رمضان مبارڪ جون برڪتون ۽ ڀلايون

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ غلام مجتبي راهوجو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2019۔

  1. غلام مجتبي راهوجو

    غلام مجتبي راهوجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2019
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سال ۾ ٻارهن مهينا آهن ۽ انهن ٻارهن مهينن منجهان رمضان نهايت ئي عظمت ۽ وقار وارو مهينو آهي. هي اهو مهينو آهي جنهن جي عزت ۽ شرف قرآن حڪيم ۾ به بيان ٿيل آهي. ۽ هي ئي اهو مهينو آهي جنهن جي شان ۽ مرتبي کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪائنات جي سردار محمد عربي صلي الله عليه وسلم هڪ استقباليه خطبو ارشاد فرمايو هيو جنهن ۾ پاڻ رمضان ۽ ان جي روزن جي فضيلت ۽ اهميت کي جامع انداز ۾ بيان فرمايائون. ۽ ان خطبه استقباليه جو خلاصو هن طرح آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جو پيارو صحابي حضرت سلمان فارسي رضي الله عنه روايت ٿو ڪري ته هڪ دفعي رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم اسان کي شعبان مهيني جي آخري ڏينهن ۾ هڪ خطبو ارشاد فرمايو جنهن ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته اي انسانو توهان ڏانهن هڪ عظيم مهينو اچڻ وارو آهي. هي مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ الله هڪ رات اهڙي رکي آهي جيڪا هزار مهينن جي راتين کان بهتر آهي. الله پاڪ ان مبارڪ مهيني جا روزا فرض قرار ڏنا آهن. ۽ ان جي راتين ۾ قيام کي عبادت قرار ڏنو ويو آهي. جيڪو شخص ان مبارڪ مهيني ۾ ڪا نفلي عبادت سرانجام ڏيندو ان کي ٻين مهينن جي فرض جي برابر اجر ملندو. ۽ جيڪو شخص ان مهيني ۾ فرض عبادت ادا ڪندو ان کي ستر فرضن جي اجر جيترو ثواب ملندو. هي صبر جو مهينو آهي ۽ صبر جو ثواب جنت آهي. هي ٻين سان همدردي جو مهينو آهي. ۽ انهن جي ڏکن کي ختم ڪرڻ جو مهينو آهي.۽ هي اهڙو مبارڪ مھينو آهي جو هن مهيني ۾ مومن جي رزق ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. جيڪو شخص هن مبارڪ مهيني ۾ ڪنهن روزيدار کي روزو افطار ڪرائي ته ان جي لاءِ اهو گناهن جي بخشش جو ذريعو ٿيندو آهي. ۽ ان جي ڪري ان جو ڪنڌ جهنم جي باھ کان آزاد ٿيندو آهي. ۽ روزيدار جي اجر ۾ ڪنهن به ڪمي کان بغير ان جي برابر اجر ڏنو ويندو آهي.
    حضرت سلمان فارسي رضي الله عنه بيان فرمائي ٿو ته اسان عرض ڪيو سين يا رسول الله صلي الله عليه وسلم اسان منجهان هر ڪنهن کي ته ايتري توفيق ناهي جو اهو ڪنهن روزيدار کي روزو افطار ڪرائي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته اهو اجر ان کي به ملندو جنھن کير جو هڪ ڍڪ پياري ڪري يا هڪ کهجور کارائي ڪري يا پاڻيءَ جو هڪ ڍڪ پياري ڪري روزو افطار ڪرايو. ۽ جنهن شخص ڪنھن روزيدار کي پيٽ ڀري کاڌو کارايو ته قيامت جي ڏينهن ان کي منهنجي حوض مان پيالو ڀري ڪري پياريو ويندو. جنهن جو اثر اهو هوندو جو اهو جنت ۾ داخل ٿيڻ تائين اڃارو نه ٿيندو. هي اهو مبارڪ مهينو آهي جو ان جو پهريون ڏهو رحمت آهي. ۽ ان جو ٻيون ڏهو مغفرت آهي ۽ ٽيون ڏهو جهنم کان ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي. ۽ جيڪو شخص ان مهيني ۾ پنهنجي ملازم ۽ خادم جي ڪم ۾ تخفيف ڪندو، رعايت ڪندو ته الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو ۽ ان کي جهنم کان ڇوٽڪارو ڏئي ڇڏي ٿو.
    (( شعب الايمان للبيهقي 3336))
    هي رمضان مبارڪ ۽ روزي جي حوالي سان نبي مڪرم، نور مجسم، سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم جو جامع ۽ ايمان افروز خطبو آهي. ان جي ڪري اسان جي مٿان لازم آهي ته رمضان شريف جي بيشمار نعمتن کي ۽ بي حساب اجر و ثواب کي پنهنجي دامن ۾ سميٽڻ جي لاءِ اسان نه صرف پنهنجو پاڻ کي نظرياتي ۽ عملي طور تيار ڪيون بلڪه ٻين کي به ترغيب ڏيون. تاڪه هڪ اجتماعي ڪيفيت پيدا ٿئي ۽ رمضان شريف جي تمام عبادتون هڪ بار ۽ وزن محسوس نه ٿين بلڪه ان مان روحاني راحتون نصيب ٿين. اهڙي نموني هي ڀلارو مهينو خدا جي طرفان اسان جي لاءِ تحفو آهي جنھن جي پهرين ڏهي کي رحمت ۽ ٻئي ڏهي کي مغفرت ۽ ٽئين ڏهي کي جهنم کان آزادي جو ڏهو سڏيو ويو آهي. هن مبارڪ مهيني ۾ شيطان قيد ڪيو ويندو آهي ۽ انسان جي نفس کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ روزي رکڻ جو حڪم آهي ته جيئن انسان جو صراط مستقيم تي هلڻ آسان ٿي پوي. ڇو ته صراط مستقيم تي هلڻ کان اهي ٻه شيون انسان کي مانع آهن ۽ انهن ٻنهي شين کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ رمضان جي مهيني ۾ سامان مهيا ڪيو ويو آهي. ۽ ان رمضان جي مهيني جي برڪت اها به آهي جو روزي رکڻ وارو مسلمان مرتبه احسان تي فائز هوندو آهي. جنهن جو نتيجو گهٽ ۾گهٽ هي آهي ته روزيدار کي اهو احساس هوندو آهي ته مونکي خدا ڏسي رهيو آهي. ۽ اهو ئي سبب آهي جو روزيدار جي اڳيان کائڻ ۽ پيئڻ واري هر شيء موجود به هوندي آهي ۽ ان کي طلب به هوندي آهي ليڪن ان جي باوجود هو وقت کان پهريان ان شيء کي هٿ لڳائڻ جي لاءِ تيار نه هوندو آهي ڇو ته ان جي ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي آهي ته خدا ڏسي رهيو آهي. ۽ اهو احساس روزي سان حاصل هوندو آهي. الله پاڪ سڀني مسلمانن کي رمضان شريف جي ادب و احترام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ان جي قدر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين ثم آمين (مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل)
     
    آخري ترميم: ‏7 مئي 2019

هن صفحي کي مشهور ڪريو