غزل ڪنڌيءَ نيرو نديءَ جي تي حسينن وار ڇوڙيا ھئا، مٽيءَ تي مير باگي جي اسان خيمان بہ کوڙيا ھئا! ٻڏي ڪلھ ڇوڪريءَ سھڻي ڪيو ڪنڌ عشق جو اوچو، ھزارين ھونئن نہ تہ مھراڻ ماڻھو ٻيا بہ ٻوڙيا ھئا! وري تو سنڌ جيجل سان پئي سوچيو غداريءَ جو، وري تنھنجي اسان منھن تي اچي ڀونڊا گھروڙيا ھئا! اسان جو عشق ھو سنڌ جو سگھڙ قاضي الھواريو، اوھان جي سونھن جا ڏاڍا ڏکيا جنھن ڏور ٽوڙيا ھئا! وڍيو جن کي تو وارن سان نہ ويڄي وقت ٿيو تن جو، ڀڳا جي تنھنجي ڀاڪر ۾ اھي ڪنھن ڪو نہ جوڙيا ھئا! ديدار شاھ