهن، سچ جي سنگم سان شاعري ڪندو هو۔ ڏاڍ اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو۔ سندس زندگي به جدوجهد سان ڀريل۔ جيل ويو ، قيد ڪٽيائين سختيون سٺائين پر سچ جو ساٿاري رهيو۔ سنڌ ، سنڌ ڌرتي، سنڌي ٻولي تي ساهه ڏيندو هو۔

    درياھ به لاهن چاڙهن ۾،
    انسان به ڇانئن ڪاڙهن ۾،
    ڪو شيشن ۾ ڪو شِيخن ۾،
    هي قاضي هميشه عيش ۾،
    تعويذ وٽن ڪو آهي سَڳو،
    يا ڪنهن جو رت آ مُنهن لڳو،
    کاتا به ڦِريا ماڻهو به مُئا،
    ڪنهن ڪِين ٻُڌا ڪنهن ڪينِ سُئا،
    جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي،
    اسان سا به ڪمائي وينداسون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ

هن صفحي کي مشهور ڪريو