“کاڌو پيتو ڪجهه به نه،گلاس ٽوڙيو ٻارهن آنا.“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    699
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    عمران خان ۽ سندس حڪومت کي هڪ جملي ۾ بيان ڪيو وڃي ته “کاڌو پيتو ڪجهه به نه،گلاس ٽوڙيو ٻارهن آنا.“ حقيقت اها آهي ته حڪومت ۾ اچڻ سان عمران خان جي شخصيت بي وزن ٿي ويئي آهي پر عمران خان ۽ سندس حڪومت کي وسيع پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.بدقسمتيء سان پاڪستان جي سياست جي سمورن اهم ڪردارن ڀٽي کان نواز شريف تائين تي اسٽيبلشمينٽ جي ڇانو رهي آهي.لنڊن واري ڀائيء جي شخصيت کي ”سياسي“ ۽ ”انقلابي“بنائڻ ۾ به اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪيو.عمران خان جي باري ۾ اهو امڪان هو ته هو پنهنجي ٻانهن جي قوت سان اقتدار ۾ اچي ڏيکاري سگھيو ٿيپر سندس اقتدار جي هوس ايتري وڌي جو هن وڌيڪ ڪجهه سال انتظار ڪرڻ بدران اسٽيبلشمينٽ جي چادر اوڍي ورتي.ان پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته انهن سمورن سياستدانن جي ناڪامي رڳو انهن ماڻهن جي ناڪامي نه پر حقيقت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي به آهي.سوال اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي سياسي نرسريء جو ڪوبه ٻوٽو وڻ بڻجي ميوو ڇو نٿو ڏئي؟آخر اسٽيبلشمينٽ جي نرسريء جو هر ٻوٽو ٻٻر جو وڻ ئي ڇو بڻجي ڪري رهجيو وڃي؟پاڪستان جي سياست ۾ سياسي اڳواڻن کي هڪ خاص نڪته نظر کان ڏٺو ويو آهي.مثال ڀٽي صاحب جي باري ۾ خيال هو ته اصل ۾ هو ”وڏيرو“ هو ۽ سندس اعليٰ مغربي تعليم به سندس ڪجهه بگاڙي نه سگھي.ميان نواز شريف کي ان تناظر ۾ ڏٺو ويو ته هو ”مذهبي“ به آهي،“صنعتڪار“ به آهي ته ”ميڊ ان پاڪستان“ به آهي پر انهن مان هو ڪجهه به نه هو.الطاف قومي سياست جي آسمان تي اڀريو ته چيو ويو ته پاڪستان جي سياست ۾ وچولي طبقي جو سج اڀريو آهي ۽ اهو سج پوري پاڪستاني سياست کي جاگيردارن،وڏيرن ۽ سرمائيدارن کان پاڪ ڪرڻ جو سبب بڻبو پر الطاف هڪ ”شهري وڏيري“ بلڪه مفيا چيف جي طور تي سامهون آيو ۽ سندس جماعت هڪ سياسي ۽ ڪرمنل مافيا جي صورت اختيار ڪري ورتي.عمران خان جي باري ۾ ويهه سالا پراڻي راء اها آهي ته هو نه ته سياسي اڳواڻ هو ۽ نه آهي ۽ نه ٿي سگھي ٿو.پر کيس ”تبديلي“ جي نشاني ٺاهي اڀاريو ويو.چيو ويو ته سڀ بدعنوان آهن رڳو عمران خان ”پاڪ“ آهي.سندس ”اهليت“ ۽ “صلاحيت “ بي مثال آهي،هو ملڪ جو مقدر بدلائي ڇڏيندو،سندس اقتدار ۾ ايندي ئي ”انقلاب“ اچي ويندو پر عمران خان جي حڪومت رڳو اٺن مهينن ۾ لفظ ”تبديلي“ جي اهڙي تذليل ڪئي آهي جو ان لفظ لاء جيڪر ممڪن هجي ته خود ڪشي ڪري ڇڏي.سندس حڪومت جي ”اهليت“ جو اهو عالم آهي جو هن اٺن مهينن ۾ پنهنجي اڌ ڪابينا بدلائي ورتي آهي.عمران خان کان اڳ هر سياسي حڪومت اسٽيبلشمينٽ سبب بي توقير ٿيندي هئي پر عمران حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي ڪنهن ڪوشش سواء بدنام ٿي ويئي آهي.بيشڪ عمران خان پاڻ انهن اٺن مهينن ۾ ڪا بدعنواني ناهي ڪئي پر سندس ساٿين ۽ وزيرن تي آڱريون کڄي رهيون آهن.عمران خان چوندو هو ته هو ملڪ کي معاشي ٽائيگر بنائيندوپر سندس حڪومت اٺن مهينن ۾ ملڪ کي معاشي طور تي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي معاشي خوشحالي هڪ لطيفو بڻجي ڪري رهجي ويئي آهي.سياسي مفلسيء جو اهو حال آهي جو هن پنهنجي وزير خزانه کي هٽائي سندس جڳهه تي پيپلز پارٽيء جي وزير خزانه کي لڳائي ڇڏيو آهي.پنجاب ۾ جن بيورو ڪريٽس کي اهو چئي هٽايو ويو هو ته اهي شريفن جا چمچا آهن اهي سڀ جا سڀ بيوروڪريٽس وري پنهنجن عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيا ويا آهن.آخر عمران خان مرڪز توڙي پنجاب ۾ نون ليگ سان گڏجي حڪومت قائم ڇو نٿو ڪري؟ ڪرپٽ ماڻهن سان جزوي مفاهمت ۽ ڪلي مفاهمت ۾اخلاقي اعتبار کان ڪهڙو فرق آهي؟انهيء ڪري چيو پيو وڃي ته خبر ناهي ته عمران خان جي حڪومت آهي به يا نه؟وسيع پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته هتي وڏيرا شاهي ۽ شهري جاگيرداري ئي نه پر وچولي طبقي جي سياست ۽تبديليء جو کوکلو نعرو ئي ناڪام ناهي ٿيو پر انهن سمورين شين کي ملڪ ۽ قوم جو مقدر بنائيندڙ اسٽيبلشمينٽ ناڪام ٿي آهي.ان ناڪاميء جي اونهائيء جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن وقت عمران خان جي ناڪاميء جي تاثر کي ميڊيا ۾ ويٺل اهي ماڻهو به هوا ڏيئي رهيا آهن جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي عمل ڪندڙ سمجھيا وڃن ٿا.ان صورتحال جو هڪ سبب اهو آهي جو اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي صدارتي نظام واري تجربي طرف ڌڪيندي محسوس ٿئي ٿي.ان جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ لاء بي معني ٿي ويو آهي بلڪه عمران خان جي ناڪاميء کي پارلياماني نظام جي ناڪامي جي کاتي ۾ وڌو پيو وڃي ۽ صدارتي نظام جي ”شخصيت“ کي اڀاريو پيو وڃي.پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي برپا ڪيل ”سياسي ڪلچر“،اسٽيبلشمينٽ جي پيدا ڪيل ”سياسي قيادت“ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تخليق ڪيل “سياسي جماعتن“ ۽ خود اسٽيبلشمينٽ جي ناڪاميء جو سبب ڇا آهي؟

    سموري انساني تاريخ ۾ اعليٰ انساني شخصيت ٻن شين سان پيدا ٿي آهي.هڪ اخلاقي فضيلت ۽ ٻي علمي برتري.انساني تاريخ ۾ قيادت جون ٽي سطحون يا ٽي درجا ٿين ٿا.پهريون درجو قيادت جي مشهوري،ٻيو درجو مقبوليت ۽ ٽيون درجو قيادت جو محبوب بڻجڻ آهي.قائد اعظم جي عظمت ۽ ڪاميابيء جو راز اهو آهي جو هو ”محبوب“ بڻجي چڪو هو پر قائد اعظم بعد ملڪي تاريخ ۾ ڪوبه اڳواڻ شهرت۽ مقبوليت کان اڳتي وڌي محبوبيت واري درجي تي نه پهچي سگھيو.قائد اعظم وٽ علمي فضيلت به هئي ته اخلاقي برتري پڻ پر قائد اعظم بعد گذريل ستر سالن ۾ پاڪستان کي جيڪا سياسي قيادت ملي انهن جي اخلاقيات به معمولي هئي ته علمي فضيلت به گھٽ درجي جي. جرنيلن کان وٺي سياسي حڪمرانن جي ناڪاميء جو اهو ئي بنيادي سبب آهي. روس ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪندڙ لينن جون خاميون پنهنجي جڳهه پر لينن جي شخصيت سوشلزم جي نظريي ۾ ٻڏي پيئي هئي.هن جون تقريرون ۽ تحريرون ٽيهن کان مٿي جلدن ۾ شايع ٿيون.جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته لينن جو علم غير معمولي هو.هو فلسفي،معيشت،سماجيات ۽ ادب جو غير معمولي فهم رکندو هو.چين ۾ سوشلسٽ انقلاب آڻيندڙ مائو جي شخصيت اخلاقي اعتبار کان مضبوط هئي ۽ مائو تاريخ ۽ انساني نفسيات جو غير معمولي فهم رکندو هو.جديد چين جي سموري قيادت به اخلاقي۽علمي اهليت جي لحاظ کان ميرٽ جي نشاني آهي.چين جي ترقيء جو راز ڪو اتفاق يا حادثو ناهي ان جي پويان اخلاقي ۽ علمي فضيلت موجود آهي.مثال؛ چين ۾ ڪرپشن ۽ ملڪ دشمنيء کي سخت اخلاقي بيمارين طور ورتو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نٿو ڪيو وڃي.اهو ئي سبب آهي جو چين ۾ ڪرپشن جي سزا موت آهي.اسان جي اسٽيبلشمينٽ سياسي اڳواڻن جي مذمت ته گھڻي ٿي ڪري پر هن ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ ڪڏهن به اخلاقي اصولن کي داخل ٿيڻ ئي ناهي ڏنو.هن ڪڏهن به سياسي جماعتن کي پابند ناهي ڪيو ته اهي پنهن جن جماعتن ۾ به جمهوري روين کي داخل ٿيڻ ڏين ته جيئن منفي خانداني،گروهي ۽ شخصي اثرن کان نجات حاصل ڪري سگھجي.اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به سياسي نظام کي علمي فضيلت مهيا ڪرڻ جي به ڪوشش ناهي ڪئي ايستائين جو اقتدار تي قبضو ڪندڙ فوجي آمرن وٽ به اها اخلاقي ۽ علمي فضيلت موجود نه هئي.تنهن ڪري اهي ماڻهو قوم جي روحاني،اخلاقي،علمي،ذهني،سياسي،جمهوري ۽ معاشي اوسر ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري نه سگھيا.پاڪستان کي مشهور ۽ مقبول نه پر محبوب قيادت جي ضرورت آهي پر محبوب قيادت نه اسٽيبلشمينٽ کي سوٽ ڪري ٿي ۽ نه ئي محبوب بڻجڻ جي خواهش ملڪ جي اڪثر وڏين سياسي جماعتن جي قيادت ۾ ئي موجود آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي سياست ۾ چهرا بدلائڻ جي راند ٿيندي رهي آهي.جيئن ته چهرا بدلائڻ واري راند گھڻي ٿي چڪي ان ڪري هاڻي نظام بدلائڻ جي راند شروع ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.بيشڪ نظام اهم هوندا آهن پر نظام کان وڌيڪ نظام هلائيندڙ اهم هوندا آهن.نظام هلائيندڙ سٺا هجن ته اهي خراب نظام مان به سٺا نتيجا ڏيئي سگھن ٿا پر نظام هلائيندڙ نااهل هجن ته اهي بهترين نظام مان به ڪجهه به نتيجا ڏيئي نٿا سگھن.چين ۾ اڪيلي پارٽيء جي حڪومت آهي يعني اولهه جي اصطلاح ۾ چين جو نظام ”آمراڻو“ آهي پر اولهه جا جمهوري اڳواڻ چين جي ترقيء کي حيرت ۽ هيبت وچان ڏسي رهيا آهن.جديد چين جو باني ڊينگ زيائوپنگ چوندو هو ته ٻلي جيڪر ڪوئا پڪڙي رهي آهي ته پوء ان جي ڪاري يا اڇي رنگ سان ڪو فرق نٿوپوي.افلاطون ٻه هزار سال اڳ چيو هو ته سياست جي مسئلي جو حل اهو آهي جو فلسفيء کي حڪمران بنائي ڇڏيو يا حڪمران کي فلسفيء جي سانچي ۾ وجھي ڇڏيو. پاڪستان جهڙي ملڪ جي سياست کي اخلاق ۽ علم سواء هڪ وک به نه هلڻ گھربو هو پر پاڪستان جو حڪمران طبقو پاڪستاني سياست کي ستر سالن کان ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن سيڪيولرازم جي نالي تي بداخلاقي ۽ بي علميء جي ڪنڊن ڀريل رڻ ۾ گھليندو ٿو وڃي.انهيء صورتحال ۾ صدارتي نظام جي تجربي سان به ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو ۽صدارتي نظام جي ناڪاميء کان پوء به ڪو چوندو ته ”کاڌو پيتو ڪجهه نه،گلاس ٽوڙيو ٻارهن آنا.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو