شِيام! توکي بـ سنڌ وِساري ڇڏيو!!؟ : ضراب حيدر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شِيام! توکي بـ سنڌ وِساري ڇڏيو!!؟

    ضراب حيدر

    ساهتي پرڳڻي جي ساھ جيڪي بـ سَٽون کاڌيون سي ورهاڱي جو واءُ خبر ناهي ڪيڏانهن کڻي ويو؟! نه صرف ساهتي پرڳڻو پر سنڌي ساهتيه سان واسطو رکندڙ ڪيئي انوکا ۽ انمول ماڻهو وقت جي وير ۾ ويسر جو شِڪار ٿي هميشه گُمنامين جي ور چڙهي ويا، تاريخ يا اتهاس جيتوڻيڪ اهڙين هستين کي ڪڏهن بـ ميساري نـ سگهندو پر اُهي پيارا نيارا ماڻهو ڪٿان لڀجن جن کي وقت جو هڪڙو وڏو طوفان اُڏاري کڻي ويو، اُهي پرين پيارا جن لاءِ گُلزار چيو تـ،
    ”يـ هوا سب لي گئي، ڪاروان ڪي نشان ڀي اُڙا لي گئي..
    اُڙتِي هوائون والي ملين گي ڪهان؟!
    ڪوئي بتا دي مجهي پِي ڪا نشان...“
    تن کي هوائون اهڙي دوريءَ تي ڇڏي آيون جو وري نـ گڏيو ڪکُ ڪکَ کي.
    ”الائي ڪهڙي گهڙيءَ شيام اُن مان نڪتاسين
    وطن ورڻ تـ ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نـ ٿي!“
    نوشهري فيروز جي ڳلين کي اڃا وڇوڙي جي وِکُن نـ لتاڙيو هو، سنڌ توڙي ساهتي پرڳڻي ۾ سُک جو ساھ ڇانورن جيان هر آڳنڌ تي شام جيان لهندو هو، هر بستي هر گهر ۾ نينهن نيسارا ٿي ٽِمندو، جڏهن سنڌ جا ويڙها پيا وسندا هئا، سمورا منَ موجي بڻيل هوندا هئا، جيتوڻيڪ تڏهن اڃا دادو مورو پل نـ جُڙي هئي پوءِ بـ مورو هُجي يا دادو، نوشهروفيروز هُجي يا شري ساڌ ٻيلي جو ڪو ساڌو، هر دل هر هُردو ايئن مليل هوندو هو جيئن واريءِ ڳاڏڙ پاڻي! جنهن کي ڪنهن بـ حِيلي نـ ڌار ڪري سگهبو هو نـ وري نِبيري سگهبو هو. پوءِ بُنياد پرستين جي آڌار جيڪي اٺ سَٺيون ڪيون ويون تن جو ازالو هاڻ سوڌو ٿي نـ سگهيو آهي. اُن کي ورهاڱو چئجي يا بٽوارو تنهن سنڌ جو سمورو مزو ڪَسارو ڪري ڇڏيو.
    سنڌ جڏهن پنهنجي سموري سونهن ۽ اُڪير سان ساهتيـ جي دڳ تي سُهڻا پير سوريا هئا تڏهن 25 جولاءِ 1922 ڌاري ڳوٺ کاهي قاسم ۾ ديوان گوڪلداس ناگواڻي جي آڳنڌ تي هڪڙي اهڙي ڪويءَ جنم ورتو جيڪو ڪوتا ڪاڪ جو ڌڻي بڻيو. هُن پنهنجي ڪوتا سان جيڪي بـ ڪويتائون رچيون سي ساهتي پرڳڻي جي سونهن سان مالا مال هُيون، دهليءَ جي دريا رستن تي هلندي سنڌ جي هِن سادڙي ڪويءَ جيڪي بـ شعر چيا تِن ۾ سنڌ جي سِڪ ۽ اُڪير سان گڏوگڏ سندس سُريلو سڀاءَ بـ سمايل هو،
    تڏهن تـ شيخ اياز بـ چيو هو تـ،
    ” هي سنگرام
    سامهون آ نارائڻ شيام
    هُن جا منهنجا ٻول بـ ساڳيا
    قول بـ ساڳيا
    هي ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي ۽
    منهنجا رنگ رتول بـ ساڳيا....“
    ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۾ هري دلگير، شيخ اياز، شيخ راز ۽ نارائڻ شيام جديد سنڌي شاعري جو بُنياد وجهي، شاعريءَ جي جن نين صنفن’ آزاد نظم ۽ سانيٽ‘ کي سنڌي شاعريءَ جي نوَن رِڌمن ۾ ريجھائي جن نون واٽن تي هلايو تنهن ڪافلي جو مهندار نارائڻ ئي هو، جنهن سچ پچ ڪشنچند بيوس جي واٽ تي هلڻ جو ڀلو ڏانءُ سکي ورتو هو( ڪشنچند بيوس ترقي پسند شاعري جو پايو وجھندڙ شخص هو) هُن ڪشنچند بيوس کان اڳتي واري ارتقا جو جيڪو ڏاڪو سنڀاليو تنهن تي پنهنجي ڏات سان خوب چڙهندو رهيو. وزن بحر يا شاعريءَ جي گھاڙيٽن جا فيصلا تـ ڪي شاعر ئي ڪري سگهن ٿا جو آئون ڪو شاعر ناهيان پر ايترو سو ضرور سمجھان ٿو تـ آرٽ جيڪو زندگيءِ جو حقيقي عرق آهي سو سندس شاعريءَ ۾ گلاب جي پاڻيءَ وانگي سمايل آهي. ادب زندگي جو عڪس سمجھيو وڃي يا زندگيءَ جو عرق(نِچوڙ) سمجهيو وڃي، سو سندس هر سِٽ ۾ اوتيل محسوس ٿيئي ٿو. شاعري جتي جماليات جي جمنا آهي اُتي شاعري سورن جي سِنڌو بـ آهي اِن ۾ بـ ڪو شڪ ڪونهي تـ شاعريءِ جتي زندگيءَ جا ترانا ڳايا آهن اُتي زندگيءِ لاءِ وڏي واويلا ۽ ماتم بـ ڪيو اٿائين، پر نوشهري فيروز جي بنھ ننڍڙي ڳوٺ کاهي قاسم جي قولن قرارن ۽ قسمن سان سرشار شيام درد جو وِھ پيئندي بـ زندگيءِ سان جنهن چنچلتا سان پيش اچي ٿو تنهن جو مون عجيب انداز منجهس پروڙيو آهي ته،
    ”زندگي مسئلا هزار مگر
    مُرڪ تنهنجي سڀن جو حل آهي.“
    سنڌ ۾ نارائن شيام جا سنڌ ۾ رڳو ٽي ڪتاب ئي ڇپجي سگهيا جيڪي پِڻ گهڻو پوءِ ڇاپيا ويا. ورهاڱي کانپوءِ سندس پهريون مجموعو هِند ۾ هري دلگير سان گڏ ”ماڪ ڦڙا“ جي نالي سان 1953ع ۾ ڇپيو، پوءِ پنکڙيون 1955، رنگ رتي لهر 1957، روشن ڇانورو 1962، ماڪ ڀِنا رابيل 1964، واري ڀريو پلاند 1968، آڇيندي لڄ مران 1972، مهڪي ويل صُبح جي 1983، نـ سو رنگ نـ سا سُرهاڻ 1987، سنڌ ۾ جيڪي سندس ڪتاب ڇپيا تن ۾ بوند لهرون ۽ سمنڊ 1987 ، ڏات ۽ حيات 1988 ۽ نِکريو آهي نينهن 1988 هئا.
    نارائڻ شيام جيڪو ورهاڱي دوران سنڌ جا ڪک تياڳي نِڪتو پر سندس دعا بڻيل اُهي سِٽون جيڪي سدائين هر ميڙ ۾ هر ڊائيس تي گونجنديون رهيون ته:
    ”الا! ايئن مَ ٿيئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
    تـ هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.“
    سو ڪيڏي نـ عجب جي ڳالھ آهي جو اُنهن سِٽن جي خالق کي سنڌ وارن سدائين لاءِ وِساري ڇڏيو. جلاوطني جي جهنم ۾ اُڇلايل شخص نارائڻ شيام کي ايئن وسارڻ واجب هو ڇا؟ جيئن اسان ڪيو، هِند توڙي دهليءَ جي دلاسن بـ نارائڻ کان اُها جواني نـ وِساري جيڪا هو خبر ناهي ڪهڙي رستي ۾ وساري/اُڇلائي آيو، هو سدائين ايئن ئي چوندو رهجي ويو تـ ،
    ”جواني جنم ڀوميءَ مان کڻي نڪرڻ کي اڄُ سارين
    ٻنهي مان ڪنهن بهاني ڀي ڏسي هاڻي نـ ڪا سگهبي!“
    ورهاڱي جا ڦٽ اڃا ڇُٽا ئي ڪٿي آهن؟ اُهو درد اڃا وسريو ئي ڪٿي آهي؟
    ورهاڱي ڪارڻ جيڪي الميا سامهون آيا تن مان هڪڙو الميو اِهو تـ هو ئي هو جو اسانجو مِڊل ڪلاس صفا ختم ٿي ويو، پر اُهي سمورا ڪردار ۽ شخص بـ ڌڪي ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ لاءِ سنڌي ادب ثقافت ۽ سماج لاءِ وڏا ٻيلهپا ڏيندڙ هئا. اُهي سمورا ماڻهو جيڪي سدائين سنڌ لاءِ سِڪندا سِسڪندا مرندا رهيا تن کي سنڌ يا سنڌ جي ماڻهن وري بـ نـ نِهاريو، سندن يادگيريءَ جو ڪڏهن بـ ڪو سانگ نـ رچايو ويو. آئون ڪهڙا ڪهڙا نالا کڻان جِن کي جلاوطني جي درد جلائي رکيو هِند ۾ هوندي بـ سندن جِند سدائين سنڌ سان جُڙيل رهي، جيتوڻيڪ ورهاڱي کانپوءِ سندن جياپو هڪ وڏي جنگ ٿي سامهون بيهي رهيو پوءَ بـ هو هر حال ۾ سنڌ سنڌ ڪندا رهيا، سنڌ جو حقيقي فِڪُر ذِڪُر ۽ وِردُ ڪيو تـ اُنهن ماڻهن ئي ڪيو جن کي ڪنهن نـ ڪنهن بُنياد تي پنهنجا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. موهن ڪلپنا کان وٺي ڪرشن کٽواڻي، پوپٽي هيراندي کان وٺي وينا شِرنگي، هري دلگير ڪِشنچند بيوس توڙي نارائڻ شيام سنڌ جا اُهي سپُوت آهن جن پنهنجي من مندرن ۾ سواءِ سنڌ جي ڪا بـ مورتي نـ رکي. هُنن سنڌي ساهتيـ کان وٺي سنڌي ادب لاءِ جيڪو ڪجھ بـ لکيو يا ونڊيو سو اُن درد جو پرتوَ هو جيڪو مرندي گهڙيءَ تائين سندن مَنَ مان نـ نڪتو. شيام جو هي سِٽون پڻ ان ڳالھ جون گواھ آهن ،
    ” دهلي هيڏي ساري بستي
    شيام تڏهن ڀي دل ويڳاڻي!“
    سو ديوان ڪوڙيمل هُجي يا وري ديوان گِدومل، ڄيٺمل هجي يا ڪاڪو ڀيرومل اُنهن تـ سنڌ تي وڏا وڙ ڪيا ئي ٻيا بـ ڪيترائي اهڙا قلمڪار ڏات ڌڻي هئا جن پنهنجو قلم ڪلا سان سنڌ بڻائي ڇڏيو، پر افسوس جو اسان مان اڄُ ڪوبـ سندن نالو وٺڻ لا بـ تيار ڪونهي!!؟
    حيرت آهي!؟ هي هيڏي ساري ٻهروپي اسان وٽ ڪٿان اچي وئي؟ اُهو نيسارن جيان ٽِمندڙ نينهن ڪيڏانهن ويو؟ ساميءِ جي سلوڪن ۽ شاھ جي سورمن جهڙا سنڌي ماڻهو ڪهڙي دولاب جي ور چڙهي ويا؟
    اسان وٽ روز سوين هزارين پروگرام ٿين ٿا ڪيسٽي شاعرن کان وٺي اسٽيج جي ناچُو ۽ طبلائين سان شامون ملهايون وڃن ٿيون، يارين ڀاشين جي بُنياد تي غير معروف ليکڪن سان پڻ وڏا وڏا پروگرام رچائي وڏا پئسا ڪمايا وڃن ٿا، هن وقت بـ سنڌ ۾ اهڙيون ڪي ئي تنظيمون ۽ پليٽ فارم آهن جيڪي پئسا وٺي جُڳاڙي پروگرام ڪن ٿيون سو اُنهن کي اسين بـ ڪنهن کاتي ۾ نٿا آڻيون پر سنڌ جي سچن تخليقڪارن ۽ ڪلا ڌڻين کي جيڪو ادبي سنگت يا ادبي ادارن طرفان وساريو پيو وڃي سو بهرحال ڪو خوش آئيند رويو ڪونهي. جنهن جو احتساب وقت ضرور ڪندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو