صدارتي نظام؛ وري هڪ نئون شوشو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هڪ اهڙو ملڪ جتي ستر سال گذرڻ باوجود اڄ تائين اهو فيصلو ناهي ٿي سگھيو ته هتي ڪهڙو نظام صحيح رهندو؟ ڪنهن وٽ ڪيترا اختيار هئڻ گھرجن يا هتي ڪهڙو نظام حڪومت هئڻ گھرجي؟جنهن ملڪ ۾ حالت اها هجي اهو ملڪ ڪهڙي ترقي ڪري سگھندو؟ مٿان وري دنيا جي ٻين ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جون دعوائون ٻڌي سچ پڇو ته منهن مٿو پٽڻ تي دل گھري ٿي.اڄ ڪلهه ملڪ ۾ وري هڪ نئون بحث ڇڙيل آهي ته جيئن ته پاڪستان ۾ پارلياميني نظام حڪومت ناڪام ٿي چڪو آهي ان ڪري اسان جي سمورن مشڪلن جو حل،سمورن مرضن جو علاج ۽ سڀني دردن جي دوا صرف صدارتي نظام آهي.انهيء نڪته نظر مطابق صدارتي نظام اچڻ سان اوچتو ئي اوچتو اهڙو چمسڪار ٿيندو جو سالن جا سڀ مسئلا چپٽي وڄائيندي حل ٿي ويندا،ملڪ ۾ کير ۽ ماکيء جا دريا وهڻ شروع ٿي ويندا ۽ هر طرف انصاف جو راڄ هوندو.صدارتي نظام ايندي ئي ملڪ مان هر قسم جي ڪرپشن پاڻهي ختم ٿي ويندي،نوڪر شاهي رشوت وٺڻ بند ڪري ڇڏيندي، عوام کي سندن گھر جي چانئٺ تي زندگيء جون سڀ سهولتون مهيا ٿي وينديون،ميرٽ ئي ميرٽ هوندي،وي آئي پي پروٽوڪول ۽ اشرافيا جا خصوصي اختيار ۽ حڪمرانن جا صوابديدي اختيار ختم ٿي ويندا،اسپتالون ۽ اسڪول ٺيڪ ٿي ويندا،ملڪ مان ڪاپي ڪلچر ختم ٿي ويندو، عورتن ۽ ٻارڙن تي ٿيندڙ ظلم بند ٿي ويندو،غريبن ۽ لاچارن کان کسيل حق کين واپس ملي ويندا، ملڪ مان مهانگائي ختم ٿي ويندي،زخيرا اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جو خاتمو اچي ويندو، پوليس ۽ عدالتون صحيح ٿي وينديون،انصاف وڪجڻ بند ٿي ويندو،ماڻهو گم ٿيڻ بند ٿي ويندا،زرد صحافت جو خاتمو اچي ويندو،سرڪاري خزانو لٽيندڙن ۽ زمينون ڦٻائيندڙن کي عبرتناڪ سزائون ملي وينديون،صوبن ۽ مرڪز وچ ۾ چڪتاڻ ختم ٿي ويندي،معيشت ٽپا ڏيئي آسمان ڇهڻ لڳندي،زراعت جو نظام سڌري ويندو،پاڻي،بجلي ۽ گئس جي چوري رڪجي ويندي،صدارتي نظام ايندي ئي آسمان مان نوٽن جو مينهن وسڻ لڳندو ۽ زمين مان خزانا ٻاهر نڪرڻ لڳندا،ماڻهن جون سالن کان جڙيل سوچون ۽ ورهين کان جڙيل ورتاء بدلجي ويندا ۽ ملڪ دنيا جي نهايت ئي سڌريل ۽ ترقي يافتا ملڪن جي صف ۾ اچي ويندو.اهو نڪته نظر رکندڙ طبقو اڄ ڪلهه سڀ ڪم ڇڏي ماڻهن کي صدرارتي نظام جون برڪتون ۽ ڪرامتون سمجھائڻ ۾ رڌل آهي جڏهن ته ٻئي طرف پارلياماني نظام حڪومت جو دفاع ڪندڙ طبقو آهي جيڪو هر وقت ٻانهون کنجي ميدان ۾ لٿل آهي ته خبردار! جو ڪنهن پارلياماني نظام خلاف ڪا ڳالهه ڪئي ته سندس حشر نشر ڪري ڇڏبو،جمهوريت خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي وغيره وغيره هڪ طرف مختلف فورمن ۽ ميڊيا تي اهو بحث جاري آهي ته ٻئي طرف ويچارو عوام جنهن جي ”درد “ ۾ اهو سڀ بحث ٿي رهيو آهي اهي بيروزگاري، بيماري،بد حالي،مهنگائي ۽ بد امنيء جي جن مصيبتن ۾ ڦاٿل آهن انهن لاء اهو بحث لاحاصل ۽ اڻ لاڳاپيل بڻيل آهي.ٻنهي پاسين نام نهاد دانشورن جو اهڙو ٽولو آهي جن کي ويچاري ”عوام جو درد “ سمهڻ ئي نٿو ڏئي.اهي جاهل اصل بيماري۽ بيماريء جا حقيقي سبب معلوم ڪرڻ بدران بيماريء جي علامتن کي جھليو بيٺا آهن ۽ انهن کي ايترو به شعور ناهي ته رڳو نالا بدلائڻ سان نظام ناهن بدلبا،انهيء لاء سوچون ۽ رويا به بدلائڻا پوندا آهن.ڪنهن به جمهوري سماج ۾ صدارتي توڙي پارلياماني نظام حڪومت ٻئي قابل عمل هوندا آهن ۽ انهن ٻنهي نظامن تي بحث مباحثو ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر سوال اهو آهي ته جنهن ملڪ يا سماج ۾ جمهوريت جو رڳو نالو استعمال ڪيو وڃي ۽ جمهوريت نالي ڪا شيء نه رهي هجي اتي نظام صدارتي هجي يا پارلياماني ڪهڙو ٿو فرق پوي؟هن وقت دنيا جي اٽڪل پنجهتر سيڪڙو جمهوري ملڪن ۾ صدارتي طرز حڪومت رائج آهي ۽ باقي ملڪن ۾ پارلياماني نظام حڪومت رائج آهي پر دنيا جا ڪيترائي اهڙا ملڪ جتي ڪوبه جمهوري نظام رائج ناهي اهي به نهايت تيزيء سان ترقيء ۽ خوشحاليء طرف وڌي رهيا آهن،انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته اصل مسئلو صدارتي يا پارلياماني نظام جو نه پر سٺي حڪمرانيء جو آهي.ان ۾ شڪ ناهي ته هن وقت دنيا ۾ جيترا به نظام هلي رهيا آهن انهن مان جمهوريت ٻين جي ڀيٽ ۾ هڪ بهتر نظام آهي پر سوال اهو ته جمهوريت پنهن جي اصل صورت ۽ روح مطابق موجود به ته هجي.جمهوريت جي شروعات هميشه سياسي جماعتن کان ٿئي ٿي.جيڪر سياسي جماعتن ۾ جمهوريت ۽ جمهوري رويا هوندا ته اهي حڪومتي ۽ رياستي سطح تي به نظر ايندا.هتي ته الميو ئي اهو آهي جو جمهوريت جي نالي سان سدائين عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.اسيء جي ڏهاڪي کان ته سياسي جماعتن پنهنجن نظرين ۽ سوچن کي به ستن رومالن ۾ بند ڪري رکي ڇڏيو آهي ۽ اهي جماعتون ڪارپوريٽ ڪمپنيون بنجي ڪري رهجي وييون آهن جيڪي ڪنهن واحد فرد جي پسند ۽ ناپسند جي چوڌاريء گھمندي نظر اچن ٿيون.انهيء کان پوء سياسي پارٽين ۾ پئسو ڪمائڻ جو جيڪو خطرناڪ لاڙو پيدا ٿيو آهي انهيء ته پوري جمهوري مزاج جي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي،جڏهن اوهان وٽ سياسي پارٽين ۾ ئي جمهوريت ناهي ته عوام کي اوهان جمهوريت جو ڪهڙو تحفو ڏيئي سگھندا؟هتي آمرن ۽ ڊڪٽيٽرن جو ذڪر ئي نٿا ڪيون جو اهي جمهوريت جو نعرو هڻي نه آيا هئا ان ڪري سندن سمورن ڪرتوتن تي بحث اجايو آهي پر جيڪي جمهوريت جا چيمپين بڻجي جمهور کان ووٽ وٺي جمهور جي خدمت جو نعرو هڻي ايندا رهيا انهن جمهور سان ڪهڙو حشر ڪيو؟ هاڻي اچون ٿا چونڊن جي نظام طرف جيڪو جمهوريت جو هڪ اهم مرحلو هوندو آهي،ڇا چونڊن جي ان غير جمهوري ۽ نامعقول نظام کي سڌارڻ جي انهن جمهوريت پسند حڪمرانن ڪڏهن ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي آهي؟بلڪه اهي هرگز چونڊن جي ان نظام کي نه سڌاريندا جو هاڻوڪو ڪرپٽ چونڊ نظام انهن کي سوٽ ڪري ٿو جتي اهي پئسي،طاقت ۽ برادريء جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪن ٿا ۽ ڪوبه عام ماڻهو ان نظام ۾ داخل ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگھي،آخر ان چونڊ سرشتي کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ انهن کي ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟هڪ آزاد،اڻ ڌري ۽ مالي طور تي پاڻ ڀري اليڪشن ڪميشن قائم ڪرڻ وارو قدم نه ٿي سگھڻ وارين شين مان ته ڪونهي پوء جمهوريت جي دعويدار ڪابه حڪومت اهو ڪم اڄ تائين ڇونه ڪري سگھي آهي؟ انهيء بعد جمهوريت جي نشو نما لاء صاف ۽ شفاف احتساب جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن جمهوري نظام مان گندين مڇين جو خاتمو ايندو رهي پر اڄ تائين ڪا به جمهوري حڪومت احتساب جو اهڙو اڻ ڌريو،صاف ۽ شفاف نظام قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي،ڇو؟ ان ڪري جو انهن کي احتساب جو هاڻوڪو مشڪوڪ نظام ئي سوٽ ڪري ٿو جنهن ذريعي اهي پنهنجن سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪندا رهيا آهن ته جيئن سڀ جا سڀ گڏجي بنان خوف ۽ خطري جي بدعنواني ۽ ڪرپشن ذريعي پئسو ميڙي سگھن.حيرت جي ڳالهه اها ته هن ملڪ جي غريب عوام جو پئسو ڦري ۽ لٽي،سندن رت ۽ ست نپوڙي ۽ کين غير ملڪي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ۽ مٿانئن مهانگائيء جا بم ڪيرائي به اهي” جمهوريت پسند“ ۽ ”آئين جا محافظ“ ئي رهن ٿا.جيستائن ملڪ ۾ احتساب جو جوڳو ۽ منصفاڻو نظام نٿو جڙي ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ اها لٽ مار ايئن ئي جاري رهندي ۽ ماڻهو ٻن وقتن جي مانيء لاء ايئن ئي در در جا ڌڪا کائيندا رهندا.انهيء کان پوء جمهوريت جو بنيادي ثمر اهو ٿئي ٿو جو اختيار هيٺين سطح تي عوام تائين منتقل ٿين ٿا ۽ کين سندن زندگيء جون بنيادي ضرورتون سندن گھر جي چانئٺ تي مهيا ڪيون وڃن ٿيون.انهيء مقصد لاء لوڪل حڪومتن جو نظام ۽ عوامي ادارن جو سڌارو بنيادي حيثيت رکي ٿو پر ڪنهن به جمهوريت پسند حڪومت اڄ تائين نه ته صحيح معنيٰ ۾ ڪو لوڪل نظام حڪومت ڏيڻ ۾ ڪا سنجيدگي ڏيکاري آهي ۽ نه ئي مختلف سرڪاري ادارن ۾ ڪو قابل قدر سڌارو آيو آهي ان ڪري جو اسان جي حڪمران اشرافيا کي اهي ادارا ئي سوٽ ڪن ٿا جن ذريعي اهي نه رڳو پنهنجي اقتدار تي گرفت مضبوط رکن ٿا پر انهن ادارن ۾ ويٺل پنهنجن نا اهل عملدارن ذريعي جائز ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪن ٿا.انهن کي پوليس جو هڪ سڌريل ۽ مهذب نظام هرگز پسند ناهي جو سندن تڪ جا ايس ايڇ او نه رڳو انهن جو سياسي ڌاڪو قائم رکڻ ۾ انهن جي مدد ڪن ٿا بلڪه کين چونڊون کٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.هڪ سٺو ۽ لاڀائتو تعليمي نظام به انهيء حڪمران طبقي جي پسند وٽان هرگز ناهي جو تعليم اچڻ سان شعور جو رستو کلي ٿو ۽ جيڪر ماڻهن ۾ شعور اچي ويو ته پوء انهن کي سائين سائين ڪير ڪندو،ان ڪري اهي هٿ وٺي تعليم جو ٻيڙو غرق ڪندا رهيا آهن.هي جو ملڪ ۾ چئن پنجن منهن وارو تعليمي سرشتو صدين کان هلندو ٿو اچي انهيء کي تبديل ڇو نٿو ڪري سگھجي؟جمهوريت جي مضبوطيء لاء هڪ بهترين عدالتي نظام جي اهميت کان به انڪار ڪري نٿو سگھجي پر بدقسمتيء سان ماضيء ۾ ملڪ اندر عدالتن جو جيڪو ڪردار رهيو آهي ان تي فخر ڪري نٿو سگھجي.انصاف ۾ دير يا انصاف ۾ جلدي ٻئي انصاف جو قتل ليکيون وڃن ٿيون پر هتي جيڪا حالت آهي اها سڀني جي سامهون آهي.ماڻهو انتظار ڪندي قبرن حوالي ٿي وڃن ٿا جنهن بعد فيصلا اچن ٿا،ڏاڍي لاء هڪڙو قانون ته ڪمزور لاء ٻيو قانون اسان جي امتيازي سڃاڻپ بڻيل آهي.پر مجال آهي جو ڪوبه جمهوري حڪمران عدالتي نظام جي سڌاري جي ڪا ڳالهه ڪري يا ان سلسلي ۾ ڪا موثر قانونسازي ڪئي وڃي. سو مطلب اهو ته جيستائين پوري سماجي، سياسي، معاشي ۽ قانوني ڍانچي ۾ ڪي بنيادي ۽ انقلابي سڌارا نٿا آندا وڃن،روين ۽ سوچن ۾ به جمهوريت نٿي اچي تيستائين صدارتي يا پارلياماني نظام جو بحث هڪ لاحاصل ۽ فضول بحث آهي ۽ ان ذريعي هروڀرو عوام کي وڌيڪ منجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ۽ اصل معاملن تان ماڻهن جو ڌيان هٽايو پيو وڃي.صدارتي نظام جون سموريون برڪتون ۽ فضيلتون بيان ڪندڙن کان جڏهن اهو سوال ڪجي ٿو ته اهو برڪتن ڀريو نظام ڀلا نافذ ڪهڙي قانوني ۽ آئيني طريقي سان ٿيندو ته اهي جواب ڏيڻ بدران وات چٻڻ لڳن ٿا.ان ڪري جو کين خبر آهي ته هاڻوڪي حڪومت جيڪر ان نظام جي خواهشمند هجي به کڻي ته به انهن وٽ ايتري عددي قوت يا ڪا سياسي طاقت ناهي جو اها اهو ڪم ڪري سگھي.سو اهم اهو ناهي ته نظام صدارتي هجي يا پارلياماني پر اهم اهو آهي ته نظام ۾ موجود بنيادي خرابين کي درست ڪيو وڃي.جڏهن بنياد ۾ ئي گند ڀريل هجي ته ڪنهن به عمارت جو رنگ روغن ڪرڻ سان عمارت مضبوط بڻجي نٿي سگھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو