ٺري ميرواه۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ مهران ميانداد شر طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2019۔

  1. مهران ميانداد شر

    مهران ميانداد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ٺري ميرواه هڪ اهڙو تعلقو جيڪو هر طرح سان مالامال آ
    تعليم جي نالي سوين اسڪولن جو بزنس عروج تي پر والدين سمجهڻ کان لاچار ڪيترا ئي اسڪول رجسٽر نه هوندي به لکين روپيه ڪمائين ٿا هڪ نئون طريقو والدين ڳولهي لڌو آ پنهنجي نالائق ٻارن کي پاس ڪرائڻ جو ۔ ڪو گهوٽڪي ۔ ڪو ڄامشورو۔ سکر ۔ پنو عاقل ۔ سانگهڙ ۔ميرپور خاص ۾ پڙھي ٿو پر ان ٻار کي امتحان ۔ ٺري ميرواه ۔ مينگهو فقير ۔ رسولپور ۔ اڪري ۔ مٽ ۔ بوزدار ۔ يا مهيرويسر ۾ ڏيارو ويندو آھي ۔ پڙھائي لاء ٻاهر باقي امتحان هت مطلب ان ۾ هو پنهنجا عيب پيا لڪائن ۔ ته اسان جو ٻار هت ڇو پڙهي متان ماڻهون ٽوڪون ڪن ته فلاڻو هيترو امير ۽ سندس جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ ۔ اها اميري ڪٿان آئي ؟ وياج مان ڪنهنجي حق ۾ غلط فيصلي سان ۔ ڪنهن ٺيڪداري مان گهپلو وغيره ڇا انهن جي اولاد انهن کان اهو سوال نه ٿي ڪري ته هي هيترو پئسو ڪٿان کان آيو يا اولاد جو به پي وانگر ضمير مئل آھي ۔ پر هو ڇو پڇن سندس کي هڪ مهانگو موبائل ۔ بيلنس ۔ هر ڏينهن هڪ هزار کان مٿي جي خرچي جو ملي ٿي فيسبوڪ تي ڪو سردار ۔ ڪو پرنس ۔ ڪو مير سڏائي ۽ دل ۾ خود تي پيو پشيمان ٿئي ۔ ليڪن ان والدين جي عزت ڪاڏي ٿي وڃي جڏهن هو امتحان هت ٿو اچي ڏيئي ڇو جو ٻاهر هنن کي ڪاپي نه ملندي پر هت ته پورو پرچو ئي ٻاهر ملندو ۔ ۽ مارڪن وٺڻ لاء لکين روپيه ڀري ٿا اچن نتيجو ڇوڪرو فيل ۽ وري ان کي لکين روپيه ۽ شفارس ساڻ ڪري همراه پاس ۽ ٽيھ کان چاليھ لک ڀري نوڪري وٺي ڏيئي مٿان پيا چوندا ته حڪومت خراب آ نوڪري پئسن تي ٿي ملي۔ اهو نالائق ۽ پئسن تي پاس ٿيل ۽ پئسن تي ماستري وٺي آ يل ان ئي اسڪول جو ماستر ته پو تعليم جو ۽ ٻارن جي تباهي جو ڪارڻ ڪير ؟ حڪومت يا اوهان خود ۔ ڊاڪٽر ۔ انجنيئر ۔ به ته اهڙا ئي نڪرندا نه ڪمال ته ڏسو هڪ انجنيئر جنهن پنج سال پاڻ کي انجنيئر لکيو ۽ سڏايو سو اچانڪ ڊاڪٽر ٿي ويو ۔ اسپتال کلي پئي آ ۔ فيس رڳو صحافين ۽ پوليس واري کان فيس نه ورتي ويندي

    صحت
    ماڻهن جي صحت هجي يا جانورن جي مڪمل طرح ناڪام ٿيل هي تعلقو الائي جي ڪنهن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي هاڻي ڪجه ڪم نظر اچي پيو ته اسپتال ٺھي ٿي ڪجه ڊاڪٽرن کان سواء سڀ انڃان به ويزا تي رهن پيا ۔ حد ته ان ڳاله جي به آھي ته هن اسپتال کي انڃان تائين تعلقه اسپتال جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي ۔ هن ۾ به سياست جو دخل سمجه ۾ نه ٿو اچي ۔ ته بيماري سان ڪهڙي سياست ۔ اڳ کان هاڻي ڊاڪٽر محمد خان ڪجه ڪوشش ڪئي آ جيڪا ساراه جوڳي آھي پر ڊاڪٽر صاحب کي اهو ضرور چوندس ته گهمڻ ۽ فيسبوڪ کي جيترو وقت ڏيو ٿا اگر اهو ساڳيو وقت اسپتال کي ڏيو ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ۔ ۔ دوست فون ڪري ٻڌايو ته ڊاڪٽر شراب ٿا پيئن سو ادا اسپتال کان ٻاهر انهن جو پنهنجو فيل آ باقي اسپتال ۾ ڪو ڊاڪٽر نشي ۾ اچي ته اهو غلط عمل هوندو باقي اوهان جي موڪليل تصوير ۾ اسپتال نه پر ڪنهن جي نجي جڳھ پئي نظر اچي وقت سان اها تصوير ضرور شايع ٿيندي
    صحتمند ماڻهون اهي اهن جيڪي حرام کاني صحت کان فاٽن ٿا ۽ بيمار به اهي ئي ماڻهون جيڪي کل کان ڦاٽن ٿا

    روڊ
    هتان جا روڊ ٺھن ٿا پر انهن جي اڄ تائين ڪنهن سرڪاري انجيئر ڪو مٽيريل چيڪ نه ڪيو آهي ڪهڙي ڪواليٽي جو آھي ٺيڪيدار ڪهڙي جي ڪمپني انجنيئرنگ ڪائونسل وٽ رجسٽر آھي يا نه ۽ ڪمپني ڪهڙي ڪٽاگري ۾ آھي ۔ ٽيڪس ڏئي ٿو يا نه ڪمپني جي ڪهڙي ۽ ڪيتري مشينري آھي ۔ اسٽاف ڪيترو ۽ ڪهڙو اٿس ۔ سروي جا ايڪيوپمنٽ ڪهڙا اٿس ليڪن هت نه مشينري نه وري ڪو اسٽاف مطلب پٿر وڇائي مٿان مٽي جو پائوڊر وجهي تارڪول ۽ ڊيزل مڪس ڪري ان مٿان لوڪل گاڏيون پيون هلن ۽ ڪمپئڪشن پئي ٿئي۔ ڪو پڇڻ وارو ناهي ۽ نتيجو ٻن مهينن کان پو روڊ جا وڏا وڏا پٿر ٻاهر نتيجو ايڪيڊنٽ ۽ اسان ان کي به الله جي رضا سمجهي خاموش ۔ پئسا کاڌا ٺيڪيدار ۔ ايم ۔ اين ۔ اي ۔ ۽ ٻيا کاڌا انجنيئر جانيون ويون ته بيگناهن جون ۔ تمام روڊن جو ساڳيو حال آ ۔ مهراڻ هاء وي رڳو هن سال 225 جانيون ڳڙڪائي ويو آ ۔ پر ڪنهن تي به ڪو ڪيس داخل نه ٿيو آ نه وري ڪنهن نوٽس ورتو آ ۔ پوري پاڪستان ۾ اندازي مطابق هڪ مهيني ۾ 25000 هزار ماڻهون روڊ حادثن ۾ پنهنجون جانيو وڃائي ٿا ڇڏين

    زراعت
    ايگريڪلچر کاتي جي آفيس به آھي عملو به آھي پر افيس بند سڀ گهر ويٺي پگهارون پيا کڻن ۔ ڇو جو سڀ سياسي ماڻهون آھن ۔ ڪلر پراڻو ۔ دوائون ايڪسپاير پر رڳو ليبل نوان ۽ دڪان نوان ۽ نون نالن سان پيون وڪرو ٿين ۔ هي اهو ڌنڌو آ جنهن ۾ ھڪ فيصد خرچ باقي ٽي فيصد ڪمائي آ سرڪاري فيلڊ اسسٽنٽ ڪڏهن به ڪنهن جي زمين تي نه ويا آھن نه وري سندن کي ڪا ڄاڻ آھي فصل کي ڪهڙي بيماري آھي ۔ پر هنن کي اهاخبر آهي ته سندن خود کي ڪهڙي بيماري آھي ۔

    روينيو
    مختيارڪار ۔ تپيدار ۔ انهن جي ڳالھ نه ڪيو ۔ هي اها مخلوق آ جيڪا هر وقت خود کي غريبي جو گهر پيا سڏيندا
    پر مان ايترو ضرور چوندس ته عبرت حاصل ڪيو ۔ جئين ڪنهن ملان کان پڇيو ته مولوي صاحب اوهان ڪڏهن حرام کاڌو سو وڏي سوچ ۽ ويچار کان پو جواب ڏنائين ته ها پوئين جمعي تي سو پڇڻ واري پڇيس ته ڪيئن سو سائين وڏي معصوميت سان چيو ته پوئين جمعي تي مان پنهنجي گهران ماني کاڌي ۔
    صحافين ۽ پوليس جو انڃان ساڳيو معيار آ ڏه روپيه کان شروع مٿي جي ڪا حد مقرر ناهي ٻنهي جو مقصد هڪ آ پر طريقو تبديل آ ۔ پوليس وارو پٽ جي لاء نيٽ پيڪج لاء ٿو وٺي ۽ صحافي پنهنجي لاء جيئن هو ڪنهن جي شان ۾ ڪي ٻه ٽي سچا ۽ معتبر ڪوڙ لکي سگهي ۔ هر وقت اوهان اهو ضرور ڏٺو هوندو ته صحافي صرف پوليس جي واکاڻ ڪندي ۽ پوليس آفيسرن سان ڏند ٽيڙيل سيلفيون فيسبوڪ تي ضرور ڏٺيون هونديون ۔

    پوليس جي رشوت جو هڪ نئون ۽ ناياب طريقو
    وري هڪ نئون ٽرينڊ جاري ٿي ويو آ پڙھيل لکيل ماڻهن چغل خوري شروع ڪري ڏني آھي انهن جي وري دعا سلام ايس۔ ايس پي۔ ۔ ڊي ۔ آء ۔ جي ۽ آء ۔ جي کان هيٺ ناهي هوندي ۔ اهي وري پوليس کي بليڪ ميل ڪري پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيون ويٺا آھن ۔ اگر ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ ڪو آفيسر ويندو ته اهو ان اسان گڏ هوندو ۽ رشوت جو ريٽ مقرر ڪري پنهنجو هزار روپيه ٺاهيون پيو عيش ڪندو ۔
     
    نديم حيدر شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو