• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فصلن جي مٽاسٽا جا فائدا

Talib hussain solangi

سينيئر رڪن
اڄڪلھہ فصلن تي جيتن جو حملو ۽ فصلن تي بيمارين جو حملو عام ٿي ويو آھي ۔
جيتن جي حملي ۾ ميلي بگ ، اڇي مک ، سائو مهلو ، ڪيڙو وغيره اچي وڃن ٿا ۔
۽ بيمارين ۾ پن ويڙھہ وائرس ، بيڪٽيريا ، نيماٽوڊس ۽ فنجي وغيره اچي وڃن ٿا ۔

فصلن تي جيتن جو حملو ، ۽ بيماريون هر سال ساڳي ئي صورت ۾ ڪر کڻن ٿيون ، ساڳيا جيت ، ۽ ساڳيون بيماريون ۽ ساڳئي نقصان جون نشانيون ۔

انهيءۡ جو اهم ڪارڻ اهو آھي جو اسان وٽ آبادگار هر سال ساڳي ئي زمين ۾ ساڳيو ئي فصل پوکين ٿا ، انهي ڪري ساڳيا جيت ۽ ساڳيون بيماريون جلدي حرڪت ۾ اچن ٿيون ۔

مثال طور : هڪ سال پهرئين پوکيل وونئڻن تي جن جيتن حملو ڪيو انهن جيتن جا آنا اتي موجود رهن ٿا ، ۽ ٻئي سال انهيءۡ زمين ۾ وونئڻ لڳائڻ سان اهي جيت جنم وٺي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏين ٿا ۔! ۽ جيڪي اڳئين سال وونئڻن ۾ بيماريون هيون ، تن جو اثر اتي موجود هجي ٿو ، تنهن سان اهي ساڳيون بيماريون وري پيدا ٿيو پون ٿيون ۔!
جيتن جو حملو يا بيمارين جو ساڳي فصل تي ساڳي صورت ۾ موٽي اچڻ جو هڪ ٻيو بہ سبب آھي جو ، اسان وٽ آبادگار فصل جي ڪٽائي ٿيڻ کان پوء زمين جي چڱيءۡ طرح صفائي نٿا ڪن ، ان ڪري جيتن جا آنا ، ۽ بيمارين جا اثر اتي موجود هجن ٿا ، انڪري نئين لڳايل فصل تي يڪدم حملو ڪن ٿا ۔

اسان وٽ آبادگارن کي اها خبر گهٽ هوندي آھي تہ ڪو فصلن جو بہ خاندان ٿيندو آھي ، يا مختلف شڪلين وارا فصل هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ آھن ۔!
مختلف شڪلين وارن فصلن جو هڪ ئي خاندان هئڻ جي ڪري انهن فصلن تي ساڳن جيتن ۽ ساڳين بيمارين جو حملو ٿيندو آھي۔

جيئن : وونئڻن ۽ ڀينڊين جو تعلق هڪ ئي خاندان Mallow Family سان آھي ، تنهن ڪري انهن ٻنهي فصلن تي ساڳن جيتن ۽ ساڳين بيمارين جو ئي حملو ٿيندو آھي ۔
جيتن جي حملي ۾ ، ميلي بگ ، سائو مهلو ، اڇي مک ۽ ڪيڙو وغيره ، ۽ بيمارين ۾ پن ويڙھہ وائرس وغيره ۔

پٽاٽو ۽ ٽماٽو بہ هڪ ئي خاندان Solanceus سان تعلق رکن ٿا ، تنهن ڪري انهن ٻنهي فصلن جون بيماريون بہ ساڳيون ئي ٿين ٿيون ۽ ساڳن ئي جيتن جو حملو پڻ ٿئي ٿو ۔

انهيءۡ کان علاوه اناج وارن فصلن جو تعلق بہ هڪ ئي خاندان Grains and cereals سان آھي ، تن ۾ ڪڻڪ ، ساريون ، جوئر ۽ جو وغيره ۔ هنن فصلن جون بيماريون ۽ جيتن جو حملو هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آھن ۔

اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي آبادگارن کي هڪجهڙي خاندان رکڻ وارن فصلن جي پوکيءۡ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جو وقفو ڪرڻ گهرجي ، ۽ ھڪ ئي زمين ۾ ھر سال ٻئي خاندان رکڻ واري فصل جي چونڊ ڪن ، فصلن جي واري وٽي ڪرڻ سان فصلن جي واڌ ويجھہ سميت پيداوار ۾ بہ پڻ سڌارا ايندا ۔
ڇو تہ هڪجهڙو خاندان رکڻ وارا فصل هڪٻئي پٺيان ساڳي ساڳي زمين ۾ پوکڻ سان نہ صرف بيماريون وڌن ٿيون ، پر زمين جي ڪارڪردگي پڻ متاثر ٿئي ٿي، ۽ بيماريون برقرار رهن ٿيون ۔!

مختلف مختلف خاندان وارا فصل پوکڻ يعني هر مند ۾ مٽ مٽ خاندانن وارا فصل پوکڻ سان نہ صرف جيتن جي حملي ۽ بيمارين تي ضابطو ايندو ، پر اسان جي فصلن جي پيداوار ، صحتمندي ۽ زمين جي ڪارڪردگي تي بہ سٺا اثر پوندا ۔

طالب حسين سولنگي دادو ۔۔
Talib Hussain Solangi.
 
Back
Top