1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

سياستدان،ٽشو پيپر ۽ بيماري!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    599
    ورتل پسنديدگيون:
    624
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ٽشو پيپر ٻن قسمن جا ٿين ٿا.هڪڙا ته هوندا آهن نج ٽشو پيپر جيڪي هڪ ئي قسم جا ٿين ٿا ۽ ٻيا اهي ٽشو پيپر جيڪي هر طرح جا ٿين ٿا رڳو ٽشو پيپر وانگر نٿا ٿين. ايئن سمجھو ته هوندا ته اهي ڪجهه ٻيو آهن پر انهن کي ٽشو پيپر سمجھيو ۽ بنايو ويندو آهي.اڃا به ڳالهه آسان ڪجي ته اسان ”ٽشو پيپر جگ“ ۾ جي رهيا آهيون.ان دور ۾ ماڻهن کان قومون ۽ سياسي جماعتن کان ٽيڪنالاجيء جي نواڻ تائين سڀ ٽشو پيپر آهن،استعمال ڪيو ۽ اڇلي ڇڏيو.ڪم ڪار سياست ۽ وهنوار رياست ته اڪثر هلن ئي ٽشو پيپر تي ٿا.سياسي ٽشو پيپرن جو مقدر بيلٽ پيپرن تي دارومدار رکي ٿو،جيڪر انهن جا ٺپن وارا بيلٽ پيپر تمام ٿورا هجن ته سندن بدبختي اچي وڃي ٿي.پوء انهن سان اليڪشن ۾ ايندڙ پگھر اگھي اگھي اڇلائي ڇڏيو ويندو آهي ۽ اهي ويچارا پڇندا ئي رهجي ويندا آهن ته “جيڪر پالي نٿا سگھو ته پوء پيدا ڇو ٿا ڪريو؟“

    ٽشو پيپر جي باري ۾ خيالن جو اهو سلسلو هڪ خبر پڙهڻ بعد جڙيو.ان خبر مطابق هڪ امريڪي ڪمپنيء ماڻهن کي بيمار ڪرڻ وارا ٽشو پيپر تيار ڪيا آهن جن ۾ نڇن ۽ زوڪام وارا جراثيم شامل آهن.انهن جي هڪ پيڪيٽ جي قيمت اسي ڊالر يعني اٽڪل ٻارهن هزار پاڪستاني روپيا آهي.

    لاس اينجلس ۾ موجود ڪمپني مطابق ٽشو پيپرن جو نالو ”وائيو“ رکيو ويو آهي.ڪمپنيء مطابق هن وقت تائين اها ٽشو پيپرن جا هڪ هزار پيڪيٽ وڪڻي چڪي آهي.انهن کي سنگھڻ وارا جلد يا دير سان ڇڪون ڏيڻ،کنگھڻ ۽ بخار ۾ مبتلا ٿيندي نظر ايندا.ڪمپنيء سندس ان ايجاد جو جواز اهو ڄاڻايو آهي ته ڪجهه ماڻهو نفسياتي طور تي بيمار ٿيڻ گھرن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ماڻهن کان الڳ رکڻ گھرن ٿا.ان ڪري اهو ٽشو پيپر ٺاهيو ويو آهي ته جيئن جڏهن ڪو بيمار ٿيڻ گھري ته اهي ٽشو پيپر خريد ڪري ۽ انهن سان نڪ صاف ڪندي وڏا وڏا ساهه کڻي ۽ پوء بيماريء جو آڌر ڀاء ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃي.ڳالهه ته صحيح آهي،زندگي ايتري ته مصروف ٿي ويئي آهي جو ان مصروفيت کانرڳو بيماري ئي نجات ڏيئي سگھي ٿي.سوچجي ٿو ته بيمار بڻجي ليٽيو رهجي ”تصور جانان “ ڪري.پر مسئلو آهي جو جيڪر بيگم کي خبر پيئي ته حضرت ڪنهنتصور جانان لاء ليٽيل آهي ته ممڪن آهي ته بيماريء وارو ليٽڻ ڪٿي زخمن سبب ليٽڻ ۾ نه بدلجي وڃي.بيمار هئڻ جي خواهش پويان رڳو واندڪائيء جي سوچ ئي لڪيل نه هوندي آهي پر “ٻيا به غم آهن زماني ۾ واندڪائيء سواء“. ڪجهه شاگرد اسڪول مان ڇٽيء لاء بيماريء جا بهانا ڳولهيندا آهن.شادي شده ماڻهو سهاراڻن ۾ ٿيندڙ ڪنهن شاديءجو ڪارڊ ملندي ئي دعا گھرڻ ويهي رهندا آهن ته ”الاهي!عين شاديء جي تاريخ تي کنگھه کي سيني ۾ بيدار ڪري ڇڏ ۽ پنهنجي بندي کي بيمار ڪري ڇڏ.“

    بيماريء جي ضرورت سڀ کان گھڻي انهن سياستدانن کي پوي ٿي جن کي جيل وڃڻو پوي ٿو.گرفتاريء جو ڏينهن ايندي ئي سندن دل،جيري،چيلهه ۾ ڪو نه ڪو مرض جاڳي پوندو آهي.ڳالهه ايئن آهي جو سياستدانن جون بيماريون به انهن وانگر ملڪ ۽ قوم جون خيرخواهه ٿين ٿيون.جيستائين اهي اڳواڻ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ مصروف رهن ٿا تيستائين هر قسم جا مرض انهن کي پنهنجي پهچ کان پري رکن ٿا پر جيئن ئي بيماريء کي پتو پوي ٿو ته صاحب هاڻي واندو آهي ته اها کين چوندي آهي ته ”مهربان آهيان،گھرايو جنهن به وقت مون کي حاضر آهيان.“پوء ترت سڏ اچي وڃي ٿو ۽ بيماري پاڻ اچي سياستدان کي جيل مان اسپتال وٺي وڃي ٿي.

    مسئلو اهو آهي جو انهن بيماريء وارن ٽشو پيپرن جو دائرو نزلي،زوڪام،کنگھه ۽ بخار تائين محدود آهي.دل،جگر ۽ چيلهه انهن جي جراثيم جي پهچ کان ٻاهر آهن ان ڪري اهي سياستدانن لاء سندن استعمال ٿيل ٽشو پيپرن جيان بيڪار آهن.جيستائين رڳو واندڪائي ۽ فرصت لاء بيمار ٿيڻ جو تعلق آهي ته اسان وٽ اها مشق فضول ڪم سواء ٻيو ڪجهه به ناهي.هتان اوهان ٽشو پيپر سنگھي بيمار ٿيندا ۽ فارغ ٿي بستري تي ڊگھا ٿيندا هتان فيسبڪ تي اسٽيٽس ڏيڻ جي بيماري اوهان ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندي پهچي ويندي.بيماريء جي پوسٽ ڏيندي ئي خير جي دعائن جا ڪمينٽس اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ اوهان جي واندڪائي انهن جو شڪريو ادا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندي.ڪجهه لمحن بعد اوهان کي واٽس ايپ تي ڪالون وصول ٿيڻ شروع ٿي وينديون.ڳالهه جي شروعات ”ڇا ٿيو؟“ سان ٿيندي پوء مفيد مشورا اچڻ لڳندا،دوائون تجويز ٿيڻ لڳنديون،ڊاڪٽرن،حڪيمن ۽ هوميو پيٿڪ جا ڏس پتا به ٻڌايا ويندا.انهيء سڀ مان جيڪر جان ڇٽي ته بيگم ”ڊاڪٽر ڏانهن هل.“ جي حڪم سان پهچي ويندي.اهڙيء طرح اوهان جو رهيل ڏينهن ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي ايندي ويندي، اتي انتظار گاهه ۾ بور ٿيندي ۽ ڊاڪٽر جي فيء کان دوائڻ ۾ پئسا ٻوڙڻ ۾ خرچ ٿي ويندو.اسان حيران آهيون ته امريڪي ٻارهن هزار پاڪستاني ماليت جي ٽشو پيپرن جو ڏٻو رڳو بيمار ٿيڻ لاء خريد ڪري رهيا آهن،بيماريء جي خريداريء تي ايترو خرچ! ايتري رقم ته اسان پنهنجي علاج تي به خرچ نه ڪندا آهيون.انهيء مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته امريڪين لاء بيمار ٿيڻ ڪهڙو نه مشڪل مسئلو آهي! انهيء حالت ۾ ڊونلڊ ٽرمپ صاحب جي ذهني بيمارهئڻ تي اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته ”اها هن جي عطا آ جنهن کي پروردگار ڏي.“

    امريڪين جي ڀيٽ ۾ اسان پاڪستاني ڪيترا خوش نصيب آهيون جو جڏهن بيمار ٿيڻ لاء دل گھريو ڪنهن گندي گھٽيء جي ڪنهن ڪنڊ ۾ وياسين ۽ اتي پيل ڪنهن ڪچري جي ڍير وٽ بيهي ڪجهه دير ڊگھو ساهه کنيوسين، منرل واٽر بدران سڌو نل جو پاڻي پيتوسين،شهر جي ڪنهن مصروف روڊ تي وڃي دونهون ڦڦڙن ۾ ڀري ورتوسين ۽ هڪڙو ٽڪو خرچ ڪرڻ سواء بيمار ٿي پياسين.مطلب ته اسان جي ملڪ م علاج لاء کڻي ڪيترو به پري وڃڻو پوي پر بيماري هر وقت اسان جي گھر جي چانئٺ تي حاضر رهي ٿي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو