شاھ جو پارکو حاجي الهداد جنجهي

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ تنوير احمد جنجهي طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2019۔

  1. تنوير احمد جنجهي

    تنوير احمد جنجهي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏23 اپريل 2019
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    *شاھ جو پارکو مرحوم حاجي الهداد جنجهي*

    اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا,
    ڳلن تان ڳوڙھن جون بوندون بس نه ڪن,
    سندي سڪ سپرين,لوڪ ڏٺي نه لهي.

    (شاھ)
    مرشد لطيف جو مٿيون بيت پڙھندي ئي پنهنجي سڄڻن, پيارن جون يادگيريون دل تي تري اينديون آھن, اهڙن ماڻھن جي وڇوڙي سان اکيون آب سان ٽمٽار رهنديون آھن, انهن ماڻھن جي سڪ اڪير ۽ الفت جا ڪيئي رنگ آھن ,جيڪي باقي خلق م مشڪل ملن ٿا, اهڙن ئي محبوب انسانن ۾هڪ, شاھ لطيف جو پانڌيئڙو, پارکو , سگهڙ ۽ محقق حاجي الهداد جنجهي ٿي گذريو آھي.جيتوڻيڪ اڄ سندس وڇوڙي کي پورا چار سال گذري چڪا آھن, پر شاھ سائين جي پيغام کي پوري سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ پاڻ جيڪي موتي وکيريا آھن,اهي هيرا جوهار اڻ کٽ ۽ انمول آھن.انهن جي ميڙڻ سهيڙڻ ۾ پاڻ جيڪي ڪشالا ڪڍيا,اڙانگا پنڌ ڪيا انهن کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي, سندس پنڌ سسئي وارا آھن, ڏکيا ڏانگڙا جهاگي پاڻ جيڪي مشڪلاتون ڏٺيون انهن کي شاھ سائين جي سسئي جي واتان هن ريت بيان ڪيو آھي;

    ڪنڊا مون پيرن ۾, توڻي لک لڳن,
    آڱر آڱوٺي نه مڙي, جي ڇپون پير ڇنن,
    چيچن ۾ چيهان ڪري, ريلا رت وهن,
    ويندي ڏانهن پرين, جُتي جات نه پائيان.

    سندس زندگي جو مختصر احوال هن ريت آھي;
    حاجي الهداد مرحوم پهرين جولاء 1928 ڌاري ٿرپارڪر جي مشهور ڳوٺ جنجهي ۾ حافظ ميگھ جي گهر جنم ورتو. سندس والد حافظ ميگه پنهنجي دور جي لوڪ ادب جو وڏو پارکو سمجهيو ويندو هو ان سميت دين اسلام جي به چڱي ڄاڻ هئي, نو کڻي راند جو مڙس صفا ڪوڏيو هو,وٽس پري پري کان شوقين راند ڪرڻ لاء ايندا هئا. حاجي الهداد جنجهي کي سمجهو ته سندس گهر ۾ والدين کان شروعاتي تعليم ۽ تربيت اهڙي ڏني جو هن جو عشق پنهنجي دين اسلام ڏانهن گهڻو رهيو. ان سميت حاجي الهداد مرحوم کي انسانيت جو درس مليل هيو جو پاڻ هميشه هر ڪنهن سان شفقت ۽ محبت سان پيش ايندا هئا. اهو سندس والدين جي تربيت جو اعلي مثال هيو. اهڙن ماء پيء لاء شاھ سائين ڪجھ ھيئن چيو آھي,

    سي مائرون ڀلي مرڪن,سنديون صالحن,
    مهندا ڏينهن محشر جي ڏوئنڻا ڏاج ملن,
    ٻين ويچارين , اوجاڳا اجايا ڪيا.

    ان سان گڏ هن فقير کي شاھ سائين سان اصل ۾ لنئون لڳي وئي, جنهن کي عشق جنون جو نالو ڏجي ته ڪو وڌاء نه ٿيندو جيڪو آخري دم تائين هلندو رهيو.ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوء فقه ۽ اسلام جي تعليم ڳوٺ ڪانڪيه ۽ بقا ڪرن ۾ حاصل ڪيائون.. اڳتي هلي پرائمري ماستر طور ڀرتي ٿيا. 1992 ڌاري پرائمري ماستر طور رٽائر ٿي ڪري حج جي سعادت پڻ ماڻي.ڳوٺ جي جامع مسجد ۾ خطبو ڏيڻ ۽ ان جي سار سنڀال پڻ پنهنجي مدد پاڻ تحت جي جذبي تحت آخري وقت تائين ڪندا رهيا. جمع جي ڏينهن تقرير ۾ شاھ سائين جا بيت پڙھن تي ڪجھ همراهن تنقيد به ڪئي ته اهو غلط آ پر هن بنا ڪنهن پرواھ جي پنهنجو فڪر ۽ نظريو جاري ۽ ساري رکيو. ڏاڏو مرحوم وڏو عاشق رسول هو ,سندس ويجهڙائپ نامور عالم دينن پير ابراهيم جان سرهندي, مفتي عبدالرحيم سميت ڪيترن ئي عالمن سان هئي.
    حاجي الهداد جنجهي مرحوم جواني ڀلن گهوڙن جو شوقين هيو, گهوڙيسواري سندس پسنديده مشغلو رهيو ان کانسواء چوپايو مال به جهجو هوندو هو.جيڪو ٿرين جي زندگي جي ضامن آھي.
    حاجي الهداد مرحوم شاھ سائين تي ٿيندڙ هر ڪچهري ميلي طوڙي ادبي پروگرام ۾ وڃي حاضر ٿيندو هئو, هن جا ڪيڏانهن به وڃڻ جا پروگرام اوچتا هوندا هئا, جيڏانهن به نڪرڻو هوندو هو بس الله توهار ,نه پئسي جي فڪر نه ئي ڪا سواري بس الله تي توڪل ۽ ڀروسو هوندو هو جيڪو اڄ اسان ۾ ناياب آھي.
    شاھ جي هن فقير جو وڏو ڪارنامو سندس شاھ تي ڪيل ڪم آھي, هي سادو سٻاجهڙو شخص بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سان پنهنجي نيڪ ۽ خلوص دل سان پسمنظر ۾ پنهنجي محنت ,جوش ولولو ۽ ذوق سان جاري رکندو آيو. حاجي الهداد شاھ لطيف جي بيتن جي ڳولا لاء پوري سنڌ پنڌ ڪيو جيڪو ان دور ۾ ڪيڏو اڙانگو ۽ مشڪل هئو پاڻ اهي موتي هڪڙي ٿالھ ۾ ميڙيا جنهن کي "شاھ جو گنج" جو نالو ڏنائون. جنهنجي پهرين ڇاپي لاء وسيلا نه هئڻ ڪري پنهنجي ڏھ ايڪڙ باراني زمين به وڪرو ڪرڻي پئي.
    جيتوڻيڪ ان رسالي ۾ پريس جو غلطيون هوندي به هٿو هٿ وڪامي ويو. اڳتي هلي لطيف جي هن پانڌيئڙي شاھ سائين جي ان بيتن جي باقائده ڳولا ڪئي جيڪي ان کان اڳ ڪنهن به رسالي جي ڇاپي ۾ نه آيا هئا.سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان تقريبن ٽي هزار نوان بيت مليا جنهن کي پاڻ رسالي جي ٻي ڇاپي ۾ آندا, جيڪو 2005 ۾ ڇپيو. ان ڇاپي ۾ به رواجي پريس جون غلطيون رهيون ان هوندي به هي رسالو مقبول ٿيو.
    پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاھ المعروف ڏاڏو فتح خان سان ڪيترائي پروگرام ڪيائين ان سان گڏ مٺي ريڊيو اسٽيشن تي پڻ ڪيترائي پروگرام رڪارڊ ڪرايا. سيد صالح محمد شاھ سان پروگرام ۾شموليت ڪجھ هن ريت هيو جو ڏاڏو جهڙي تهڙي کي کنگهيندو ئي ڪو نه هيو,هڪ دفعي مخدوم محمد زمان طالب المولي پوري سنڌ جي پارکن اديبن سگهڙن کي پاڻ وٽ گهرائي ڪچهري رکرائي جيڪا سانده ٽي ڏينهن ٽي راتيون هلي, جتي مخدوم صاحب ڏاڏي الهداد مرحوم کي چيو ته آئون توکي شاھ جي پارکن ۾ پهرين جوڙ جو قرار ڏيان ٿو. ڏاڏي چواڻي اتي همراهن جون اکيون کليون ته هي فقير به ڪجھ آھي ته پوء اسان کي ريڊيو تي آندائون.
    حاجي الهداد مرحوم کي شاھ لطيف جو سڄو ڪلام ياد هو کيس شاھ جو حافظ چيو وڃي ٿو. کيس جتان به پڇو سر, داستان, بيت هر شيء صاف ٻڌائيندو هئو. اهڙي ئي نموني وٽس شاھ جي بيت پڙھڻ ۽ سمجهڻ جو اعلي درجي جو ڏانء هيو ,جيڪو شايد ئي ڪنهن وٽ هجي. هو جڏھن به بيت پڙھندو هو ته انداز اهڙو هيو جو ٻڌندڙ انهي تجسس ۾ رهندو هو ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي هن بيت ۾? وٽس ٻارنهن ئي مهينا پري پري کان شاھ سائين جي پيغام جا پانڌيئڙا اڃ اسائڻ لاه ڪاھي پهچندا هئا. جتي سڄي رات محفولون جاري رهنديون هيون ,اتي ويٺل ھر طبقي جو ماڻھو ,امير غريب ڌنار ٻڪرار به سندس ڳالهيون ٻڌي دل باغ بهار ڪندا هئا. اڄ اهي سڀ شيون مٽيجي چڪيون آھن نه ئي ڪي محفلون رهيون آھن نه ئي انهن جا وينجهار رهيا آھن اهڙي وقت کي شاھ سائين ڪجھ هن ريت بيان ڪيو آھي;

    اڄ نه اوطاقن ۾, سندي جوڳين ذات,
    ساري سناسين کي, رنم ساري رات,
    مون تن جنين جي تات,سي لاهوتي لڏي ويا.

    موت اٽل آھي ۽ هر شيء فنا آهي, آخر ڪار شاھ سائين جو هي لطيفي پانڌيئڙو 22 اپريل 2015 جو راھ رباني روانا ٿيا, سندس وڇوڙي جو خال ڀرڻ مشڪل آھي.رب پاڪ کان دعا آھي ته کيس جنت ۾ اعلي مقام عطا فرمائي.

    ويا سي وينجهار هيرو لعل ونڌين جي,
    تنين سندا پويان, شيهي لهن نه سار,
    ڪُٽين ڪُٽ لهار,هاڻي ,انهي ڀيڻئين.

    ازقلم
    *تنوير احمد جنجهي*
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاھ جھان شاھ

    شاھ جھان شاھ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2019
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41

هن صفحي کي مشهور ڪريو