ايڊز ڇا آهي؟

'صحت سرير جي' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    بدقسمتيء سان سنڌ ۾ ايڊز جو پکڙجندڙ مرض شدت اختيار ڪندو ٿو وڃي.خدا اسان جي حڪمرانن کي ساڃاهه ڏئي جو اهي سستي سياست مان منهن ڪڍي ڪجهه اهڙن اهم مسئلن طرف به ڌيان ڏين.ضروري معلوم ٿئي ٿو ته ان مرض متعلق ڪجهه ڄاڻ شيئر ڪجي ۽ هن مرض جي باري ۾ ڦهليل ڪجهه غلط خيالن جوبه تدارڪ ڪيو وڃي.

    قدرت انساني جسم کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاء هڪ نهايت ئي موثر دفاعي نظام سان نوازيو آهي جنهن هيٺ انساني جسم ۾ رت جا سفيد ذرا موجود ٿين ٿا جيڪي ان کي جراثيم کان محفوظ رکن ٿا.ايڊز جو سبب بڻجندڙ وائرس (Human Immune Deficiency Virus) آهي جيڪو جسم ۾ داخل ٿي انهن سفيد ذرن کي ڪمزور ايستائين جو تباهه ڪري ڇڏي ٿو.ان طرح متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ عام بيمارين خلاف وڙهڻ جي صلاحيت گھٽجي وڃي ٿي.اسان جي ماحول ۾ ڪيترين ئي بيمارين جا جراثيم موجود هوندا آهن پر تندرست ماڻهو پنهنجي مضبوط مدافعت (بچاء) واري قوت سبب انهن بيمارين کان بچي وڃن ٿا جڏهن ته جن ماڻهن جو دفاعي نظام ايڇ آئي وي سبب ڪمزور ٿي ويندو آهي انهن لاء اهي جراثيم سخت نقصان جو سبب بڻجن ٿا.جن ماڻهن ۾ مرض جا جراثيم ته موجود هجن پر اڃا انهن ۾ مرض جون نشانيون ظاهر نه ٿيون هجن انهن کي ”ايڇ آئي وي پازيٽو“ چيو ويندو آهي.عام طور تي ايڇ آئي وي کان متاثر ماڻهن ۾ مرض جون نشانيون هڪ سال يا وڌ ۾ وڌ ڇهن کان ڏهن سالن جي عرصي ۾ ظاهر ٿين ٿيون ان ڪري اڪثر صورتن ۾ مريض کي خبر ئي ناهي هوندي ته هو ان مرض ۾ ڦاسي چڪو آهي.علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ چيو ويندو آهي ته مريض کي ايڊز يعني (Acquired Immune Deficiency Syndrome) ٿي ويو آهي.اهو ايڇ آئي وي کان انفيڪشن بعد جو آخري مرحلو آهي جنهن ۾ مريض جي CD4 ذرن جو تعداد 200 کان به گھٽجي وڃي ٿو.ڪنهن صحتمند ماڻهوء ۾ عام طور تي CD4 ذرن جو تعداد 1000 يا ان کان مٿي هوندو آهي.جنهن شخص کي ايڊز ٿي وڃي ان ۾ هي نشانيون ظاهر ٿينديون آهن؛ هڪ مهيني تائين لاڳيتو بخار،سخت ٿڪاوٽ جو احساس،بغلن۽ ڄنگھن جي جوڙن يا نڙيء ۾ غدودن جي سوڄ،وات،زبان يا نڙيء ۾ اڇا يا غير معمولي داغ،چمڙي هيٺان،وات جي اندر،نڪ يا پلڪن تي ڳاڙها يا ڀوري رنگ جا داڻا نڪرڻ،هڪ مهيني کان لاڳيتي کنگهه ۽ ساهه منجھڻ،هفتي کان مٿي جاري رهندڙ لاڳيتا دست،ياداشت ڪمزور ٿيڻ،ڊپريشن ۽ ٻيون اعصابي بيماريون،ٿوري عرصي ۾ جسم جو وزن ڏهه سيڪڙو کان وڌيڪ گھٽجي وڃڻ.

    هاڻي اچو ته اهو ڏسجي ته ايڊز ڪهڙن طريقن سان پکڙجي ٿو يعني هڪ ماڻهوء مان ٻئي ماڻهوء تائين پهچي ٿو.1.ايڊز کان متاثر سرنج،نشو ڪندڙ ماڻهن جي استعمال ڪيل سرنج يا سوئي استعمال ڪرڻ سان.2. ايڊز کان متاثر وڍ ڪٽ وارا اوزار ٻيهر استعمال ڪرڻ سان.3. ايڊز کان متاثر ماء مان پيدا ٿيندڙ ٻار کي.3.حمل دوران،زچگي دوران يا ماء جو کير پيئڻ سان نئين ڄاول ٻار کي.4. ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کان متاثر ڪنهن مرد يا عورت سان جنسي لاڳاپن ذريعي.5.مريض کي رت چاڙهڻ ذريعي.6. استعمال ٿيل سرنج کي وري وري استعمال ڪرڻ سان.7. وڍ ڪٽ جي اوزارن ۽ ڏندن ڪڍرائڻ وارن اوزارن ذريعي.8. وائرس کان متاثر اوزار چمڙيء ۾ ٽنبجڻ سان9.حجامت جي ٻيهر استعمال ٿيندڙ بليڊن ذريعي.

    اهو ضروري ناهي ته ايڊز جي هر مريض ۾ بيماريء جون علامتون به ظاهر ٿين.ڪيترائي ماڻهو جيڪي ان کان متاثر هوندا آهن پر سالن تائين انهن ۾ ان بيماريء جون علامتون ظاهر نٿيون ٿين.اهڙي صورت ۾ ايڇ آئي وي جي موجودگي معلوم ڪرڻ لاء واحد طريقو رت جي ٽيسٽ آهي.مريض کي گھرجي ته هو ڪنهن قابل اعتماد ڊاڪٽر سان رابطو ڪري کيس پنهنجي شڪ جو سمورو پس منظر ٻڌائي ۽ رت جي ٽيسٽ ڪرائي.ان لاء حڪومت جي قائم ڪيل مرڪزن سان سڌو رابطو به ڪري سگھجي ٿو جتي اهڙي ٽيسٽ مفت ۾ ڪئي وڃي ٿي.جيڪر ڪنهن شخص کي ايڇ آئي وي کان متاثر ٿيندي ٽن هفتن کان ڇهه مهينا ٿيا هجن ته ان جو ايڇ آئي وي اسڪريننگ نيگيٽو به اچي سگھي ٿو اهڙي صورت ۾ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي.ڪهڙن ماڻهن کي لازمي پنهنجي رت جي اها ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي؟ 1. غير ازدواجي جنسي لاڳاپا رکڻ وارا ماڻهو.2. هم جنس پرستي يا جنسي بي راه روي ۾ ڦاٿل ماڻهو.3. اهڙو شخص جنهن کي ڪنهن بيماريء سبب رت چڙهيو هجي. 4. نشي جا عادي يا اهڙا ماڻهو جن ڪنهن نشي باز جي سرنج يا سوئي استعمال ڪئي هجي.5. اهڙا ماڻهو جيڪي جنسي مرضن جو شڪار رهيا هجن.

    توڙي جو اهڙيون دوائون موجود آهن جن جو باقائدگيء سان استعمال ايڊز جي مريضن کي نه رڳو ڊگھي عرصي تائين زندهه رکي سگھي ٿو بلڪه اهي سرگرم زندگي به گذاري سگھن ٿا پر اڃا تائين هن مرض جو مڪمل علاج دريافت نه ٿي سگھيو آهي.انهيء کان بچاء جو هڪڙو ئي رستو آهي سو آهي پرهيز. انهيء ڪري ضروري آهي ته هيٺين احتياطي اپائن تي عمل ڪيو وڃي.1. رت رڳو ان صورت ۾ چڙهائڻ گھرجي جڏهن ان جي سخت ضرورت هجي. 2. جيڪر زندگي بچائڻ لاء رت چڙهائڻ ضروري هجي ته اها پڪ ڪجي ته ان رت ۾ ايڊز جو وائرس ته موجود ناهي.3. جنسي لاڳاپن کي رڳو پنهنجي جيون ساٿيء تائين محدود رکجي.4. سدائين نئين ڊسپوزايبل سرنج استعمال ڪجي ۽ استعمال بعد سرنج ضايع ڪري ڇڏجي.5. جيڪر جنسي لاڳاپن وقت ڪوبه هڪ ماڻهو ان وائرس کان متاثر هجي ته ڪنڊوم جو صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي.

    گڏيل قومن جي صحت واري اداري جو چوڻ آهي ته ايڊز جو مرض پوري دنيا م نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي جنهن سان اڄ تائين اٽڪل چار ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.رڳو هڪ سال اندر هڪ ڪروڙ ماڻهو ايڊز سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا.اڃا اٽڪل ٽي ڪروڙ ۽ ستر لک اهڙا آهن جيڪي ان وائرس جو شڪار آهن انهن مان ستر سيڪڙو افريڪا ۾ موجود آهن.ارڙهن لک ماڻهو اهڙا آهن جيڪي 2017ع ۾ متاثر ٿيا.هن مرض جي پکڙجڻ جي شروعات 1980ع ۾ ٿي هئي.هن مرض جي باري ۾ حڪومتن توڙي سول سوسائٽي کي جيڪا آگاهي ڦهلائڻ گھربي هئي سا آگاهي پيدا نه ٿي سگھي آهي.جنهن ڪري هن مرض جي باري ۾ ڪافي غلط خيال ۽ مفروضا به عام آهن. مثال اهو خيال ته ايڊز کان متاثر مريضن سان گڏ رهڻ سان اوهان کي به ايڊز ٿي پوندي.هڪ ڊگهي عرصي تائين اهو غلط تصور رهيو جنهن ڪري اهڙن مريضن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو هو.ان جي باوجود جو ان سلسلي ۾ آگاهي مهمون به هلايون وڃن ٿيون پر اهو خيال اڃا به ڪافي هنڌن تي موجود آهي.2016ع ۾ برطانيا ۾ ويهه سيڪڙو ماڻهو ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته ايچ آئي وي ايڊز ٿڪ يا متاثر مريض کي ڇهڻ سان به پکڙجي سگھي ٿو.پر حقيقت اها آهي ته ڪنهن کي ڇهڻ سان،ڳوڙهن سان،پگھر،ٿڪ يا پيشاب سان هي وائرس منتقل نٿو ٿئي.اهڙيء طرح ساڳي هوا ۾ ساهه کڻڻ،هٿ ملائڻ،ڀاڪر پائڻ يا چمڻ سان به هي مرض منتقل نٿو ٿئي.هڪ ٻئي جي کاڌي جا ٿانو استعمال ڪرڻ،هڪ ٻئي جو بچايل کاڌو کائڻ،ساڳيو غسل خانو يا ٽوائلٽ استعمال ڪرڻ،هڪ ٻئي جو ذاتي شيون استعمال ڪرڻ،دروازي جي هينڊل کي ڇهڻ،ايڪسرسائيز لاء ساڳي مشين استعمال ڪرڻ سان به هي مرض هڪ کان ٻئي کي هرگز نٿو لڳي.1991ع ۾ ليڊي ڊيانا ايڇ آئي وي ايڊز جي شڪار هڪ مريض سان ملي ته جيئن ان وائرس جي پکڙجڻ متعلق قائم ٿيل غلط سوچن کي ختم ڪري سگھجي.ياد رکڻ گھرجي ته ايڇ آئي وي ايڊز جسم ۾ موجود پاڻياٺن مادن ڪنهن ٻئي شخص جي جسم اندر داخل ٿيڻ سان ٿي سگھي ٿو جيئن رت،اندام نهاني جي پاڻياٺ يا عورت جي کير سان.اهڙيء طرح غير روايتي جنسي لاڳاپن مان فارغ ٿيڻ بعد ڪجهه قسم جون حفاظتي دوائون استعمال ڪرڻ سان به ايڊز کان بچي نٿو سگھجي.افريڪا،انڊيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ جيڪو اهو وهم موجود آهي ته جيڪر عورت جنسي لاڳاپن بعد پنهنجو پاڻ کي صاف ڪري وٺي ته ته ڪجهه به نٿو ٿئي اها نهايت ئي بي بنياد ۽ خطرناڪ سوچ آهي.توڙي جو اهو وائرس رت ذريعي منتقل ٿئي ٿو پر تحقيق سان ثابت ٿيو آهي ته جيڪر رت چوسيندڙ مخلوق جيئن مڇر وغيره ان وائرس کي پکيڙڻ جو سبب نٿا بڻجن.سو اوهان جيڪر هڪ اهڙي علائقي ۾ رهو ٿا جتي ان مرض کان متاثر گھڻا ماڻهو رهن ٿا ۽ اتي مڇر به گھڻا آهن ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

    صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ هر چئڻ ماڻهن مان هڪ ماڻهو جيڪو ايڊز ۾ ورتل آهي ان کي خبر ناهي ته هو مرض ۾ ورتل آهي.مطلب اهو ته نوي لک چاليهه هزار ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ موجود ان وائرس کان لاعلم آهن ۽ اهو وائرس ٻين ۾ منتقل ڪرڻ جو خطرو بنيل آهن.ان وائرس جو شڪار ٿيندڙ ڪو انسان ڏهن کان پندرهن سال تائين به زندهه رهي سگھي ٿو ۽ ٿي سگھي ٿو ته ان مرض جي ڪا به علامت سندس جسم ۾ ظاهر نه ٿئي.شروعاتي طور تي انفيڪشن جي منتقليء بعد شروعاتي ڪجهه هفتن ۾ مريض کي بخار محسوس ٿي سگھي ٿو،مٿي ۾ سور ٿي سگھي ٿو،جسم تي داڻا به نڪري سگھن ٿا ۽ نڙيء جو انفيڪشن به ٿي سگھي ٿو.ٻين نشانين ۾ اهو ٿئي ٿو جو جسم جو مدافعتي نظام نهايت ئي ڪمزور ٿي وڃي ٿو،جسم ۾ ڳنڍيون اڀري اچن ٿيون،وزن گھٽجڻ لڳي ٿو،کنگهه ٿئي ٿي ۽ پيٽ خراب رهي ٿو.جيڪر صحيح علاج نه ٿئي ته سلهه(ٽي بي) به ٿي پوي ٿي،دماغ ۽ ريڙهه جي هڌيء ۾ به مسئلو پيدا ٿئي ٿو،بيڪٽيريا انفيڪشن پيدا ڪن ٿا ۽ مريض مختلف قسم جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي سگھي ٿو.
     
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو