سڄڻ سائين واقعي سڄڻ آهي

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ غلام مجتبي راهوجو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2019۔

  1. غلام مجتبي راهوجو

    غلام مجتبي راهوجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2019
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    هي ڳالهه هر هڪ انسان جي تجربي مان ثابت آهي ته دنيا جي اندر جنهن انسان کي سٺا دوست ملن ته ان جي ڪاميابي يقيني هوندي آهي ۽ بلڪل ان انسان جي ناڪاميء ۾ به دوستن جو وڏو ڪردار هوندو آهي. اهڙي طرح انسان جي آخرت واري زندگيءَ جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو راز به سٺن ۽ سچن دوستن جي صحبت تي مبني آهي اهو ئي سبب آهي جو قرآن ڪريم ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي سٺن، سچن ۽ نيڪ صالح ٻانهن سان دوستي رکڻ جو حڪم به آهي ته ترغيب به ڏني وئي آهي. دؤر حاضر ۾ انهن سٺن دوستن منجھان جيڪي دوستي رکڻ جي لائق هجن جن جي دوستيءَ ۽ تعلق سان انسان کي دنيا ۽ آخرت جي زندگي ۾ ڪاميابي ملي. حضرت خواجه ” محمد طاهر“ بخشي المعروف سڄڻ سائين مدظله عالي جن به هڪ آهن. جنهن جي جڳ مشهور درگاه درگاھ ﷲ آباد شريف ساهتي پرڳڻي جي مشهور شھر ڪنڊيارو جي هاءِ وي روڊ جي ڪناري تي واقع آهي. درگاهه شريف جي ڪشاده ۽ وسيع 105 گنبذن واري جامع مسجد جيڪا روڊ کان ئي نظر ايندي آهي هن سهڻي سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ عظيم شاهڪار پڻ آهي.
    حضرت سڄڻ سائين مدظله عاليه جو پيغام نهايت ئي اعلى آهي سندن خطابات مان ۽ سندس جي جماعت اصلاح المسلمين جي ترجمان الطاهر (اردو) ۽ الاصلاح (سنڌي) ٽه ماهي شايع ٿيندڙ رسالن منجھان ۽ جماعت جي دستور العمل منجهان اها ڳالهه واضح آهي ته هي مرد قلندر معاشري ۾ موجود تمام برائين جي پاڙ پٽڻ چاهي ٿو ۽ انهن برائين جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ سندس کنيل اقدامات انتهائي م‍‍ؤثر ثابت آهن. جھڙوڪ هن دؤر ۾ موجود مسائل غربت، جهالت ۽ برداشت جو نه هجڻ ۽ اهڙين شين جو عام ٿي وڃڻ جيڪي انساني صحت جي لاءِ نهايت هاڃيڪار هجڻ کي سامهون رکي ڪري حضرت سڄڻ سائين مدظله العالي پنهنجي جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان کي پنج نقاطي پروگرام ڏنو، جنهن تي جماعت سختيءَ سان ڪاربند آهي ۽ اهي پنج نقطا هي آهن (1) تعليم (2) صحت (3) برداشت (4) تجارت (5) سائنسي علوم ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺڻ. هي اهي پنج نقطا آهن جنهن جي نتيجي ۾ جماعت جي پليٽ فارم تان هن وطن عزيز پاڪستان ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي ڪميوِنٽي سينٽرن جو قيام به عمل ۾آيوآهي ته تعليمي ادران ۾ به واڌارو آيو آهي جتي شاگردن کي دنياوي تعليم سان گڏوگڏ ديني تعليم ۽ ظاهري علم سان گڏ روحانيت جي ڄاڻ ۽ فرقيواريت کان هٽي ڪري دين جي خدمت ڪرڻ ۽ انسانيت جو احترام ۽ ان سان پيار ڪرڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو. اهڙي نموني جماعت جي پليٽ فارم تان بهترين صحت برقرار رکڻ جي لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپز جو قيام ۽ هر پروگرام ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم جو موجود هجڻ جتي اچڻ واري هر دوست جو پلڊ پريشر ۽ شگر وغيره جي چڪاس ڪرڻ ۽ ان کي بيماري جي متعلق ڄاڻ ڏيڻ ۽ ان کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدابير ٻڌائڻ ۽ صحت جي متعلق وڏن پروفيسرن کان ليڪچرز وغيره ڏيارڻ جو اهتمام ڪرڻ ۽ اجتماعي واڪ ڪرائڻ هن جماعت جو خاصو آهي. ۽ اهڙي ئي نموني سان برداشت جي متعلق جماعت کي بار بار تلقين ڪرڻ ۽ ان تي ليڪچرز وغيره قرآن وحديث جي روشني ۾ ڏيارڻ به سندس جماعت جو هڪ نهايت مفيد عمل آهي. جنهن سان معاشري امن ۽ سڪون جي هڪ فِضا قائم ٿي سگھي ٿي. بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ته:
    هوءَ چوني تون مَه چئه واتان ورائي،
    اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي،
    پاند م پائي ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.

    ۽ وري جماعت کي تجارت ۽ واپار ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۽ انهن کي اهڙا مواقع فراهم ڪرڻ ۽ تجريبڪار بزنس مين ۽ واپارين کان ليڪچر ڏياري ڪري ماڻهن کي ڪاروبار جا سولا ۽ آسان طريقامعلوم ڪرائڻ به جماعت جو بهترين عمل آهي ۽ نوجوانن کي سائنسي علوم مان فائدو وٺڻ جي لاءِ مرد خواهه عورتن کي يونيورسٽي تائين وڃڻ ۽ اتي تعليم حاصل ڪرڻ جي بار بار تلقين ڪرڻ ۽ يونيورسٽي تي پهچڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ ڪيئريئر ڪائونسلنگ جا پروگرام ڪرڻ جماعت جو هڪ بهترين مشغلو آهي. ۽ اهڙي نموني ماحول جي آلودگي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جماعت کي وڻن لڳائڻ جو سختيءِ سان حڪم ڏيڻ جنهن تي جماعت ڏهن سالن کان عمل پيرا آهي. اهڙي طرح معاشري ۾ وڌندڙ منشيات جي برائي جھڙوڪه سگريٽ، پان، گٽڪو، نسوار ۽ هر نشه آور شيءِ کان نفرت ۽ ان کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ اِلاچي فوٽا دم ڪري ڏيڻ ۽ هر موٽر سائيڪل سوار کي هيلمنٽ پائڻ جو هر پروگرام ۾ تاڪيد ڪرڻ ۽ 4وهيڪل گاڏي تي سواري ڪرڻ واري کي بيلٽ لازمي طور ٻڌڻ جو حڪم ڏيڻ ۽ ٽريفڪ قوانين جي متعلق آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موٽروي پوليس کان مختلف پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيارڻ جو بندوبست ڪرڻ جماعت جو لازمي عمل آهي لِهذا مذڪوره بالا تعليمات کي ڏسي ڪري هن ڳالهه جي چوڻ ۾ ڪو شڪ نه ٿو رهي ته” سڄڻ سائين واقعي انسانيت جو سڄڻ آهي“.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو