ڪاڇو اونھاري جي موسم ۾

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    تحرير✒
    عاشق چانڊيو
    موسمن جي تبديلي جو ذڪر سياري واري موسم ۾ ڪري آيا آھيون تـ زمين جو سج جي چوڌاري ڦرڻ ڪري موسمون مٽيو وڃن.سياري جي موسم ٿڌي جڏھن تـ اونھاري جي گرم ۽ باقي بھار ۽ سرع جي موسمون وچ ٿريون ٿين ٿيون.ڪاڇو جي موسمن مطابق جتي ڪاڇو سياري جي موسم ۾ سنڌ جي ٻين وسندين کان ٿڌو ھوندو آھي اتي ئي وري اونھاري جي موسم ۾ بـ سنڌ جي ٻين علائقن کان گرم پڻ رھي ٿو.جنھن جو سبب پڻ واري ۽ جابلو سلسلو آھن.ريگستاني ۽ وارياسي علائقي جي اھا خاصيت رھي ٿي تـ ھو سياري ۾ ٿڌا ۽ اونھاري جو گرم رھن ٿا.اونھاري جي موسم ۾ ڪاڇو تمام گھڻو گرم ٿيو وڃي ۽ تمام گھڻا جھولا (گرم ھوا)گھلندا آھن جنھن ڪري مارن جي مکڙين جو رنگ بـ سانورو ٿيو وڃي.اونھاري جي موسم ۾ ڪاڇو ۾ پاڻي جي بـ اڻھوند ھوندي آھي جنھن ڪري اتان جي رھواسين کي تمام گھڻي ڏکيائين سان منھن ڏيڻو پوي ٿو,پر پوء بـ مارو ڪشالا ڪري ڪڏھن گڏھن تي تـ ڪڏھن ٽريڪٽرن تي ڏورانھين پنڌ تان پاڻي ڀريو اچن.
    ھن منڌ ۾ ڪجھ ماڻھو لڏپلاڻ ڪري سنڌ جي ھيٺين علائقن جو رخ ڪندا آھن ڇو تـ ھن منڌ ۾ ھي ماڳ تمام گرم ھجي ٿو ۽ پوء وري سيارو اچڻ تي واپس روانا ٿين ٿا.
    جيڪڏھن وري ڪاڇو ۾ اونھاري جي موسم ۾ برسات پوي ٿي تـ پوء وري ڪاڇو سياري جي موسم جھڙا ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو ڇو تـ مينھن وسڻ ڪري جبلن تان نئيون وھي اينديون آھن ۽ ٻنا ڀربا آھن جنھن ڪري جوئر,مڱ,گوار ,گدرا,ھنڌاڻا ۽ ميھا بـ پوکيا وڃن جنھن ڪري اتان جي ماروئڙن ۾ مينھن پوڻ سان خوشيون اچي وڃن ٿيون ۽ مينھن وسڻ لاء ٻاڏائيندا رھن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو