منور سراج جو ناول پيراڊائيز پوائنٽ تي شام

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    منور سراج جو ناول پيراڊائيز پوائنٽ تي شام

    محمد سليمان وساڻ

    منور سراج جو ناول ”کاٻي اک جو خواب“ پڙھيو ھيم جنھن ۾ خواب ڇانيل رھيا، پر ھن وٽ لفظن، ڪردارن ۽ جملن جي اڻ کُٽ گھرائي ملي. تازو ئي سندس پاران موڪليل نڪور ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ مليو. ڪجھ مصروفيت سبب ڪتاب پاسيرو رکيم جو مونکي خبر آھي تہ سندس ناول يڪساھي پڙھڻو پوندو آھي. اڄ جڏھن وقت مليو تہ ناول کي ھڪ ئي ڏينھن پڙھي پورو ڪيم. منور سراج جملن جو ڪاريگر آھي، ھن وٽ خيالن جي گھرائي آھي، ھن وٽ مڪالما دل ڇھڻ وٽان آھن.
    پر ھڪ ڳالھ جيڪا سندس گذريل ناول ۾ بہ ھئي تہ ھو خوابن جو شھزادو آھي، ھن وٽ خوابن جا خزانا آھن جيڪي ناول ۾ جيئندا رھن ٿا ۽ ناول سان گڏ سفر ڪن ٿا. ھن جي ناول ۾ ڪٿائون آھن، قصا آھن، معاشري جا، گهُٽجي مرڻ جا، خواھشن جي قتلن جا، بيواجبين جا، يونيورسٽي ۾ رھندڙ بگهڙن ۽ چمڙن جا. سندس ھي ناول الائي ڇو مونکي اڌ کان وڌيڪ پنھنجي ڪھاڻي پئي لڳو .... شايد انڪري جو مان پڻ يونيورسٽيءَ مان ايم بي اي ڪئي آھي ۽ اھا بہ شام جي وقت ۽ مان بہ ساڳيي اداري ۾ نوڪري ڪيان ٿو جنھن ۾ منور سراج ڪري ٿو .... ساڳيا منظر، ساڳيا استاد، سخت، پنھنجي نالي ۽ سختي جي تعريف ٻڌندڙ پوءِ ڀلي خواھشن جو قتل ٿئي ۽ احساسن جون قبرون ٺھن. اسان وٽ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول طارق عالم جو ”رھجي ويل منظر“، منير چانڊيي جو ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“، اسحاق انصاري جو ”خالي بينچ“ ۽ ”پيار درياءُ“ مشھوري ماڻي چُڪا آھن ۽ پياري منور سراج جو ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ سنڌي ناول جي شيلف ۾ ھڪ خوبصورت اضافو آھي. ناول جا مڪالما خوابن جي گرد گھمن ٿا. ڇو تہ ھن معاشري ۾ محبتن تي پابندي جو آھي:

    ”تون ڇاٿي سمجهين، خواب اکيون ڏسنديون آھن، چري .. !!“
    ”ٻيو نہ تہ باقي؟ ڪير ڏسندو آھي خواب؟“
    ”خواب دل ڏسندي آھي ۽ اکيون تعبير ڳولينديون آھن.
    ۽ دل جا ڏٺل خواب ضرور ساڀيان ماڻيندا آھن.“


    ھي ناول ان نوجوان شاعر جي ڪھاڻي آھي جيڪو ايم بي اي جي ڪلاسن ۾ اڪيلو ليکڪ آھي، جيڪو بلڪل الڳ سوچي ٿو، ھڪ اھڙي ماحول ۾ شاعريءَ ۽ ادب جي ڪتابن جي ڳالھ ڪري ٿو جتي شاگرد مشين بڻجي صرف نصاب ۾ منجهيل آھن. ھنن وٽ ڄڻ دل آھي ئي ڪا نہ، ڄڻ احساس سندن ڊڪشنريءَ جو حصو ئي ناھن. ھي جملو اھڙي ئي ماحول جي نشاني آھي:

    ”ھا، جڏھن ماڻھو ڪو تماشو روڪي نہ سگهي تہ گهٽ ۾ گهٽ ان جو حصو نہ ٿئي“.

    پر پيراڊائيز پوائنٽ پوءِ بہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ملڻ جي پسنديدہ جڳھ آھي ۽ اھڙيون جايون يا خاص پوائنٽ ھر يونيورسٽي ۾ ٺھي ويندي آھي. ناول ۾ منور سراج جا جملا دل جي ترجماني ڪندي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا:

    ”مينھن وسندو آھي تہ مان اداس ٿي ويندي آھيان ..... منھنجو منُ بہ ڄڻ موھن جو دڙو ھجي.“

    ”يار مختيار، ھي محبت پنھنجي وس کان مٿي اٿئي يار. يار پاڻ لاءِ محبوبہ مسجد بڻجي ويندي آھي، مندر ٿي پوندي آھي. يار پاڻ بس ائين آھيون. پاڻ کان ماڻھن واري محبت ڪونہ پڄندي مختيار ..... يار مان ھن سان نٿو ڳالھائي سگهان ... الائي ڇو .... الائي ڇا آھي .... ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي.“

    منور سراج جو ھي ناول ھڪ شاعر، ھڪ شاگرد جي چوڌاري گهمي ٿو تنھنڪري ان ۾ شاعراڻا احساس ڀريا پيا آھن. ھن جا جملا، ھن جون ڳالھيون جھڙوڪ شاعري ئي آھن، نظم تہ ھر ھنڌ ملندو ئي ...

    ”اداسيءَ جي موسم نظمن لاءِ رستو کوليندي آھي، الائي نظمن جي موسم اداسيءَ لاءِ رستو کوليندي آھي ! ڪيئن چئجي !“

    منور سراج يونيورسٽيءَ جي انھن بگهڙ نما پروفيسرن جي پڻ ناول ۾ ندا ڪري ٿو، جن اسان جي نياڻين لاءِ يونيورسٽين جي ماحول کي اوپرو ڪيو آھي. جتي نياڻين جي عزت محفوظ ناھي ۽ يونيورسٽيون ڄڻ نياڻين جي عزتن جون قتل گاھ بڻجي ويون آھن.

    ناول ۾ ڏُک ۽ منزل تائين نہ پھچڻ ۽ دل جي ڳالھ محبوب تائين پڄائڻ ڄڻ انتھائي ڏکيو ڪم ھجي ...

    ”ھر محبت پاڻ سان گڏ ڏک، اداسيون ۽ امتحان بہ کڻي ايندي آھي. اھا محبت محبت ئي ناھي جنھن سان گڏ ڏُک نہ ھجن.“

    ھن ناول ۾ ڪتابن جي دنيا، خوابن جي دنيا ۽ شاعريءَ جي دنيا جي ماڻھن جو انت محبت کان بغير ڄڻ سچ ۾ اڌورو اڌورو ٿو رھجي وڃي .... ڄڻ اھو واقعي ئي سچ ھجي.

    ”خوابن خيالن جي دنيا ۾ رھندڙ ماڻھو حقيقي زندگيءَ سان نڀائي نہ سگھندا آھن.“

    ”ھا پر اڪثر ماڻھو محبت جي آسمان تائين پھچڻ ۽ چنڊ کي ڇھڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن چاھيندي نہ چاھيندي بہ جيڪي رستا چونڊيندا آھن، اھي کين آسمان تائين پھچڻ کان اڳ ٽٽل تاري وانگر رولي ڇڏيندا آھن.“

    منور سراج واقعي ئي لفظن جو جادوگر آھي، جنھن جا لفظ ۽ جملا ناچ ڪن ٿا، دل تي نقش ڇڏين ٿا ۽ خواب بڻجي راتين جو رلائين ٿا .... ھن جا لفظ احساسن جا روپ بڻجي وڃن ٿا. جڏھن ماڻھو پاڻ بہ ناول جي پسمنظر جھڙي ماحول مان گذريو ھجي تہ ناول جا ڪي جُملا، ڪي مڪالما الائي ڇو ماڻھوءَ کي پنھنجا لڳن ٿا ... ناول جو آخري صفحو بہ آخري بڻجي اداس ڪندو ٿو رھي:

    رڳو آخري صفحو ئي نہ، آخري ملاقات، آخري فون، آخري ميسيج، آخري جُملو، آخري نھار، آخري سيميسٽر، آخري ڪلاس، آخري پيپر، آخري ڳالھ ۽ آخري خط بہ ماڻھوءَ کي اداس ڪندو آھي.


    آخر ۾ ھڪ ڳالھ اھا بہ ڪندس تہ مون کي ناول جي پڄاڻي ڪلائيميڪس کان خالي ملي. ناول جي پڄاڻي الائي ڇو اڻپوري ملي. ناول جي ھيرو ۽ ھيروئن جي ڪھاڻي اڌوري ئي رھي. يونيورسٽيءَ جي بگهڙن ۽ چمڙن جو ڪو انت ڪونہ ٿيو. ناول جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ ۽ ڪنھن طرح لوڏيندڙ ھجڻ گهرجي ھا .... پر اھا منھنجي راءِ آھي ۽ مان نہ تہ ڪو ناول نگار آھيان نہ ئي وري ڪو ڪھاڻيڪار .... مان ھڪ پڙھندڙ آھيان جيڪو ناولن جو شوقين آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو