سنڌ ۾ ايڊس Aids ۽ هيپاٽائيٽس سِي جو معاملو تمام سنجيده توجه طلب آهي

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ ۾ ايڊس Aids ۽ هيپاٽائيٽس سِي جو معاملو تمام سنجيده توجه طلب آهي

    شبير احمد قريشي

    سنڌ ۾ ايڊس Aids جو ۽ هيپاٽائيٽس سي جو معاملو تمام سنجيدہ توجه طلب آهي. ارباب اختيار خدارا ڌيان ڌريو. اسان جو نسل هن وقت معاشي ۽ معاشرتي بحران کان وڌيڪ جسماني زوال جو شڪار آهي. هڪ ٻئي کي موُرد الزام ٺاهڻ بجاءِ عمل جو وقت آهي. اچو ته گڏجي سوچيون. باشعور آهيو.

    · عطائي ڊاڪٽر يا حڪيمن مٿان چڪاس رکو، علاج مهل پئسا ڀريو ٿا ڏسو چئو ته سرنج نئين استعمال ڪر.
    · حجم کي پابند ڪيو ۽ پاڻ ڏسو گُهر ڪيو ته پاڪي ۾ نئون بليڊ وجهي.
    · ٻار جو طُهر مستند ڊاڪٽر کان ڪرايو جنهن جا اوزار صاف هجن.
    · ٻئي جي ننهن ڪٽڻي، ڪئنچي يا وار ڪٽڻ جي مشين استعمال نه ڪيو.
    · شيو پاڻ ڪيو سيفٽي ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏيو.
    · ڊيٽول، اسپرٽ، ٽينچر يا ڦٽڪي گهر ۾ رکو جيڪڏهن ڪو ڪٽ اچي ته هڪدم لڳايو.
    · نياڻين جا ڪن ٽوپايو ته ڪن ٽوپڻ جي سئي نئين وٺي اسپرٽ ۾ ڀڄائي رکو، هر حالت ۾.
    · مائي سياڻي کي تاڪيد ڪيو.
    · ڪنوار جو نڪ ٽوپڻ مهل به نئين سئي هجي ۽ اسپرٽ ۾ ٻڏل هجي. انفيڪشن يا ٽيٽنس (جهٽڪي جي بيماري) نه ٿيندي.
    · ڪاري ڪامڻ کان بچڻ لاءِ ڪوشش ڪيو پيڻ جو پاڻي ڪاڙهي سگهو ته بهتر.
    · گٽرن تي پوکيل ڀاڄيون ۽ فارمي ڪڪڙ جي گوشت کان بچو.
    · ٻهراڙي ۾ ڪشادن گهرن ۾ ڪڪڙيون آرام سان پالي سگهجن ٿيون.
    · جسماني تعلق حلال رکو.
    · پنهنجي اولاد تي نظر رکو.
    · نشي جا عادي جوان هڪ ٻئي جون سرنجون استعمال ڪن ٿا.
    · اغلام بازي ايڊس جو مک ڪارڻ آهي.
    · ياد رهي ته ڪڏهن به فٽ پاٿ تي ويٺل ڪنهن عطائي کان ڪَن جي صفائي نه ڪرايو. نه ئي ڏاٺَ ڏند ڪڍايو، انهن جا اوزار انتهائي انفيڪٽيڊ آهن.
    · ريل گاڏي ۾ به بنا سور جي ڏاٺ ڪڍندڙ گهمندا ٿا وتن، اصل بچو.
    · شهر شهر نقلي اصلي ليبارٽريون کلي ويون آهن. ڪهڙي ويڌن ٿا ڪن. رت ٽيسٽ وارو ٽيوب صاف آهي؟ سرنج نئين آهي؟ ڪِٽ ساڳي ته استعمال نه ٿا ڪن. ڪا خبر ڪونهي، سادو ماڻهو ان ۾ مارجي وڃي.

    · ڪو خدا جو خوف ڌاريو. اسان جو واحد ملڪ آهي جتي خذمتن جا پئسا به وٺن پوءِ مطلوبہ سروس به نه ڏين. ڀتو، ڏنڊ، چٽي، حصو پتي، سيڪڙو!!!

    · رت جي منتقلي وقت هر حال ۾ ٽيسٽ اسڪين ڪرائجي ته ڊونر جو رت سو في صد ڪنهن به وائرس يا وچڙندڙ بيماري کان پاڪ آهي.
    · هڪ اهم ڳالهه ته شهر ۾ ڊاڪٽرياڻي ڪو به ويم نارمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
    · ماءُ کي مائٽن کي ڊپ ڏئي هر حالت ۾ سيزر ڪن ٿيون. ڪهڙا سندن آپريشن ٿيٽر؟ ڪهڙا اوزار؟ ناڙو ڪنهن سان ٿا ڪٽين؟ بس هن بي حس سماج مان اڙجي ويا آهيون.
    · هر ننڍي وڏي ڪلينڪ ۾ شگر ٽيسٽ ڪن ٿا. هر ٽيسٽ لاءِ الڳ شئي گهرجي، اسپرٽ گهرجي. آهي ڪا خدا خوفي. ڪنهن کي مرڻو ئي نه آهي.

    اسان جا ماتمي مولائي ان ڳالهه جو خيال نه ٿا رکن ته ماتمي اوزار صاف آهن يا هڪ ٻئي جا واپرايل آهن. گهڻي وقت کان پيل آهن.

    ويجهڙائي ۾ هڪ علائقي ۾ ٽيسٽ ڪرائي وئي ته اسان جا لاتعداد مولائي هيپيٽائٽس سي ۾ ورتل هئا.
    بي خبر نه رهو آگاه رهو.
    هيپيٽائٽس جو علاج به دريافت ٿيو آهي ۽ ايڊس جهڙي موذي مرض مان به نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    پر انگريزي زبان جو قول آهي ته

    The prevention is better than the cure


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو