رمضان المبارڪ ۽ روزن جي فضيلت ۽ اهميت

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2019۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    رمضان المبارڪ ۽ روزن جي فضيلت ۽ اهميت

    تحرير : ابو عمير حزب الله بلوچ

    رمضان ۽ ”الصوم“ جي لغوي ۽ شرعي معنيٰ

    رمضان لفظ الرمض کان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: شدة وقع الشمس علي الرمل وغيره، يعني سج جو سخت گرمي (يعني اُس) سان زمين يا ڪنهن ٻي شيءِ تي پوڻ ان زمين کي “ارض الرمضاء“ چئبو آهي، چون ٿا رمضت قدمه يعني هن جو پير سڙيو. رمضان جي مهيني ۾ اڃ جي ڪري روزيدار گرمي ۽ تڪليف محسوس ڪري ٿو، ان ڪري هن مهيني کي رمضان چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح روزي رکڻ جي ڪري ماڻهو جا گناهه معاف ٿين ٿا، يعني سڙي ختم ٿي وڃن ٿا. ان ڪري روزي کي ڪيترن گناهن ۽ غلطين جو ڪفارو بنايو ويو آهي: جيئن قسم ٽوڙڻ جي ڪفاري ۾ ٽي روزا رکڻ (المائده: 89) قتل خطاء ۾ جڏهن ديت ادا ڪرڻ ۽ غلام آزاد ڪرڻ جي قدرت نه هجي ته پوءِ ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻ (النساء: 92) گهرواري سان ظهار جي صورت ۾ جڏهن غلام آزاد ڪرڻ جي طاقت نه هجي ته ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻ. (المجادلة : 4) ان ڪري روزن واري مهيني کي رمضان چيو وڃي ٿو، ڇو ته روزن رکڻ سان گناهه معاف ٿين (ڇڻن ۽ سڙن) ٿا.
    روزي کي عربي ۾ ”الصوم“ چيو وڃي ٿو، جنهن جي لغوي معنيٰ: “الامساک عن الفعل مطعما کان او کلام اومشيا“ يعني ڪنهن به ڪم کان رڪجڻ بند ٿيڻ يا ڇڏي ڏيڻ آهي. اهو کائڻ پيئڻ هجي يا هلڻ ۽ ڳالهائڻ، قرآن مجيد ۾ مريم عليها السلام جي باري ۾ آهي ته هن چيو:
    إِنِّي نَذَرْتُ لِلرَّحْمَٰنِ صَوْمًا فَلَنْ أُكَلِّمَ الْيَوْمَ إِنْسِيًّا).[سورة مريم 26]

    يعني مون رحمان لاءِ صوم (روزي) جي نذر مڃي آهي ته آئون اڄوڪو ڏينهن ڪنهن سان به نه ڳالهائينديس.
    شرعي اصطلاح ۾ ڪنهن مڪلف ماڻهو جو الله تعاليٰ کي راضي ڪرڻ جي نيت سان پرهه ڦٽي (فجر) کان سج لهڻ تائين کاڌي، پيتي ۽ جماع وغيره کان رڪجڻ ۽ بند رهڻ کي الصوم چيو وڃي ٿو. (لسان العرب ج 12 12 ص 351 وغيره)

    رمضان جي روزن جي فرضيت

    ⭐ (يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِينَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ). (البقرة: 183)
    اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن جيئن توهان کان پهرين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا، تان ته اوهين متقي پرهيزگار بڻجو.

    ⭐ فَمَنْ شَهِدَ مِنْكُمُ الشَّهْرَ فَلْيَصُمْهُ .(البقره: 185)
    توهان مان جيڪو به هن مهيني ۾ موجود هجي، اهو ضرور سڄي مهيني جا روزا رکي.

    ⭐ روزو اسلام جي انهن پنجن رڪنن مان آهي، جن تي اسلام جو بنياد آهي. (صحيح بخاري: 8، صحيح مسلم: 16)
    ⭐ هڪ ڳوٺاڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کان سوال ڪيو ته: الله تعاليٰ مون تي ڪهڙا روزا فرض ڪيا آهن؟ پاڻ فرمايائون ته: رمضان جو مهينو. (صحيح بخاري: 1891)

    ⭐ عاشوري (10 محرم) جو روزو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڻ به رکندا هئا ۽ حڪم پڻ ڏيندا هئا پر جڏهن رمضان جا روزا فرض ڪيا ويا ته پاڻ فرمايائون: هاڻي عاشوري جو روزو جيڪو چاهي رکي ۽ جيڪو چاهي ڇڏي ڏئي.(صحيح بخاري: 2002، مسلم: 1125)

    ⭐ سڀني مسلمانن جو ان تي اجماع ۽ اتفاق آهي ته رمضان جا روزا هر مسلمان عاقل، بالغ، صحتمند ۽ مقيم تي فرض آهن. (المغني لابن قدامه ج 3 ص 3، مراتب الاجماع ص 36)
    ✳ مٿين دليلن جي عموم مان صرف اهي ئي خارج ٿي سگهن ٿا جن لاءِ قرآن، حديث يا اجماع مان دليل موجود هجي. مثال طور: نابالغ ٻار، مسافر، حيض (ماهواري) يا نفاس واري عورت، بيمار ۽ جنهن کي شريعت معذور قرار ڏنو هجي.
    ⭐ رمضان جا روزا شعبان سن 2 هجري ۾ فرض ڪيا ويا. رسول الله صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي زندگي ۾ نون (9 (دفعا رمضان المبارڪ جا روزا رکيا.

    رمضان المبارڪ جي فضيلت ۽ اهميت

    شَهْرُ رَمَضَانَ الَّذِي أُنْزِلَ فِيهِ الْقُرْآنُ هُدًى لِلنَّاسِ وَبَيِّنَاتٍ مِنَ الْهُدَىٰ وَالْفُرْقَانِ . (البقره: 185)
    * رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو.

    * (بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ إِنَّا أَنْزَلْنَاهُ فِي لَيْلَةِ الْقَدْرِ) (وَمَا أَدْرَاكَ مَا لَيْلَةُ الْقَدْرِ) (لَيْلَةُ الْقَدْرِ خَيْرٌ مِنْ أَلْفِ شَهْرٍ) (تَنَزَّلُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ فِيهَا بِإِذْنِ رَبِّهِمْ مِنْ كُلِّ أَمْرٍ) (سَلَامٌ هِيَ حَتَّىٰ مَطْلَعِ الْفَجْرِ) [سورة القدر ]
    اسان قرآن کي قدر واري رات ۾ نازل ڪيو ، ۽ توکي ڪهڙي خبر ته قدر واري رات ڇا آهي! قدر واري رات هزار مهينن کان وڌيڪ ڀلاري آهي ، ملائڪ ۽ روح (جبرائيل عليه السلام) سندن رب جي اجازت سان هر معاملو کڻي نازل ٿيندا آهن ، سلامتي واري آهي اها رات پرهه ڦٽي تائين .

    * رمضان شروع ٿيڻ تي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن صحابه ڪرام کي خوشخبري ڏيندي فرمايو: قَدْ جَاءَكُمْ رَمَضَانُ، شَهْرٌ مُبَارَكٌ .
    توهان تي برڪت وارو مهينو رمضان آيو آهي.(سنن نسائي : 2106 . مسند احمد : 8991 (

    * رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو: جڏهن رمضان جو مهينو اچي ٿو ته آسمان جنت ۽ رحمت جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ دوزخ جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ شيطانن کي (زنجيرن ۾ جڪڙي) قيد ڪيو وڃي ٿو. (صحيح بخاري: 1898، 18991 3277، صحيح مسلم: 1079)
    * وَيُصَفَّدُ فِيهِ كُلُّ شَيْطَانٍ مَرِيدٍ .
    رمضان ۾ هر سرڪش (وڏي باغي ۽ فسادي) شيطان کي جڪڙيو وڃي ٿو. (سنن النسائي: 2108، مسند احمد ج 4 ص 311، 312 واسناده حسن)
    ⭐ ان ڪري هن مان عام شيطان ۽ وڏو شيطان يعني ابليس خارج آهن، ڇو ته ابليس کي قيامت تائين مهلت مليل آهي. (سورت الاعراف: 14، 18) ۽ جنگ بدر ۾ ابليس ڪافرن وٽ آيو ۽ دلاسا ڏنائين ۽ ملائڪن کي ڏسي ڀڄي ويو، جيئن: (سورت الانفال:48 ) مان ثابت آهي ۽ جنگ بدر رمضان جي مهيني ۾ ٿي هئي. (وڌيڪ ڏسندا فتاويٰ علميه لشيخنا الحافظ زبير علي زئي رحمه الله ج 2 ص 38- 137)

    * وَيُنَادِي مُنَادٍ كُلَّ لَيْلَةٍ : يَا طَالِبَ الْخَيْرِ هَلُمَّ ، وَيَا طَالِبَ الشَّرِّ أَمْسِكْ .
    رمضان جي هر رات اهو اعلان ڪيو وڃي ٿو ته: اي ڀلائي کي طلب ڪرڻ وارا! تون اڳتي وڌ ۽ اي برائي کي چاهيندڙ! تون (هاڻي ته) رڪجي وڃ. (سنن نسائي: 2108)

    * الصَّلَوَاتُ الْخَمْسُ، وَالْجُمْعَةُ إِلَى الْجُمْعَةِ، وَرَمَضَانُ إِلَى رَمَضَانَ مُكَفِّرَاتٌ مَا بَيْنَهُنَّ إِذَا اجْتَنَبَ الْكَبَائِرَ.
    هڪ ٻئي پٺيان پنج نمازون، جمعي کان وٺي ٻيو جمعو، هڪ رمضان کان ٻيو رمضان وچ ۾ ٿيل (صغير، ننڍن) گناهن لاءِ ڪفارو آهن. ان شرط سان ته وڏن (ڪبيره) گناهن کان پاسو ڪيو وڃي. (صحيح مسلم: 233)

    * فَإِنَّ عُمْرَةً فِي رَمَضَانَ تَقْضِي حَجَّةً مَعِي .
    رمضان جي مهيني ۾ عمرو ڪرڻ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن سان گڏجي حج ڪرڻ جي برابر آهي .(صحيح بخاري : 1863صحیح مسلم : 1256)

    روزن جي فضيلت ۽ اهميت

    الله تعاليٰ مؤمنن جون ڪيتريون ئي صفتون بيان ڪندي فرمايو:
    وَالصَّائِمِينَ وَالصَّائِمَاتِ.
    يعني روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون . ۽ اڳتي انهن جو بدلو ذڪر ڪندي فرمايائين :
    أَعَدَّ اللَّهُ لَهُمْ مَغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا.(سورة اﻷحزاب 35 )
    يعني انهن لاءِ الله تعاليٰ بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آهي.

    * سيدنا ابو امامه رضي الله عنه عرض ڪيو: يا رسول الله صلي الله عليه وسلمٰ! مون کي ڪو اهڙو افضل عمل ٻڌايو، جنهن تي خاص طرح عمل ڪندو رهان، پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: عَلَيْكَ بِالصَّوْمِ ؛ فَإِنَّهُ لَا مِثْلَ لَهُ < لَا عِدْلَ لَهُ > .
    تون روزا رکندو ڪر، ڇو ته ان جو ڪو مثال يا برابري نه آهي. (سنن النسائي: 2220 کان 2223)

    * الصِّيَامُ وَالْقُرْآنُ يَشْفَعَانِ لِلْعَبْدِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ، يَقُولُ الصِّيَامُ : أَيْ رَبِّ، مَنَعْتُهُ الطَّعَامَ وَالشَّهَوَاتِ بِالنَّهَارِ، فَشَفِّعْنِي فِيهِ، وَيَقُولُ الْقُرْآنُ : مَنَعْتُهُ النَّوْمَ بِاللَّيْلِ، فَشَفِّعْنِي فِيهِ قَالَ : فَيُشَفَّعَانِ .
    قيامت جي ڏينهن روزو ۽ قرآن ٻانهي لاءِ سفارش (شفاعت) ڪندا. روزو چوندو ته اي منهنجا رب! مون تنهنجي هن ٻانهي کي دنيا ۾ کاڌي، پيتي ۽ جائز شهواني خواهش پوري ڪرڻ کان روڪيو هو، تنهن ڪري هن جي باري ۾ منهنجي سفارش قبول فرماءِ. روزي ۽ قرآن جي شفاعت قبول ڪئي ويندي. (مسند احمد ج 2 ص 174، شعب الايمان: 1994 وصححه الحاکم ووافقه الذهبي، وسنده حسن، المشکاة: 1963)

    * الصِّيَامُ جُنَّةٌ ، فَلَا يَرْفُثْ وَلَا يَجْهَلْ، وَإِنِ امْرُؤٌ قَاتَلَهُ أَوْ شَاتَمَهُ فَلْيَقُلْ : إِنِّي صَائِمٌ مَرَّتَيْنِ. وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ لَخُلُوفُ فَمِ الصَّائِمِ أَطْيَبُ عِنْدَ اللَّهِ تَعَالَى مِنْ رِيحِ الْمِسْكِ، يَتْرُكُ طَعَامَهُ وَشَرَابَهُ وَشَهْوَتَهُ مِنْ أَجْلِي. الصِّيَامُ لِي وَأَنَا أَجْزِي بِهِ، وَالْحَسَنَةُ بِعَشْرِ أَمْثَالِهَا.
    وَالَّذِي نَفْسُ مُحَمَّدٍ بِيَدِهِ، لَخُلُوفُ فَمِ الصَّائِمِ أَطْيَبُ عِنْدَ اللَّهِ مِنْ رِيحِ الْمِسْكِ. لِلصَّائِمِ فَرْحَتَانِ يَفْرَحُهُمَا ؛ إِذَا أَفْطَرَ فَرِحَ، وَإِذَا لَقِيَ رَبَّهُ فَرِحَ بِصَوْمِهِ .
    آدم جي اولاد کي هر نيڪي جو بدلو ڏهه دفعا کان وٺي ست سئو ڀيرا وڌائي ڏنو وڃي ٿو، پر روزي جي باري ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته روزو خاص منهنجي لاءِ آهي، ان ڪري آئون پاڻ ٻانهي کي ان جو ثواب ڏيندس.
    روزيدار جي وات جي بوءِ (جيڪا خشڪي جي ڪري ٿئي ٿي) قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ وٽ ڪستوري (مشڪک) کان به وڌيڪ ڀلي آهي، روزو دوزخ کان بچڻ لاءِ ڍال وانگر آهي. روزيدار لاءِ ٻه خوشيون آهن: هڪ جڏهن هو روزو افطار ڪري ٿو، ٻيو جڏهن هو پنهنجي رب سان ملاقات ڪندو، روزيدار کي گهرجي ته هو بيهودگي، جهالت واري واهيات گفتگو ۽ بدڪلامي کان بچي، جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ان سان وڙهي يا گارگند ڪري ته هو چوي ته آئون روزي سان آهيان. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: روزيدار منهنجي خاطر پنهنجو کاڌو، پيتو ۽ شهواني خواهش کي ڇڏي ڏئي ٿو. روزو خاص منهنجي لاءِ آهي، آئون ئي ان کي بدلو ڏيندس. (بخاري: 1894، 5927، 7492، مسلم: 1151)

    وضاحت : روزو خاص الله تعاليٰ لاءِ آهي، ان جي معنيٰ آهي ته:
    (1) روزو اهڙي عبادت آهي جو ماڻهو جي ظاهري شڪل، صورت يا ان جي ڪنهن عمل يا حرڪت سان ان جو اظهار نه ٿو ٿئي، ان ڪري هن ۾ ڏيکاءُ ۽ رياءُ نه آهي، يعني روزو مخفي عبادت آهي.
    (2) روزو الله تعاليٰ جي تمام گهڻي محبوب عبادت آهي.
    (3) روزي جو تعلق صرف نيت سان آهي، جنهن کي صرف الله تعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو.
    (4) عمل ته سڀئي الله تعاليٰ لاءِ آهن پر الله تعاليٰ روزي جي نسبت پاڻ ڏانهن ان عبادت جي وڌيڪ شرف ۽ تعظيم لاءِ ڪئي آهي.
    (5) روزي کانسواءِ ٻيون عبادتون غير الله لاءِ به ڪيون وڃن ٿيون.
    مثلن: رڪوع، سجدو، نذر نياز، ذبح وغيره مشرڪ غير الله لاءِ ادا ڪن ٿا پر روزو غير الله لاءِ نه بلڪه خالص الله تعاليٰ لاءِ رکيو وڃي ٿو، ان ڪري الله تعاليٰ فرمايو: روزو خاص منهنجي لاءِ آهي. والله اعلم!

    * الصِّيَامُ جُنَّةٌ ، وَحِصْنٌ حَصِينٌ مِنَ النَّارِ.
    روزو دوزخ جي باهه کان بچڻ لاءِ ڍال ۽ مضبوط قلعي ۽ ڪوٽ وانگر آهي. (مسند احمد: 9225، شعب الايمان: 3293)

    * الصِّيَامُ جُنَّةٌ مِنَ النَّارِ كَجُنَّةِ أَحَدِكُمْ مِنَ الْقِتَالِ.
    دوزخ کان بچڻ لاءِ روزو اهڙي طرح ڍال (بچاءُ) آهي، جيئن توهان جنگ ۾ دشمن کان محفوظ رهڻ لاءِ ڍال (پڙ، سپر) استعمال ڪيو ٿا. (ابن ماجة: 1639)

    * وَمَنْ لَمْ يَسْتَطِعْ فَعَلَيْهِ بِالصَّوْمِ ؛ فَإِنَّهُ لَهُ وِجَاءٌ.
    دنيا ۾ روزو گناهن خاص طور زنا کان بچڻ جو سبب آهي، ان ڪري شادي جي طاقت نه رکندڙ نوجوانن کي روزا رکڻ جو حڪم ڏنو ويو. (بخاري: 1905)

    * صَوْمُ شَهْرِ الصَّبْرِ وَثَلَاثَةِ أَيَّامٍ مِنْ كُلِّ شَهْرٍ يُذْهِبْنَ وَحَرَ الصَّدْرِ.
    صبر واري مهيني يعني رمضان جا روزا ۽ ايام بيض جا روزا دل جي سختي، وسوسن، حسد، ڪيني ۽ بغض کي ختم ڪندڙ آهن. (مسند احمد: 23070 صححه الهيثمي، والمنذري والالباني، صحيح الترغيب: 1032)

    * فِتْنَةُ الرَّجُلِ فِي أَهْلِهِ، وَمَالِهِ، وَوَلَدِهِ، وَجَارِهِ تُكَفِّرُهَا الصَّلَاةُ، وَالصَّوْمُ، وَالصَّدَقَةُ، وَالْأَمْرُ، وَالنَّهْيُ.
    روزو انسان جي گهر، اولاد، مال ۽ پاڙي ۾ ٿيندڙ فتنن لاءِ ڪفارو آهي. (بخاري: 525، 1895، مسلم: 144)

    * مَنْ صَامَ رَمَضَانَ إِيمَانًا وَاحْتِسَابًا ، غُفِرَ لَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهِ.
    جيڪو ماڻهو ايمان ۽ ثواب جي نيت سان هن مهيني (پوري رمضان) جا روزا رکي ٿو ته ان جا گذريل سڀئي (صغيره) گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا. (بخاري: 2014، مسلم: 760)

    * أَفْلَحَ إِنْ صَدَقَ . أَوْ : دَخَلَ الْجَنَّةَ إِنْ صَدَقَ .
    نماز، روزي، ۽ زڪات جي ادائيگي جي شرط تي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن هڪ ڳوٺاڻي کي ڪاميابي ۽ جنت جي ضمانت ڏني. (بخاري: 6956)

    * إِنَّ فِي الْجَنَّةِ بَابًا يُقَالُ لَهُ : الرَّيَّانُ، يَدْخُلُ مِنْهُ الصَّائِمُونَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ، لَا يَدْخُلُ مِنْهُ أَحَدٌ غَيْرُهُمْ، يُقَالُ : أَيْنَ الصَّائِمُونَ ؟ فَيَقُومُونَ لَا يَدْخُلُ مِنْهُ أَحَدٌ غَيْرُهُمْ، فَإِذَا دَخَلُوا أُغْلِقَ فَلَمْ يَدْخُلْ مِنْهُ أَحَدٌ .
    جنت جي اٺن دروازن مان هڪ خاص دروازو ”الريان“ آهي، جيڪو صرف روزيدارن لاءِ خاص آهي، ان مان صرف روزيدار ئي داخل ٿيندا، ٻيو ڪو به داخل نه ٿيندو ۽ پوءِ ان دروازي کي بند ڪيو ويندو. (بخاري: 1896، 3257 )
    وَمَنْ دَخَلَهُ لَمْ يَظْمَأْ أَبَدًا .
    جيڪو ان دروازي مان داخل ٿيو، ان کي ڪڏهن به اڃ نه لڳندي. (ابن ماجة: 1640، ترمذي: 765)
    * الريان جي معنيٰ آهي: سيراب ۽ ڍوڪرائيندڙ.

    * مَنْ صَامَ يَوْمًا فِي سَبِيلِ اللَّهِ بَعَّدَ اللَّهُ وَجْهَهُ عَنِ النَّارِ سَبْعِينَ خَرِيفًا .
    بَاعَدَ اللَّهُ مِنْهُ جَهَنَّمَ مَسِيرَةَ مِائَةِ عَامٍ.
    جيڪو ماڻهو الله جي راهه ۾ هڪ روزو رکي ٿو ته الله تعاليٰ ان کي ستر سالن (جي مسافري) جيترو دوزخ کان پري ڪري ڇڏي ٿو. (بخاري: 2840، مسلم: 1153)
    هڪ حديث ۾ سئو سالن جي مسافري جو ذڪر آهي. (سنن النسائي: 2254)

    * وَمَنْ صَامَ يَوْمًا ابْتِغَاءَ وَجْهِ اللَّهِ، خُتِمَ لَهُ بِهَا دَخَلَ الْجَنَّةَ.
    جنهن ماڻهو (ايمان جي حالت ۾) الله تعاليٰ جي رضامندي لاءِ روزو رکيو ۽ ان حالت ۾ سندس خاتمو (موت) واقع ٿيو ته اهو جنت ۾ داخل ٿيندو. (مسند احمد: 23324، الاسماء والصفات للبيهقي: 651، صححه الهيثمي والمنذري والالباني والا رناؤط رحمهم الله تعاليٰ)

    * مَنْ صَامَ يَوْمًا فِي سَبِيلِ اللَّهِ، جَعَلَ اللَّهُ بَيْنَهُ وَبَيْنَ النَّارِ خَنْدَقًا، كَمَا بَيْنَ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ.
    جيڪو ماڻهو الله جي رستي ۾ (سندس رضامندي، خوشنودي لاءِ)هڪ روزو رکي ٿو، الله تعاليٰ ان کي دوزخ کان هڪ کاهي جيترو پري ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جو فاصلو زمين ۽ آسمان جي برابر آهي. (ترمذي: 1624)

    * وَإِذَا لَقِيَ رَبَّهُ فَرِحَ بِصَوْمِهِ .
    روزيدار کي الله تعاليٰ (جو ديدار ۽) ملاقات نصيب ٿيندي. (بخاري: 1904، مسلم: 1151)

    * جَاءَ رَجُلٌ إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم فَقَالَ يَا رَسُولَ اللهِ شَهِدْتُ أَنْ لاَ إِلَهَ إِلاَّ اللهُ وَأَنَّكَ رَسُولُ اللهِ وَصَلَّيْتُ الْخَمْسَ وَأَدَّيْتُ زَكَاةَ مَالِي وَصُمْتُ شَهْرَ رَمَضَانَ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : مَنْ مَاتَ عَلَى هَذَا كَانَ مَعَ النَّبِيِّينَ وَالصِّدِّيقِينَ وَالشُّهَدَاءِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ هَكَذَا - وَنَصَبَ إِصْبَعَيْهِ - مَا لَمْ يَعُقَّ وَالِدَيْهِ .
    جيڪو ماڻهو توحيد واري ڪلمي تي هجي، نماز قائم ڪري رمضان جا روزا رکي، زڪات ادا ڪري، انهن عملن تي ئي سندس موت اچي ته قيامت جي ڏينهن اهو نبين صديقين ۽ شهيدن سان گڏ هوندو.. جيستائين اهو پنهنجي والدين جي نافرماني نه ڪري (يعني جيڪڏهن والدين جي نافرماني ڪيائين ته پوءِ ان فضيلت کان محروم رهجي ويندو) (مسنداحمد :24009 ،ابن خزيمه: 2212، ابن حبان: 3438، صحيح الترغيب والترهيب: 361. 2515 .)

    شهيد کان پهرين جنت ۾

    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ رَجُلَانِ مِنْ بَلِيٍّ حَيٍّ مِنْ قُضَاعَةَ أَسْلَمَا مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، وَاسْتُشْهِدَ أَحَدُهُمَا، وَأُخِّرَ الْآخَرُ سَنَةً، قَالَ طَلْحَةُ بْنُ عُبَيْدِ اللَّهِ، فَأُرِيتُ الْجَنَّةَ، فَرَأَيْتُ الْمُؤَخَّرَ مِنْهُمَا أُدْخِلَ قَبْلَ الشَّهِيدِ، فَتَعَجَّبْتُ لِذَلِكَ، فَأَصْبَحْتُ، فَذَكَرْتُ ذَلِكَ لِلنَّبِيِّ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ - أَوْ ذُكِرَ ذَلِكَ لِرَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ - فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : أَلَيْسَ قَدْ صَامَ بَعْدَهُ رَمَضَانَ، وَصَلَّى سِتَّةَ آلَافِ رَكْعَةٍ - أَوْ كَذَا وَكَذَا رَكْعَةً - صَلَاةَ السَّنَةِ .
    قضاعة قبيلي جا ٻه ماڻهو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم وٽ هڪ ئي وقت ۾ مسلمان ٿيا، ڪجهه عرصي کانپوءِ انهن مان هڪ شهيد ٿي ويو ۽ ٻيو هڪ سال کانپوءِ(طبعي موت) فوت ٿيو، صحابي طلحه بن عبيدالله رضي الله عنه خواب ۾ ڏٺو ته پوءِ فوت ٿيندڙ شهيد کان پهرين جنت ۾ داخل ٿيو، جنهن تي هن کي سخت تعجب ٿيو ۽ اهو قصو رسول الله صلي الله عليه وسلم سان بيان ڪيائين، جنهن تي پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمايو: (ان ۾ تعجب جي ڳالهه ناهي) ڇو ته هو هڪ سال کانپوءِ فوت ٿيو، جنهن ۾ هن رمضان جا روزا رکيا ۽ سڄو سال ڇهه هزار رڪعتون نماز پڙهي، (مسند احمد: 8399، سنده حسن )

    قدر نه ڪرڻ تي سخت وعيد

    عن أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رَقِيَ الْمِنْبَرَ ، فَقَالَ : آمِينَ ، آمِينَ ، آمِينَ ، فَقِيلَ لَهُ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، مَا كُنْتَ تَصْنَعُ هَذَا ؟ ! فَقَالَ : قَالَ لِي جِبْرِيلُ : أَرْغَمَ اللَّهُ أَنْفَ عَبْدٍ أَوْ بَعُدَ دَخَلَ رَمَضَانَ فَلَمْ يُغْفَرْ لَهُ ، فَقُلْتُ : آمِينَ ...
    * نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن هڪ ڀيري منبر جي ڏاڪن تي چڙهندي ٽي دفعا آمين، آمين آمين چيو. پوءِ پاڻ فرمايائون: هينئر مون وٽ جبريل عليه السلام آيو هو، جنهن ڪجهه بددعائون ڪيون. چيائين ته شال الله تعاليٰ ان ماڻهو کي پنهنجي رحمت کان پري ڪري ، ذليل ۽ رسوا ڪري جنهن جي زندگي ۾ رمضان جو مهينو اچي پر پوءِ به هو پنهنجا گناهه معاف نه ڪرائي سگهي ، جنهن تي مون آمين چئي... (ابن خزيمه: 1888، ابن حبان: 409، طبراني کبير، صحيح الترغيب والترهيب: 995، 996، 997، ترمذي (بدون ذکر رقي المنبر) 3545)

    * بَيْنَا أَنَا نَائِمٌ إِذْ أَتَانِي رَجُلانِ ، فَأَخَذَا بِضَبْعَيَّ ، فَأَتَيَا بِي جَبَلا وَعْرًا ، فَقَالا لِي : اصْعَدْ حَتَّى إِذَا كُنْتُ فِي سَوَاءِ الْجَبَلِ ، فَإِذَا أَنَا بِصَوْتٍ شَدِيدٍ ، فَقُلْتُ : مَا هَذِهِ الأَصْوَاتُ ؟ قَالَ : هَذَا عُوَاءُ أَهْلِ النَّارِ ، ثُمَّ انْطَلَقَ بِي فَإِذَا بِقَوْمٍ مُعَلَّقِينَ بِعَرَاقِيبِهِمْ مُشَقَّقَةٍ أَشْدَاقُهُمْ تَسِيلُ أَشْدَاقُهُمْ دَمًا ، فَقُلْتُ : مَنْ هَؤُلاءِ ؟ فَقِيلَ : هَؤُلاءِ الَّذِينَ يُفْطِرُونَ قَبْلَ تَحِلَّةِ صَوْمِهِمْ .
    رسول الله صلي الله عليه وسلم کي خواب ۾ دوزخ جا عذاب ڏيکاريا ويا. پاڻ دوزخين جون دانهون ۽ رڙيون ٻڌائون، ڪجهه ماڻهو ابتدا ٽنگيل هئا ۽ انهن جون واڇون چيريل هيون، جن مان گهڻو رت وهي رهيو هو، پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي وقت کان پهرين روزو کولي ڇڏيندا هئا (۽ روزا نه رکندا هئا، بلڪه رمضان ۾) کائيندا پيئندا رهندا هئا. (ابن خزيمه: 1986، ابن حبان: 7491، الحاکم: 1568، 2837،وصححه عليٰ شرط مسلم ووافقه الذهبي، والنسائي في الکبريٰ: 3237، وصححه الالباني والارناؤط)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو