ٻار ۽ انٽر نيٽ

'ٻاراڻو ادب' فورم ۾ مهران ميانداد شر طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2019۔

  1. مهران ميانداد شر

    مهران ميانداد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ٽيڪنالوجي ۽ ميڊيا اسان لاء سهولتن جو هڪ جهان آباد ڪري ڇڏيو جيڪو ڪم مهينن ۽ ڏينهن ۾ ٿيندو هيو سو ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي جي زريعي بس ڪجه منٽن ۾ ٿيو وڃي هرگهر ۾ ڪمپيوٽر موجود آھي جنهن وٽ ناهي ته اتي موبائل ڊوائيس گهمندڙ ڦرندڙ ڪمپيوٽر کان گهٽ ناهي جنهن سان اسان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجون ذاتي سماجي ۽ معاشي سرگرميون ڪري سگهون ٿا ليڪن مسئلو اتي ختم نه ٿو ٿئي هر شي جا مثبت پهلو هوندا آھن اتي منفي پهلو به سامهون ايندا آھن اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪجه ڏهاڪن ۾ معاشري کي بدلي ڇڏيو آ پهريان ماڻهون هڪ ٻي جي خيريت معلوم ڪرڻ لاء هڪ ٻئي ڏي ايندا ويندا هئا پر اهو مسئلو فيسبوڪ حل ڪري ڇڏيو فيسبوڪ تي تصويرن ۽ اسٽيٽس رکڻ مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته هو زندگي ڪيئن گزارن پيا ۽ غيرمتعلقه ماڻهن جو سندن جي زندگي ۾ ڪيترو عمل دخل آھي هي سوشل ويب سائيٽ هڪ ٻئي جي تعلق کي مظبوط رکڻ لاء ٺاهي ويئي ھئي ۔ ليڪن هت صورتحال مختلف ٿيندي پئي وڃي رشتا ثثي ڀورا ڀورا ٿيندا پيا وڃن ۔دوستي جون پاڙون ئي پٽجنديون ٿيون وڃن ۔ حسد ۔ ساڙ ۔ ڪينو وڌندو پيو وڃي هر ماڻهون لائيڪ ۽ ڪومنٽس کي حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ وڌندي پئي وڃي ۔ غير مفيد مقابلي بازي ۔ احساس ڪمتري ۔ پاڻکي وڌيڪ ۽ ٻئي کي گهٽ سمجهڻ جهڙين بيمارين گهر ڪري ڇڏيا آھن ۔
    اٺ سال کان ٻارنهن سال جي ٻارن لاء اهڙيون رانديون ايجاد ٿي ويون اهن جنهن ۾ قتل ۔ تشدد جنسي بي راھ روي جون سرگرميون آساني سان ٻارن تائين پهچن ٿيون جنهن جي ڪري ٻار ۔ ضدي ۔ تشدد پسند ۽ تنهائي جو شڪار ٿي رهيا آھن .مسلسل انٽرنيٽ جي غير ضروري استعمال سان جسماني ورزش نه هجڻ جي برابر ٿيندي پئي وڃي ۽ زهني نشونما جي لاء خطرو وڌندو پيو وڃي گڏوگڌ تعليمي ڪارڪردگي به متاثر پئي ٿئي ۔ ڇا اسان پنهنجن ٻارن کي هن مشڪل مان ڪڍي سگهندا سين ۔ ناممڪن ۔ پر اسان ڪوشش ڪريون ته هنن مٿان نظر رکي سگهون ٿا ۔ جڏهن هو موبائل يا ٽيبليٽ تي انٽرنيٽ استعمال ڪن ته انهن جي نگراني ڪجي جيئن هو وڊيو گيم گهٽ ۽ فزيڪل راند تي ڌيان ڏيئي ان جي ڪمري ۾ ڪمپيوٽر يا ٽي وي نه رکڻ گهرجي اگر اهي شيون رکڻيون به آھن ته اهڙي جڳه تي رکو جتي اوهان انهن جي آساني سان نگراني ڪري سگهو ٻارن کي گهڻي روڪ ٽوڪ کان به پاسو ڪيو ڇو جو اڄ جا ٻار جلد باغي ٿي ٿا وڃن ان ڪري انهن کي پيار سان سمجهايو ۽ پنهنجي قريب رکو اهڙي دوستي ڪيو جو هو هر ڳاله اوهان سان ڪن ۽ اوهان جي خوف کان ڪا ڳاله لڪائي ڪنهن وڏي مسئلي ۾ نه ڦاسي پون ۔ اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي زريعي دنيا جي هر برائي وڏي خوبصورت انداز سان اڳيان پيش ڪئي ٿي وڃي سو هنن جا معصوم زهن آھن ان ڪري ماء پيء جي ۽ معاشري جي بالغ ماڻن جا اها زميواري ٿئي ٿي ته اهي هنن کي انهن برائين کان بچائن اهي اسان جا مستقبل آھن ۽ ڪا به زنده قوم پنهنجو مستقڀل اونداهو ڏسڻ نه گهرندي آ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو