چهرا بدلجن ٿا،سوچ نٿي بدلجي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ستر سال گذرڻ باوجود رياست ماء جيان نه بڻي،گڏيل شعور اڄ به غالاماڻي ماضيء جي قيد ۾،ماضي جنهن ۾ استعمال لائق ڪابه شيء ناهي،تاريخ غلاميء سان داغدار ٿيل،جاگرافيائي نقشي تي نفرتن ۽ ناانصافين جا پيل ليڪا،عوام ماضيء جي غم ۽ مستقبل جي خوف جو شڪار،بادشاهه ۽ حڪمران دولت جي ديويء جا پوڄاري،بدعنواني،پنهنجا نوازڻ،سفارش،خوشامد ۽ رشوت قوم جو گڏيل مزاج بڻيل،کير ۾ پاڻي،مرچن ۾ ڪٽيل ڳاڙهيون سرون،چانهه جي پتيء ۾ ٻٻر جو ڇوڏو ملائيندڙ قوم هر وقت ڪنهن مسيحا جي منتظر ۽ ڪنهن امام مهدي جي اچڻ جي آس رکي ٿي.پهرين گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته هو جو ماڻهو رشوت وٺي ۽ ملاوت ڪري ڪجهه شرمسار ته ٿيندا هئا پر هاڻي فخر ڪن ٿا،ماڻهن جا سياسي نظريا سندن مذهبي روين تي اثر انداز ٿي چڪا جنهن سان دنيائي مفادن ۽ چنگيزي لاڙن کي مضبوطي ملي.سياسي اشرافيا انهن الا اوڳاڇيندڙ سماجي لاڙن کي بدلائڻ جي سڪت نٿي رکي ۽ تضادن جي طوفان ۾ رڳو پنهنجن مفادن جي تحفظ لاء سندرو ٻڌي بيٺل آهي.ڪمزور،سست،ڦڏائي،ڪاهل ۽ جاهل ماڻهو رڳو اجايا بحث ۽ بي مقصد تڪرار ئي ڪري سگھن ٿا.سندن اهي حق جن لاء کين رياست تي دٻاء وجھڻو آهي انهن تي روزانو ڪنهن نه ڪنهن مجبوريء هيٺ سمجھوتا ڪندا وڃن ٿا.اهي پاڻ جهڙن يا پاڻ کان ڪمزورن سان عمدي طريقي سان وڙهي سگھن ٿا،پاڙيسرين جي نڪ ۾ دم ڪري سگھن ٿا،ڪنهن بي پهچ جو قتل ڪري سگھن ٿا،هڪ ٻئي خلاف نفرت ۽ حسد جي باهه ۾ سڙي سگھن ٿا،پوليس کي رشوت ڏيئي ڪنهن تي ڪوڙو ڪيس جوڙائي سگھن ٿا.اسان جي تاريخ،جاگرافي ۽ سماج ظلم ۽ ستم جي هڪ اهڙي ڪاري رات کي دوام بخشيو آهي جنهن جي ڪا صبح ناهي.تاريخ مان سبق نه سکڻ،ماضيء جو جبر،خوف،غم،غلامي،دهشتگردي،بدعنوان ۽ سنگدل اشرافيا، آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ ڪيستائين هي سماج بي حسيء جي برزخ ۾ تڙپندو رهندو؟اسٽيبلشمينٽ بالادست ۽ طاقتور آهي سياسي طبقو نااهل،بدعنوان،بي اصول،پنهنجا نوازيندڙ ۽ اقتدار پرست آهي.هن ملڪ سان سڀ کان وڏو ظلم اهو ٿيو جو قائد اعظم بعد ڪا صحيح قيادت نه ملي.هن پاڻ ئي چيو هو ته سندس کيسي ۾ کوٽا سڪا آهن. قائد اعظم بعد ملڪي قيادت اصل ۾ سول بيورو ڪريسيء جي هٿ ۾ آئي ته هڪ اسرندڙ نظام تي فالج ڪري پيو.جنهن بعد ايوب خان طاقت جي زور تي اچي قوم تي نازل ٿيو.جڏهن وقت ۽ قسمت سندس ساٿ ڇڏيو ته يحيٰ خان به سندس ساٿ ڇڏي ڏنو.1970ع ۾ پهريون آزاداڻيون ۽ صاف شفاف چونڊون ٿيون،نتيجو ڇا نڪتو پاڪستان ٻه ٽڪر ٿي ويو،باقي بچيل پاڪستان تي ذوالفقار علي ڀٽي جو جھنڊو جھولڻ لڳو.مقبول،ذهين پر ڪشش ڀٽو سندس تضادن کان وڌيڪ رياست ۽ سماج جي تضادن جي ور چڙهي ويو.اسلامي ڪانفرنس گھرايائين،اسلامي بم جو بنياد رکيائين جواب ۾ کيس ڦاهيء تي لٽڪڻو پيو.اهي ئي پاڪستان جون واحد چوندون هيون جيڪي نهايت صاف ۽ شفاف هيون پر بدقسمتيء سان انهن جا نتيجا قبول نه ڪيا ويا.اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ ڪاهي پيئي،سياست کي سياست کان پاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايئن سياست غير جماعتي بڻجندي ويئي.جنرل ضياء سياسي عقيدن کي سعودي شاهي مذهب ۽ امريڪي ڊالرن جو لباس پهرائي ڇڏيو.انتظامي ۽ رياستي مداخلت وڌي ويئي.مذهب فرقن ۾ ورهائجي ڪاروبار بڻجي ويو.رياستي سرپرستيء ۾ مذهب کي سياسي مقصدن لاء استعمال ڪيو ويو.انهيء کان پوء جيڪا سياسي اٿل پٿل نظر اچي ٿي سا جمهوريت جي نالي تي عوام کي دوکي ڏيڻ جو ڪاروبار آهي.جنرل حميد گل ۽ ميان نواز شريف جيڪا آئي جي آئي بينظير ڀٽو کي روڪڻ لاء ٺاهي هئي ان جو نئون روپ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شريفن لاء هڪ ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي ويو آهي.رياست جي طاقتور ادارن جي سرپرستي ۽ ملي ڀڳت سان نواز شريف پنهنجي سياسي عمارت چئڻ ٿنڀن تي اڀي ڪئي هئي.پهريون وڏا وڏا مواصلاتي منصوبا جن ۾ سندس عوامي اميج بهتر ٿئي پر غربت ۾ گھٽتائي،تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪي به عوام دوست ڪم نه ڪيا ويا.ٻيو بيوروڪريسيء ۾ پنهنجن وفادارن جي فوج سمورن قانونن قائدن ۽ ميرٽ بدران رڳو وفاداريء ۽ خوشامد جي بنياد تي ڀرتي ڪئي ويئي ته جيئن اهي سندس ناجائز ڪم به ڪن ته ڪنهن ڏکئي وقت ۾ سندس سهارو به بڻجن.ٽيون بدعنواني۽ڪرپشن کي هڪ سائنس بنايو ويو ۽ سياست کي پيسي ۽ سول بيوروڪريسي جي تحويل ۾ ڏيئي ڇڏيو.ستم ظريفي اها جو جن ماڻهن نون ليگ سان وابستا رهي گذريل ڪيترن سالن کان پنهنجون ٽجوڙيون ڀريون انهن مان ڪيترائي پنهنجي مال جي حفاظت لاء طاقتور ڌرين جي اشاري تي موجوده پي ٽي آي حڪومت جو حصو بڻيل آهن.چوٿون ميڊيا ۾ لفافا صحافت کي هڪ فن جو درجو ڏنو ويو ۽ بيلينس شيٽ صحافت کي ترقي ڏيئي عوام جي باخبر رهڻ واري حق تي ڌاڙو هنيو ويو.پر مزي جي ڳالهه اها جو ايڏي وڏي ڪرپشن باوجود نواز شريف کي ڪرپشن نه پر سياست سبب حڪومتي نظام مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.هن پاڪستان جي سياسي ڍانچي ۾ انتظاميا،آفيسرن،دولت جي استعمال ۽ ميڊيا مينيجمينٽ ذريعي ايترو اثر رسوخ حاصل ڪري ورتو هو جو هو هاڻي گھڻا فيصلا رڳو پنهنجي مرضيء سان ڪرڻ گھرندو هو.انهيء ڇڪتاڻ ۾ هو ڍير ٿي ويو.نه ته هن جا ٻار 1990ع کان ايون فيلڊ فليٽس ۾ رهيا پئي ۽ احتسابي ادارا ٻئي طرف ڏسي رهيا هئا.ميان صاحب هاڻي به سزا يافتا قيدي هئڻ باوجود في الحال آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيو آهي.

    پاڪستاني سماج ٻهراڙي ۽ شهرن ۾ ورهايل آهي.ٻهراڙين ۾ ڀوتارڪي سوچ جو قبضو آهي،شهرن ۾ صنعتي واپاري اشرافيا لينڊ مافيا سان گڏجي دولت جي پيداوار تي قابض آهي.غير قانوني دولت ڪمائڻ لاء شهري اشرافيا عوام دشمن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جو سهارو وٺن ٿا ۽ اهي ادارا وري رياست جي هٿ هيٺ هوندا آهن.بدقسمتي آهي جو اسان جي خطي ۾ نه رڳو اسان جي ملڪ بلڪه ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڪي حقيقي عوام دوست ادارا قائم نه ٿي سگھيا آهن.سياسي اشرافيا پنهن جن مفادن جي تحفظ ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاء طاقتور ڌرين جي محتاج آهي،اسٽيبلشمينت ان ڪري ئي نااهل ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي سرپرستي ڪري ٿي ته جيئن کين قابو ڪرڻ آسان هجي.ميان نواز شريف هڪ ڊگھي عرصي تائين اسٽيبلشمينٽ جو قابل اعتماد نمائندو رهيو،سندس هاڻوڪي ناڪاميء سان اسٽيبلشمينٽ گھڻو مايوس آهي.عمران خان تي به پورو ڀروسو ڪونهي، پنهن جي سموري پير پرستي ۽ وهمن باوجود اوچتو سندس دل ۾ڪڏهن ڪڏهن وڏن وڏن ادارن کي درست ڪرڻ ۽ عوام دوست ادارا جوڙڻ جو جذبو جاڳي پوي ٿو پر ان ڳالهه جو به پورو پورو بندوبست ڪيو ويو آهي ته کيس عددي حيثيت ۾ ايترو ڪمزور رکيو وڃي جو هو پنهنجي مرضي هلائي نه سگھي.بس جمهوريت جو تماشو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو