علامه آءِ آءِ قاضي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2019۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    116
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    دادو ۾ آهي جادو هن پهاڪي ته غور ڪنداسين ته دادو اندر هر قسم جو جادو ئي جادو نظر ايندو دادو ضلعو سنڌ جي اها ڪنڊ آهي جنهن سدائين عالم شاعر مفڪر اديب پيدا ڪيا آهن جن جي ڪيل علمي ادبي تاريخي ڪم عوام جي دلين تي راڄ ڪن ٿا ان ڪري اها ڇڪ دادو ڏانهن ڇڪي اچي ٿي پوءِ چوڻو پوندو آ دادو ۾ آ جادو دادو ضلعي جو ننڍو شهر پاٽ شريف جيڪو ازل کان علم جو مرڪز رهيو آهي ماضي ۾ هن شهر اندر ڪيترائي علمي مرڪز هئا جتي ڏورانهين علائقن کان شاگرد اچي پاٽ شريف مان علم حاصل ڪري ويندا هئا ڪتاب لکن ٿا ته سنڌ اندر سمن جي دور ۾ ٽيون وڏو علمي مرڪز پاٽ شريف ۾ هو جنهن ۾ هڪ ئي وقت ديني دنياوي تعليم ڏني ويندي هئي عالمن جو اهو به چوڻ آهي ته بغداد جي شهر مدرسن ۾ اڄ به پاٽ شريف جي عالمن جا لکيل ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا تنهن ڪري هن شهر کي تاريخ باب الاسلام جو دروازو ڪوٺيو ويندو آهي ان ئي شهر جي چيڪي مٽيءَ مان به ڪيترائي انمول هيرا پيدا ٿيا جيڪي سياسي سماجي علمي ادبي حوالي سان دنيا اندر هيرن ستارن جيان چمڪندا رهيا انهن ۾ شهيد غزالا بتول صديقي حميده بيگم ( جيڪا مغل شهنشاهه همايون بادشاهه جي زال ۽ شهنشاهه اڪبر بادشاهه جي امڙ هئي) جسٽس مختيار احمد جوڻيجو، حضرت مخدوم فضل الاهي پاٽائي، اڳوڻو گورنر بينڪ دولت اف پاڪستان آفتاب غلام نبي قاضي، آمنه خميساڻي (جنهن شاهه جو رسالو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو هو) ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو ۽ ٻيا ڪيترائي هئا جن پنهنجي شعبي اندر پنهنجو ۽ پنهنجي شهر پاٽ شريف جو نالو دنيا اندر مڃايو پاٽ شريف جي انهن شخصيتن مان علامه آءِ آءِ قاضي پڻ هڪ آهي جنهن جي ڏاهپ جا چرچا دنيا اندر مشهور آهن علامه آءِ آءِ قاضي هڪ وڏو ذهين ڇوڪر هو جيڪو هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندي به ٻاهرين ملڪ مان حاصل ڪري آيو اهو هڪ هن ڳوٺ لاءِ وڏو اعزاز هو علامه آءِ آءِ قاضي جنهن جو اصل نالو امداد علي هو پاڻ 9 اپريل 1886ع ۾ پاٽ شريف ۾ قاضي امام علي جي گھر ۾ جنم ورتو پاڻ انصاري خاندان سان تعلق رکندڙ هو سندس والد امام علي قاضي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻي سان شادي ڪيائين بعد ۾ قاضي امام علي صاحب پاٽ شريف مان هجرت حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيا علامه آءِ آءِ قاضي جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو آخوند صاحب قاضي صاحب کي قرآن مجيد پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي،فارسي،۽ علم رياضي جي پڻ سکيا ڏنائين انهيءِ کان علاوه آخوند صاحب کيس “مفتاح الصلوات” به پڙهايو علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر (1904ع) ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾، جيڪو ان وقت لازمي مضمون هو پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙهه مان موٽي آيو 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيولاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامه آءِ آءِ قاضي صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1910ع ۾ ”لنڪنس اِن“ (لنڊن) ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن وريو 1908ع ۾ لنڊن جو هڪ پليٽ فارم هو ريل تڪڙي ڇٽڻ واري هئي مسافر سڀ تڙ تڪڙ ۾ ريل تي چڙهي رهي هئا ا ن پليٽ فارم تي ٻه ڄڻا سنڌ جا به هئا جن مان هڪ صحيح گاڏي تي چڙهي ويو ٻيو وري هڪ اهڙي گاڏي ۾ چڙهيو جنهن ۾ صرف ۾ شهزادي ڇوڪري هئي اهو اهو علامه آءِ آءِ قاضي صاحب هو جنهن ڏٺو ته هڪ ڇوڪري ويٺي آ سو هن دروازي ڏانهن منهن موڙي ڪري بيهي رهيو ( ان وقت سندس اباڻي شهر پاٽ شريف ۾ اهو رواج هو ته جڏهن به ڪنهن گھٽي مان ڪا عورت لگھندي هئي ته مرد حضرات احترامن طور پٿيرا ٿي بيهي رهندا هئا جيسيتائين اها عورت لنگي نه وڃي تيسيتائين اتي بيٺا رهندا هئا ان ڪري ئي هن شهر پاٽ جو نالو پاٽ شريف پيو ) هن کي ان شهزاديءَ قاضي صاحب کي گھڻو ئي ويهڻ لاءِ چيو پر هن شرم مان اهو ئي چئي سگھيو ته معذرت ميڊم غلطي سان هن گاڏي اندر چڙهيو آهيان جيئن ئي اسٽيشن اچي ته لهي ويندس هن جي شرافت ڏسي ان شهزادي حورپري جي دل ۾ هن پنهجي جاءِ جوڙي ورتي ان شهزادي جو نالو ميڊم ايلسا هو جيڪا جرمني سان تعلق رکندڙ هئي جيڪا پڻ شاعر ليکڪ هئي ميڊم کانئس پڇيو ته سندس اَباڻڪو ملڪ ڪھڙو آھي ۽ ھو ھتي ھن ملڪ (انگلينڊ) ۾ ڇا ٿو ڪري ۽ جڏھن اتر سنڌ جي شرميلي نوجوان کيس ٻڌايو ته 1907ع کان ھتي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل آھي ھڪ ملاقات ۾ سنڌي پريمڪائن وانگر ھن اولھه جي چترڪار، شاعره ۽ ليکڪ ھڪ وڏي رومال تي ڀرت ڀري سندس نانءُ سان گڏ ”تنھنجي ايلسا سيپٽمبر 1908ع (يوئر ايلسا سيپٽمبر 1908ع) سوکڙيءَ طور ڏنو ھو، اھي ملاقاتون 1910ع ۾ شاديءَ جي مقدس ٻنڌڻن ۾ بدلجي ويون محترمه ايلسا سان ٿي، جنهن کي علامه آءِ آءِ قاضي جا شاگرد مڌر ڪري سڏيندا هئا اِها هڪ نهايت فضيلت ڀري خاتون هئي. سندن باري ۾ هڪ دفعي علامه آءِ آءِ قاضي فرمايو ته ”هن مون کي بنايو ۽ مون هن کي بنايو 1923ع واري ڏينھن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب خيرپور رياست ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ھئا، تن ڏينھن ۾ ايلسا قاضي مير علي نواز ناز جي ھڪ سنڌي عزل جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، نه رڳو ايترو پر انھيءَ دور ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب سان گڏجي ھُن سنڌ ۾ پوئٽري سوسائٽي جو بنياد وڌو ان ۾ سرگرم رھي. رڪارڊ مان 11 سيپٽمبر 1952ع تي پوئٽري سوسائٽي جي حيدرآباد واري شاخ ۾ ميرزا قليچ بيگ جي صدارت ھيٺ ھڪ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ پنھنجي جيون ساٿي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ سان گڏ شريڪ ٿي پنھنجون لکڻيون پڙھندي نظر اچي ٿي. 1932ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جڏهن انگلينڊ ۾ هو تڏهن پنهنجي جيون ساٿي محترمه ايلسا سان گڏجي جارج برناڊشا جي ناول “ايڊوانچر آف براوئن گرل ان هر سرچ فار گارڊ” ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ جي جواب ۾ “ايڊوانچر آف بليڪ گرل ان هر سرچ فار گارڊ“ ”ڪاري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ لکيو هو. علامه صاحب سنڌ جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو پڻ ترتيب ڏنو ۽ ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي فڪر ۽ فلسفي بابت ڪيترائي مقالا پڻ تحرير ڪيائين. جڏهن ته متفرقه موضوعن تي پڻ پُرمغز قسم جا مضمون لکي ڪتاب ”ڪَئيوئل پيپس اَيٽ سوفيه“ ڇپرايو جڏهن ته ميڊم ايلسا قاضي جي وفات کان ڪجھه سال اڳ سندس شاعريءَ جو آخري مجموعي ڊيپارچر آف ڊسگسٽيڊ ڪانشنس“ جي نانءَ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. سنڌ ۾ رھي ھن تمام وڏو ڪم ڪيو، سندس رڳو ھڪ نظم نم جو وڻ “نيم ٽري“ تعليم نصاب نائين ڪلاس جي انگريزي جي ڪتاب ۾ شامل آھن علامه صاحب جو زنده ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي جو قيام هو. پاڻ تن ڏينهن ۾ لنڊن ترسيل هئا جتان کيس گھرائي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو ويو. ان وقت سندس عمر 65 سال هئي. سندس دور ۾ ڪاپي ۽ سفارش جو نالو ئي نه هو. انتظاميه طرفان يونيورسٽي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪندو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا جي دور ۾ اهڙي مداخلت تي استعيفى ڏئي ڇڏيائين علامه آءِ آءِ قاضي جو جيءُ پنهنجي شريڪِ حيات جي وڇوڙي بعد جُھري پيو، جو ٻنهي زال مڙسن جي محبت مثالي هئي. گھر واريءَ جي وصال بعد پاڻ بلڪل تنها ٿي ويو هو 13 اپريل 1968ع ۾ المنظر سنڌو درياء جي ڪپر تي پير رکندي سنڌو درياءَ جي لهرن ۾ لهڙندو ويو پنهنجي جان سنڌو کي ارپي ڇڏيائين سندس آخرآرام گاهه سنڌيونيورسٽي ڄامشوري ۾ آهي ان عظيم انسان جي 115هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان عظيم انسان جي ياد ۾ اڄ تائين سندس جنم واري هنڌ پاٽ شريف ۾ ڪو يادگارچوبتڙو نه ٺهي سگهيو جڌهن ته ڪيترا دفعا اعلان پڻ ٿيا پر ان جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو اسان ٿقافت واري وزير سيد سردار شاهه کان مطالبو ڪيون ٿا ته هن عظيم انسان جي جنم واري هنڌ تي يادگار چبوتڙو ٺهرائي ڏنو وڃي . جيئن پاٽ شريف ۾ ايندڙ سياحن لاءِ مشڪلات آسان ٿي وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو