اها ئي مايوسين جي رات آهي...!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اڄ ڪلهه اسان جو قومي ميڊيا سنجيده قسم جي خبرن کان پري آهي.ڪو ٻار ڪنهن اسپتال ۾ ڪنهن سبب پنهنجي جان وڃائي ويهي، ڪو دوڪان ڦرجي وڃي، ڪنهن جي ڳئون يا مينهن چوري ٿي وڃي، ڪو زبون حال گھر برسات سبب ڊهي پوي،ڪنهن عدالت مان ڪنهن کي ڪو رليف ملي يا نه ملي،ڪاريل گاڏي پٽڙيء تان لهي وڃي،اڻ وقتائتي مون سون شروع ٿي وڃي ۽ انهيء سبب هزارين مڻ ڪڻڪ تباهه ٿي وڃي،پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائيء جو لاڙو اچي وڃي،مطلب ته ان قسم جون خبرون ٽي وي چينلن ۽ اخبارن لاء ڪا سنسني نٿيون رکن.هتي ته پوري ڪوريج رڳو سياسي موضوعن کي ئي ملي ٿي.سمورو اليڪٽرانڪ ميڊيا رڳو ٽن سياسي جماعتن جي چوڌاريء گھمي ٿو.بريڪنگ نيوز جو زور آهي.نيب ۾ پيشيون معمول بڻيل آهن.اهي ئي چهرا،اهي ئي وڪيل ۽ اهي ئي عدالتون وري وري اسڪرينن جي سونهن بڻيل آهن.سياسي خاندانن جو آل اولاد هونئن به وڌي ۽ پکڙجي سڄي ملڪ تي ڇانيل آهي.اڃا بلاول جي پريس ڪانفرنس ختم ئي نٿي ٿئي ته حمزا شريف جي شروع ٿي وڃي ٿي.ان جو ڀاشڻ ختم ٿيڻ لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جو ڪونه ڪو اڳواڻ سامهون اچي لفظن باري شروع ڪيو ڏئي.خدا ڀلو ڪري عمران خان جو جنهن پنهنجن پٽن کي پاڪستان ناهي گھرايو نه ته جيڪر اهي به بلاول ۽ حمزا سان گڏ پهرين صف ۾ موجود هجن ها ۽ خبر ناهي ڪهڙو اڌم مچائين ها.

    نيب عدالتون ڪنهن کي سزا ٻڌائين ٿيون ته ٻئي ڏينهن اعليٰ عدالتون انهيء کي ضمانت تي آزاد ڪيو ڇڏين ۽ نيب جي سموري ڪمائي زنده دفن ٿي وڃي ٿي.جنهن سياستدان تي ڪو اهڙو ڪيس جڙي ٿو جنهنجو بچاء ڪرڻ ان لاء مشڪل هجي ٿو ته اهو ترت لنڊن جي راهه اختيار ڪري ٿو ۽ پوء واپس نه اچڻ جو قسم کايو وٺي.ايئن سمجھو ته اسان جو سمورو ميڊيا سياستدانن جي چوڌاريء گھمي ٿو.انهن جي هر ادا کي فلم بند ڪرڻ لاء ٽي وي چينلز جون اوبي وينز جون قطارون انهن جي اڳيان پويان ڊوڙن ٿيون.اهي جڏهن به زبان کولين ٿا ته سوين ڪيميرائون انهن جي عڪاسيء لاء وات کولي بيٺل رهن ٿيون.نيب ڪنهن مبينا چور يا ڌاڙيل کي سڏي ٿي ته ان تي ڪو گاهه ئي نٿو وجھي.سياستدان هئڻ هڪ لائسنس بڻجي ويو آهي جنهن جي آڙ ۾ سموريون اڳيون پويون خطائون معاف ٿي وڃن ٿيون ۽ سمورا گناهه ڌوپي وڃن ٿا.پريس ڪانفرنسن جو مينا بازار لڳل رهي ٿو،شام ٿئي ٿي ته پرائيم ٽائيم ٽاڪ شوز جو ڌنڌو چمڪڻ لڳي ٿو.هر چينل تي ٽنهي وڏين سياسي پارٽين جا ترجمان موجود هوندا آهن.اسان جا اينڪر صاحبان بحث مباحثي جي فن ۾ لوڊ سوالن جي عالمي ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳا آهن.صبح کان شام تائين جيڪا به اهم خبر فليش ٿئي ٿي انهيء تي شام کان اڌ رات تائين تجزيي نگاريء جا ڏونگرا وسايا وڃن ٿا.هر نيوز چينل ٽاڪ شوز ۾ جيڪي اينڪر ڀرتي ڪري رکيا آهن انهن کي تاڪيد ڪيو وڃي ٿو ته چينل جي مالڪن جي کيسن جو خيال رکڻو آهي،سٺ منٽن جي شو ۾ مشڪل سان ٽيهه منٽ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي ۽ باقي ٽيهه منٽ وري وري اشتهاري ريل هلندي رهي ٿي يعني هڪ ڪلاڪ جي شو ۾ جيڪي ڪمرشلز هلن ٿا انهن کي وري وري ڏسي ڀلي اوهان کي اوٻاسيون اچن يا وري اوهان آواز بند به ڪري ڇڏيو پوء به تصويرون هلنديون رهن ٿيون.سوشل ميڊيا ڏانهن اچو ته انهيء تي قسمين قسمين خبرون وائرل ٿين ٿيون،نقلي ۽ جعلي وڊيوز بنائڻ جو ڪاروبار عروج تي آهي.سائونڊ اينڊ وائيس ڊبنگ جو فن ترقيء جون سڀ حدون لتاڙي چڪو آهي.اڪثرپرنٽ ميڊيا کي ڏسو ته ان جو حال به ڪجهه اهڙو ئي آهي.سوچڻو پوي ٿو ته ” نئين پاڪستان“ ۾ آخر ڇا بدليو آهي؟جنهن لاء تحريڪ انصاف ڌرڻا ڏيئي رهي هئي ۽ جنهن لاء عوام خوابن جي هڪ دنيا وسائي هئي.جيڪر اهي ئي ڏينهن ڏسڻا هئا ته زرداري ۽ شريف ئي صحيح هئا.

    ڪڏهن هن ملڪ ۾ به علم،ادب ۽ نظرين جو زمانو هو.اهو زمانو رڳو شعر ۽ ادب جي ترقي پسنديء تائين ئي محدود نه هو،هندستاني سينيما به ان کان متاثر هئي.ساحر لڌيانويء جا غزل،شنڪر جي ڪشن جون ڌنون،سعادت حسن منٽو جا افسانا ۽ ظهير ڪاشميري جا نظم وغيره به ان رنگ ۾ رنگيل نظر اچن ٿا.پاڪستان ۾ مارشلائي دورن جو جبر هڪ طرف رهيو،پر جيڪر عالمي ادب ۽ ثقافت تي به هڪ نظر ڊوڙائي وڃي ته ان زماني ۾ جيڪو عالمي ادب تخليق ٿيو اهو اولهه جي جمهوري سماجن ۾ به عام هو.ڀارت ۾ ڪجهه اهڙيون فلمون به گھڻيون مشهور ٿيون جن ۾ ترقي پسند سوچن،خيالن ۽ ثقافت جا جراثيم اتم درجي ۾ پاتا ويندا هئا.“ دوبيگهه“ ۽ ” سانجهه اور سويرا“ جهڙيون فلمون سينيما گھرن ۾ ڪيترن هفتن تائين هلنديون رهنديون هيون.فلم ”سانجهه اور سويرا“ جيڪا سٺ جي ڏهاڪي ۾ رليز ٿي ۽ جنهن ۾ مينا ڪماري ۽ گورودت ليڊ رول ادا ڪيو هو ان ۾ رفيع ۽ لتا جو اهو دوگانو گھڻي وقت تائين اسٽريٽ سانگ بنيو رهيو؛

    ”يهي هي وو سانجهه اور سويرا، جس ڪي لئي تڙپي هم جيون ڀر.“

    اهو گيت فلم جي ڪهاڻيء ۾ اينٽي ڪلائيميڪس هو يعني هڪ ڊگھي جدوجهد ۽ ناڪامين بعد هيرو ۽ هيروئن ملي وڃن ٿا ۽ اهو گيت ڳائين ٿا.پر پاڪستان جي هاڻوڪن هيروز ۽ هيروئنز جي نصيبن ۾ اڃا نه اها سانجهه(شام) آهي ۽ نه اهو سويرو (سوجھرو)آهي.هاڻي ته ننڍڙين اسڪرينن جو دور آهي جيڪر ماضيء جهڙين فلمن جو زمانو هجي ها ته سانجهه اور سويرا جهڙيون ڪيتريون ئي فلمون جڙي باڪس آفيس تي هٽ ٿين ها.ڳالهه اها سمجھه ۾ نٿي اچي ته پاڪستاني سماج اڄ جنهن ڪرب،جبر ۽ مايوسين مان گذري رهيو آهي انهيء جو اظهار فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ڇو نٿو ٿئي ۽ اڄ جو افسانوي ۽ شعري ادب انهن عوامي جذبن جي عڪاسي ڇو نٿو ڪري. تحريڪ انصاف جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ جن سماجي بيمارين جو راڄ هو انهن ۾ ڪابه ڪمي نه اچي سگھي آهي.مهانگائيء جو تحفو وڌيڪ بونس آهي جنهن هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر حڪومت اصل معاملن طرف ڌيان ڏيڻ بدران ”ڌيان هٽايو مهم“ واري راند کيڏي رهي آهي.جيڪر سمورو گند گذريل حڪومتن تي ئي وجھڻو هو ته پوء ان سوال جو حڪومت وٽ آخر ڪهڙو جواب آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون گذريل حڪومتن جي دور کان به وڌيڪ خراب ڇو ٿي رهيون آهن؟عمران خان جو ڳالهيون صحيح هونديون،سندس ايمانداري به کيس مبارڪ پر گذريل اٺن نون مهينن جي گذرڻ باوجود عوام کي ته اهو ”سوجھرو“ نصيب نه ٿي سگھيو آهي جنهن جي اميد هن 18 آگسٽ 2018ع تي ڏياري هئي.هاڻي ته عظيم مايوسي پکڙجي رهي آهي جنهن جو نتيجو خدا نه ڪري ڪنهن انارڪي جي صورت ۾ نڪري.تاريخي طور تي جن سماجن ۾ به انقلاب آيا آهن انهن ۾ مايوسيء جي شدت جي ڪک مان پهريائين انارڪيء جنم ورتو آهي.

    تازو وزير اعظم ”نئون پاڪستان هائوسنگ پروجيڪٽ” جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته سندس ويزن نهايت واضح آهي ته ملڪ کي بحرانن جي ڌٻڻ مان ڪيئن ٻاهر ڪڍڻو آهي پر عوام جون تڪليفون،مشڪلون ۽ مسئلا ايترا ته گنڀير ٿي چڪا آهن جو هاڻي ان قسم جي بيانن ۽ وعدن تي ڪنهن کي ڪو اعتبار نه رهيو آهي.ماڻهن جي برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي ۽ لڳي ٿو عوام هاڻي ان حد تائين پهچي چڪو آهي.هاڻي هتان هتان جون ڳالهيون ڪري يا گذريل حڪمرانن تي ڦٽڪار ڪري يا ڪجهه نمائشي تبديليون ڪري عوام کي وڌيڪ عرصي لاء مطئمن ڪري نٿو سگھجي.انهيء کان اڳ جو اها عظيم مايوسي ڪا اڻ وڻندڙ صورت اختيار ڪري حڪمرانن کي حقيقت پسنديء جو مظاهرو ڪندي ماڻهن کي سٺي حڪمراني مهيا ڪرڻي پوندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو