انور ابڙي جي ناول “هڪ مهمان ڇوڪري” تي اڪبر لغاري جو تنقيدي مضمون

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,258
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    انور ابڙي جو ناول ”هڪ مهمان ڇوڪري“ تي

    اڪبر لغاري

    نوبل انعام يافته ناول نگار خاتون ڊورس ليسنگ پنهنجي پيري ۾ هڪ ناول لکيو، ”LOVE AGAIN “. پڇڻ تي جواب ڏنائين ته محبت جو موضوع ڪڏهن به پراڻو ٿيڻو ناهي. زيرِ نظر ناول پڻ محبت جي سدا حيات موضوع تي آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ڳوٺ جي رهاڪو سوڍي کي جڏهن انجنيئرنگ جي ڊگري هوندي به سٺي نوڪري نٿي ملي ته هو ڪراچي ۾ اچي هڪ نسبتن ننڍي نوڪري ڪري ٿو ۽ چندرا نالي هڪ ڇوڪري سان محبت جو هاڙهي ڀيچي ٿي وڃي ٿو. چندرا مائٽن جي چوڻ تي سوڍي کي ڇڏي پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪري دبئي هلي وڃي ٿي. سوڍي کي انهيءَ ڳالھ جو وڏو صدمو پهچي ٿو ۽ هو مسلسل ڏک ۽ مايوسي واري ڪيفيت ۾ گذاري ٿو.
    پنجن سالن کانپوءِ ۽ انهيءَ ذهني ڪيفيت دوران، هڪ رانگ نمبر ملڻ تي هڪ ڇوڪري سندس دوست ٿي وڃي ٿي جنهن جو نالو هو اناميڪا ٿو رکي. اناميڪا، هڪ سنڌ پرست ڇوڪري آهي جيڪا ڪئناڊا ۾ ميڊيڪل جي تعليم وٺي رهي آهي. سندن رابطو فون ۽ اي ميل جي ذريعي رهي ٿو. اناميڪا، شوخ ۽ زنده دل ڇوڪري آهي ۽ ٽن سالن جي مسلسل محنت سان، سوڍي کي مايوسي جي ڪيفيت مان ٻاهر ڪڍي وٺي ٿي ۽ آهستي آهستي، سوڍو ۽ اناميڪا هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿي وڃن ٿا.
    اناميڪا ميڊيڪل جي تعليم پوري ڪري واپس سنڌ اچي ٿي ۽ پهريون دفعو سوڍي سان سمنڊ ڪناري ملي ٿي ۽ سوڍي سان سڄي عمر گڏ رهڻ جو وچن ڪري ٿي. سوڍو بي انتها خوش آهي. اناميڪا جڏهن حيدرآباد سندس چاچي جي گھر وڃي ٿي ته ساڳيو چندرا وارو سين دهرائجي ٿو ۽ اناميڪا جو سڱ سندس سوٽ لاءِ گهريو وڃي ٿو جنهن ۾ سندس مائٽن جي به خوشي هوندي آهي. اناميڪا سخت پريشان ٿي وڃي ٿي، هو نه ته مائٽن کي ناراض ڪري سگھي ٿي ۽ نه وري سوڍي کي ڇڏي سگھي ٿي. تنهنڪري هو ڪنهن سان به شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڪئناڊا هلي وڃي ٿي. سوڍو ٻيهر ساڳي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي آفيس جي هڪ ڇوڪري سان شادي ڪري ٿو ڇڏي.
    وقت گذري وڃي ٿو. سوڍو آل عيال وارو ٿي وڃي ٿو ۽ سندس اولاد به وڏو ٿي وڃي ٿو. اناميڪا سنڌ اچي ٿي سوڍي سان سمنڊ تي ملڻ جي خواهش ڏيکاري ٿي. سمنڊ ۾ وڏين ڇولين ڏانهن وڌي ٿي( شايد خود ڪشي ڪرڻ لاءِ ) پر سوڍو هن کي ڀاڪر ڀري روڪي وٺي ٿو. ٻيئي واپس ڪناري ڏانهن اچن ٿا.
    هن ناول جو پلاٽ ٽرئجڊي ۽ ٿيم محبت آهي ۽ محبت به اها جيڪا ناڪام آهي. ناڪام محبتون ئي ته وڏا ماڻهو پيدا ڪنديون آهن. ورلي ڪو وڏو شاعر هوندو جنهن محبت ۾ ناڪامي نه ڏٺي هجي. وصال انسان جي جذبن کي ماٺو ۽ فراق تيز ڪندو آهي. ناڪام محبتن سان ڪيئي واقعا ۽ تاريخي داستان ڀريا پيا آهن. تصور ڪريو ته مجنون کي ليلا، فرهاد کي شيرين، سسئي کي پنهون، ليلا کي چنيسر ملن ها ته اڄ اسان کي ياد به نه هجن ها. رومانويت جو جوهر آهي ئي فراق ۾. پر هي قصا ٻڌي توهان شايد اهو سوچيو ته هن ناول جي ناڪام محبت به ڪو وڏو تاريخي واقعو هوندو يا ان جي نتيجي ۾ ڪو انقلابي ڪردار پيدا ٿيو هوندو، ته دوستو توهان کي سخت مايوسي ٿيندي. هتي اهڙي ڪا ڳالھ ناهي. هتي هڪ نه پر اسان جو مک ڪردار سوڍو ٻه محبتون ڪري ٿو جيڪي ٻيئي ناڪام ثابت ٿين ٿيون پر منجهنس ڪو وڏو تحرڪ پيدا نٿو ٿئي ، بس مسٽر روندو خان ٿيو هر وقت روئندو رهي ٿو، پاڻ به مايوسين جي غفائن ۾ رهي ٿو ته ٻين کي به ان ۾ مبتلا ڪري ٿو.
    ناول نگاري جي پنڊتن، مک ڪردار جون ڪيتريون ئي خاصيتون ٻڌايون آهن پر ٽي انتهائي اهم آهن جيڪي هر مک ڪردار ۾ هجڻ گھرجن؛ مک ڪردار کي دلچسپ، حقيقي (ديو مالائي ۽ سپر نيچرل نه) ۽ متحرڪ هجڻ گھرجي. سوڍي کي ڏسون ٿا ته هن ۾ دلچسپ هجڻ واري ڪا ڳالھ ناهي. نه ته عالم فاضل آهي، نه حسين ۽ خوش لباس آهي، نه خوش مزاج، بهادر ۽ با همٿ آهي ۽ نه ئي ڪنهن اهڙي صلاحيت جو مالڪ آهي جنهن ۾ ڪنهن کي دلچسپي پيدا ٿئي. ڪافي حد تائين بور ڪردار آهي. چندرا ساڻس محبت ڪهڙي سبب ڪئي هئي، ان جي ڪا خبر ناهي. شروع کان وٺي آخر تائين سوڍو هڪ جامد ۽ غير متحرڪ ڪردار آهي، هو حالتن جو رخ موڙڻ جي نه ته ڪا ڪوشش ڪري ٿو ۽ نه ئي اهڙي صلاحيت ئي اٿس. هو هڪ ڪم ڏاڍي ايمانداري سان ڪري ٿو يعني روڄ راڙو ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ. جذبو (Emotion) ادبي تخليق ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو پر ساڳيو جذبو جڏهن طويل عرصي لاءِ طاري ٿي وڃي ته ان کي جذباتيت (Sentimentality) چوندا آهن جيڪا هڪ منفي شئي هوندي آهي. سوڍي وٽ جذبو گھٽ جذباتيت وڌيڪ آهي جنهن سبب قاري کي بيزاري ٿيڻ لڳي ٿي.
    مک ڪردار لاءِ اهو ضروري آهي ته هو چست، متحرڪ ۽ با عمل هجي ، رڳو ڳالهين جو ڳهير نه هجي. اسان جو سوڍو ميدانِ ڪارزار ۾ رڳو اي ميل جي تيرن جا وسڪارا ڪرڻ ڄاڻي. متحرڪ ڪردار جو ڪم آهي ته هو ڪهاڻي تي حاوي هوندو آهي ۽ ڪهاڻي جو رخ پنهنجي حوصلي ۽ حڪمت عملي سان موڙيندو آهي پر هتي سوڍو هٿ ٿي هٿ رکيو ويٺو آهي ۽ ڪهاڻي خود پنهنجي مرضي سان پئي کيس هلائي.
    هن مصروف دنيا ۾ ماڻهو آخر ناول ڇو پڙهندا آهن؟ ان لاءِ ته جيئن هو پنهنجي ماحول مان نڪري ڪنهن نئين دنيا جو سير ڪن. ناول، سوچ نگري جي سياحت به هوندا آهن جتي پڙهندڙ پنهنجي لاءِ دلچسپي ڳوليندو آهي. جتي کيس سکڻ لاءِ ڪجھ نئون ملندو آهي. تفريح سان گڏ، سندس تزڪيو به ٿيندو آهي. هي ناول پڙهڻ سان پڙهندڙ کي اهائي يڪسانيت محسوس ٿئي ٿي جنهن کان بيزار ٿي هو ناول نگري جو رخ ڪري ٿو. ڊگهيون اي ميلون پڙهي ۽ ڊگھيون فون ڪالون ٻڌي ٻڌي وحشت طاري ٿيڻ لڳي ٿي. نه ٻولي جو چس، نه زبان جو ذائقو، نه تخيل جي رنگيني ۽ نه وري بيان جي شيريني.
    ڄاڻ ڏيڻ ، ناول جو بنيادي ڪم ڪونهي پر هر سٺي ناول ۾ زندگي، فطرت، سماج ، نفسيات وغيره جي باري ۾ ڪجھ بحث ضرور هوندا آهن جنهن ۾ پڙهندڙ جي اڻ سڌي طرح تربيت ٿئي ٿي. ڪنهن نه ڪنهن فڪري نظام تحت ضرور گفتگو هوندي آهي جيڪا پڙهندڙ جي بصيرت ۾ اضافو ڪري ٿي. هن ناول ۾ اول ته اهڙي ڪا شئي ڪانهي پر ڪٿي ڪٿي ٿورڙي آهي به ته اها معمولي ۽ سطحي آهي.
    ناول ۾ قضيي (Crisis) جي وڏي اهميت هوندي آهي. قضيي کان سواءِ ڪا ڪهاڻي، ڪهاڻي آهي ئي ڪانه. قضيي يا مسئلي کان سواءِ ادب ۾ سفرناما ، رپورٽون، سوانح عمريون ته ٿي سگهن ٿيون پر ڪهاڻي نه. ڪهاڻي ۾ ان قضيي کان پهرين سڀ ٺيڪ هوندو آهي پر ان کي حل ڪرڻ لاءِ مک ڪردار عملي قدم کڻندو آهي. يا ته هو قضيو حل ڪري ، فاتح بنجي خوش خوش گذاريندو آهي يا ناڪام ٿيندوآهي. ناڪامي جي صورت ۾ هو يا ته پنهنجي غم کي طاقت ۾ بدلائي، پنهنجي ذات جي پستي کان بلندي ڏانهن سفر ڪندو آهي ۽ ننڍي ماڻهو مان وڏو ماڻهو ٿي پوندو آهي ۽ ائين منجهس مثبت تبديلي (Transformation) ايندي آهي، يا هو ناڪامي جي نتيجي ۾ مايوسين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي وڌيڪ پست ٿي ويندو آهي. سوڍي جي زندگي ۾ پهريون دفعو ڪرائيسز ان وقت ايندو آهي جڏهن چندراجي شادي ٿي ويندي آهي پر سوڍو بي عمل بنجي ڳوڙها ڳاڙڻ شروع ڪندو آهي. ساڳيو ڪرائسز ساڳي ئي طرح سان دهرائجي ٿو تڏهن به سوڍي جو ردِ عمل ساڳيو ئي هوندو آهي! ڪهڙو پڙهندڙ اهڙي ڪردار مان متاثر ٿيندو؟ ڪهاڻي ۾ قضيو ان ڪري لازمي هوندو ته جيئن مک ڪرداران کي پنهنجي حوصلي سان منهن ڏئي، ۽ ائين ارتقا جي عمل مان گذري، پاڻ کي تبديل (Transform) ڪري سگھي. مک ڪردار جي ارتقا دراصل اڻسڌي طرح پڙهندڙ جي ارتقا هوندي آهي جيڪو ناول بلڪ سڄي ادب جي تخليق جو اهم مقصد هوندو آهي. اسان جو سوڍو, جهڙو ناول جي آغاز ۾ اهڙو ئي ناول جي انجام ۾.
    ڪجھ ننڍيون ڳالهيون به ڏاڍيون عجيب آهن. سوڍو ٻاهران ايندڙ ڪال ان لاءِ نٿو کڻي ته متان دبئي مان چندرا جو فون هجي. انجنيئر آهي پر دبئي ۽ ڪئناڊا جي ڪوڊ ۾ فرق محسوس نٿو ڪري سگھي! ” ٻئي ڏينهن آچر هجي، صبح جو سوڍي پنهنجي موبائيل فون ڏٺي ته ان ۾ ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي نمبر تان ڪي ڇھ ست ڪالز آيل هيون، سوڍي وري به سمجهيو ته چندرا کيس فون ڪئي هوندي“....... او سوڍا پٽ سنڌ جا، ٻنهي ماين جا نمبر محفوظ ڇو نٿو ڪري وٺين؟ خبر ناهي ته فاضل مصنف پنهنجي مک ڪردار کي ايترو ٻوگهلو ڇو ڏيکاريو آهي! اناميڪا اول ته ملي ڪانه، وري جي ملي ته پهرين ملاقات ۾ سڌو بيڊ روم ۾ ۽ دروازو بند! اناميڪا رهي ٿي ڪئناڊا ۾، آهي به روشن خيال۽ ماڊرن پر چيٽ وري ڪوڙي آءِ ڊي تان ٿي ڪري! ” رات جو سوڍي لکيو: انا هينئر هينئر آفيس پهچي ميل چيڪ ڪرڻ لاءِ جيئن ئي انباڪس کوليم.....!!“ رات جو آفيس ۾!!!؟؟؟؟
    هي هڪ عام رواجي ڪهاڻي آهي جيڪا هر گھر ۾ پئي دهرائجي. ڇا عام رواجي واقعن ۽ غير فعال ڪردارن تي مشتمل ڪهاڻي، هڪ سٺو ناول ٿي سگھي ٿي !!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو