1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

شاعري

'تعارف' فورم ۾ شاھ جھان شاھ طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2019۔

  1. شاھ جھان شاھ

    شاھ جھان شاھ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2019
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    غزل

    ڪنڌيءَ نيرو نديءَ جي تي حسينن وار ڇوڙيا ھئا،
    مٽيءَ تي مير باگي جي اسان خيمان بہ کوڙيا ھئا!

    ٻڏي ڪلھ ڇوڪريءَ سھڻي ڪيو ڪنڌ عشق جو اوچو،
    ھزارين ھونئن نہ تہ مھراڻ ماڻھو ٻيا بہ ٻوڙيا ھئا!

    وري تو سنڌ جيجل سان پئي سوچيو غداريءَ جو،
    وري تنھنجي اسان منھن تي اچي ڀونڊا گھروڙيا ھئا!

    اسان جو عشق ھو سنڌ جو سگھڙ قاضي الھواريو،
    اوھان جي سونھن جا ڏاڍا ڏکيا جنھن ڏور ٽوڙيا ھئا!

    وڍيو جن کي تو وارن سان نہ ويڄي وقت ٿيو تن جو،
    ڀڳا جي تنھنجي ڀاڪر ۾ اھي ڪنھن ڪو نہ جوڙيا ھئا!

    ديدار شاھ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو