ديدار شاھ

'تعارف' فورم ۾ شاھ جھان شاھ طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2019۔

  1. شاھ جھان شاھ

    شاھ جھان شاھ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2019
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    *نظم*

    • *لام جھڙا لڱ تنھنجا*

      وقت ھو جو خواب تنھنجو،
      ڏينهن جو ڏسڻو پيو ٿي......!
      تو ڪيا ٿي ڪوڙ ڪارا،
      پاڻ کي وسھڻو پيو ٿي.......!
      ڇو تہ تنھنجي سونھن جي ھئي،
      سحر جڪڙي دل اسانجي....!
      ونگ سڀ ويئي ڇنائي،
      تيز، تڪڙي دل اسانجي........!
      مھڪندڙ تنھنجي بدن ۾،
      لاڙ جي چيڪي مٽي ھئي....!
      ڄڻ تہ مانڌر جو صبح ھو،
      ڄڻ تہ ماڃر جي گھٽي ھئي.!
      ڄڻ ھوا تو ۾ ڏکڻ جي،
      ڄڻ ٻٻر جو ٻور تو ۾..............!
      ھر پکي جي، ھر پکڻ جي،
      ٿي کتي ھر گھور تو ۾..........!
      ۽ پرين تنھنجي ھجڻ جي،
      نيري نيري ڇانوَ اوڍي،
      ھر مسافر پنڌ ڪيو ٿي.........!
      تنھنجي مڃتا ۾ اُڀو ڄڻ،
      ڪونج ھر ڪنھن ڪنڌ ڪيو ٿي!
      تو ۾ مرکان جي نظم جي،
      سٽ رکيل ڪائي ھئي...........!
      ڏيک پاڻي،پن،پٻڻ جو،
      ڪھنگ سرمائي ھئي.............!
      سرخ تنھنجي سوجھري ۾،
      ڇاڇري جي چوڪري،
      ڀرت جو داڳو وجھي،
      سئي جي پاکي ۾ سگهي ٿي!
      ڪا بہ چنچل ٽھڪ ڏيئي،
      ڪنھن بہ لاکي ۾ سگهي ٿي!
      تو ڪڏهن ڪجلي نہ پنهنجي،
      جرڪ کي جھيڻو ڪيو ھو...!
      عشق ھيڪوڻو ڪيوسين،
      تو اھو ٻيڻو ڪيو ھو.............!
      تنھنجي نازن جي بہ ناسي،
      مھڪ موھيو ھو اسانکي.......!
      تو ڏنو جيڪو اتر ۾،
      ٽھڪ موھيو ھو اسانکي.......!
      چيلھ تنھنجي ۾ بہ نانگن،
      ۽ ندين کان ور گھڻا ھئا.........!
      ڪل پکي گڏجي اچن پر،
      پوءِ بہ توکي پر گھڻا ھئا........!
      تون اڏامڻ کان اڳي ڪجھ،
      ڪو نہ سوچيندي ھئين..........!
      خوف ھر ڪنھن جي نڙيءَ کي،
      ننھن سان نوچيندي ھئين.......!
      پير ٻئي تنھنجا پڪا ھئا،
      ڪونہ ڪٿ ترڪي ھئين........!
      ڇال ڇورن پئي ڏنا پر،
      ڪونہ تون ڇرڪي ھئين........!
      تو ڇڏي ھئي ھاڪ پنھنجي،
      جي ڪٿي ترسي ھئين...........!
      سونھن جا پھريان اکر ڄڻ،
      تو پرين درسي ھئين..............!
      لام جھڙا لڱ تنھنجا،
      الف جھڙي اک ھئي...............!
      تون ئي واچوڙو ھئين ۽،
      ٻي دنيا سڀ ڪک ھئي............!
      تنھنجي خوشبوءِ ٿي ٻڌائي،
      ٿي اڃان نابود ناھين.............!
      پر اسانجي روبرو ڇو؟
      اڄ ڪٿي موجود ناھين.........!
      ڪونہ تنھنجي آ خبر ڪا،
      کيتلاري کوھرن کي،
      سيم ڪاجھر جي ڀٽن کي،
      ٻاورين کي،ٿوھرن کي...........!
      تنھنجي ڪا ائڊريس ناھي،
      ڪنھن بہ ٻاٻيهي پکي وٽ....!
      سائي سانوڻ جي سمان ۾،
      چھڪندڙ چيھي پکي وٽ....!
      ھاڻ اڪثر سانجھ ٽاڻي،
      روز ان ھڪ ڳالھ تي جي،
      من رٺل مائل ڪجي ٿو........!
      ۽ پرين تنھنجو پراڻو،
      ڪو نمبر ڊائل ڪجي ٿو......!
      بند ھر ڪا سم ملي ٿي........!
      بس اسان سان ڀاڪرين ڄڻ،
      گھر اڳيان ھي گھم ملي ٿي!
      پوءِ بہ ڄڻ مونکي لڳي ٿو،
      ڪو پريان آواز آهي............!!
      جو رڳو سڏڪي چوي ٿو:
      عشق پنهنجو رک اندر ۾،
      روح جو ھي راز آھي........!!
      روح جو ھي راز آھي........!!

      ديدار شاھ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو