جهادي دهشتگردي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مهران ميانداد شر طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2019۔

  1. مهران ميانداد شر

    مهران ميانداد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    سابق صدر جنرل ضياء الحق جي دور ۾ جهاد ڪر کنيو جيڪو آمريڪا جي چوڻ تي روس کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاء هيو ، جهادين جي باقائده ڀرتيون شروع ٿيون ء دنيا مان طرح طرح جا ماڻهن اچڻ شروع ڪيو ء ايندا رهيا ان ڏينهن کان اڃ تائين اسان جهادين کان جان آجي نه ڪرائي نه سگهيا آهيون پوري دنيا جا ملڪ ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڪستان کي تنها ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا آهن ء اسان ان وقت هڪ وقتي ڪاروائي ڪري سڀ عيب ڌوئي پاڪ ٿي ڏيکاريندا آهيون .
    عرب ، چيچن ، ازبڪ ، آفريقي ، افغاني هتان جي جهادي تنظيمن سان ملي ڪري تمام مضبوط نيٽ ورڪ جو بنياد وڌو ويو ء هت خدائي فوجداري شروع ڪري ڏني ايتري تائين جو آمريڪا ، انڊونيشيا ، ايران ، افغانستان ۾ ٿيندڙ حملن جو پيرو هتان جي جهادي تنظيمن گهر تي ختم ٿئي ٿو ، 2005 ۾ عراق مان گرفتار ٿيل گل حسن نالي همراه جنهن جو تعلق اندروني سنڌ سان ٻڌايو ويو هيو ان انٽيليجنس ادارن جي شڪ کي يقين ۾ بدلائي ڇڏيو هن انٽيرو گيشن اهو به ٻڌايو ته عالمي نيٽورڪ سان وابسته ، جيش محمد ، حرڪت الجهاد اسلامي ، حرڪت المجاهدين العالمي ، جندالله ، لشڪر جهنگوي ، طالبان ، جيڪي شايد هن محل الڳ الڳ نالن سان موجود آهن ، انهي جو واضع اشارو فواد چوڌري ڏنو ته ماڻهن کي ماني کارائڻ جي بهاني دهشگردي ڪئي ٿي وڃي ،
    جيش محمد اها دعوا ڪندي رهي آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪشمير ء ڀارت تائين محدود رکيو آهي ، پر آمريڪا جي خفيه ادارن سندس جا پول پڌرا ڪندي ،ان وقت جي حڪومتن کي هن تنظيم خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو ،
    حرڪت المجاهدين العالمي
    ڪراچي ۾ موجود آمريڪي ڪونسل خاني تي حملي ۾ مولوث نڪتي ،
    حرڪت جهادِ اسلامي
    جي دهشتگردن ڪراچي ۾ فرانسيسي انجنيئرن تي خودڪش حملا ؛ سابق صدر پرويز مشرف تي راولپنڊي ۾ ، سابق وزيراعظم شوڪت عزيز تي فتح جهنگ ۾ خودڪش حملي ۾ ملوث هئي هن ۾ القاعده هتان جي جهادين کي استعمال ڪيو
    جندالله
    هي جهادي تنظيم ڪراچي جي تعليم يافته نوجوانن تي مشتمل هئي جنهن 2004 ۾ ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر تي حملي کان علاوه هن تنظيم ڪيتريون ئي خوفناڪ
    دهشتگردي جون ڪاروايون ڪيون ، هي تنظيم به القاعده جي ڪنٽرول هيٺ رهي هن جو بانيڪار القاعده جو اڳواڻ مصري شهري حمزه الجوفي هيو ، هن تنظيم کي دهشتگردي کان علاوه بينڪون ڦرڻ ، پوليس تي حملا ڪرڻ . پاڪ فوج جي جنرلن ، جوانن ، معصوم شهرين تي تي حملا ڪرڻ ته جيئن هو پنهنجي ڌاڪ ڄمائڻ لاء حملن جو حڪم ڏنو . ؛ هن ۾ به پاڪستاني جهادي نوجوانن کي استعمال ڪيو ويو ،
    هن ئي نالي جي هڪ ٻي جندالله به هئي جنهن ايراني سڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا هن به القاعده وانگر دهشتگردي جون هولناڪ ڪاروايون ڪيون جنهن ۾ ايراني سڪيورٽي فورسز جي جوانن کي زبح ڪري انهن جي وڊيو ٺاهييون ويون
    ايران حڪومت پاڪستان جي خفيه ادارن تي الزام هڻدي چيو ته هن تنظيم کي پاڪستاني خفيه ادارن جي مدد حاصل آهي پر پاڪستان بروقت ڪاروائي ڪري جندالله جي سربراه مالڪ ريگي کي پڪڙي ايران حوالي ڪيو جتي ان کي ڦاسي ڏني ويئي ، ان کان پو ٻنهي ملڪن جا شڪ دور ٿيا ،
    لشڪر جهنگوي
    لشڪر جهنگوي ؛ القاعده ملي ڪري آمريڪي صحافي ڊينئل پرل کي اغوا ڪري ان کي زبح ڪري ان جي وڍيو جاري ڪئي ،
    اهڙي طرح هن جهادين قبائلي علائقن جو رک ڪيو اتي به هنن هتان جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ؛ اچانڪ آرمي آپريشن شروع ٿيو ؛ پو اهي نام نهاد جهادي لڪڻ ۾ پورا هيا پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪري پوري علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ،
    وري ڀارتي جنگي جنون جي حد ٿي ويئي جو مودي سرڪار ايندڙ اليڪشن ۾ سوڀاري ٿيڻ لاء پاڪستان تي حوائي حملو ڪري ڪيترائي وڻ ؛ پکي ماري ڇڏيا ؛ دعوي ڪئي ته جيش محمد جا لڳ ڀڳ 250 جهادي ماريا اهڙي ڪوڙ تي
    هن کي هن جي پنهنجي عوام به ڌڪاريو ،
    ڇا مودي به اندران گانڌي وانگر جنگي نالي تي ووٽ کڻي ٻيهر وزيراعظم ٿيندو ؟
    پاڪستان ان حملي کي بهترين نموني فلاپ ڪيو ؛ پاڪ فوج جي مضبوط حڪمت عملي جوڙي ڏينهن ڏٺي جو هڪ موثر جواب ڏنو جنهن کي دنيا ڏٺو ،
    پر ان جنگ کي ختم ڪرڻ لاء سعودي ، ترڪي . روس ، آمريڪا ، چين ، اهم ڪردار ادا ڪندي جنگ کي روڪي ته ڇڏيو آ پر مودي جو زهن اڃان به صاف نه ٿيو آهي ، جيڪو شايد رات جي انڌيري ۾ ڪڏهن به ڪجه ڪري سگهي ٿو ،

    پر وري اچانڪ پاڪستان حڪومت ڪجه پابندي پيل تنظيمن خلاف ايڪشن ۾ آئي آهي جنهن ۾ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اسان ڪنهن جي چوڻ تي ڪاروائي نه ڪري رهيا آهيون پر اسان پنهنجي سر زمين ڪنهن ٻئي کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسون پر ڪجه ڏينهن اڳ آمريڪا جي فوجي سنٽرل ڪمانڊ اهو بيان ڏنو ته پاڪستان 6 مهينن ۾ اهو ڪري ڏيکاريو آ جيڪو ارڙهن 18 سالن ۾ ڪنهن به نه ڪيو ، ان کان پو هنن تنظيمن جا ماڻهون حراست ۾ ورتا ويا ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو