ڪتاب :- حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪتاب :- حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت
    ليکڪ:- مدد علي سنڌي (سنڌ)

    تاثرات:- ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي( هندستان)



    سنڌ جي زمين نہ ڏسي، حشو ڪئي فڪرات،
    مفڪرگمٿيڏني آ، شمشان کي بہ مات".

    محترم هيرو شيوڪاڻيسان ڪيترن ئي سالن کان جڏهن به منهنجي ملاقات ٿيندي آهي ته اڪثر هي صاحب مونکي سنڌ هند جي اديبن بابت ٻڌائيندا رهندا آهن. جن ۾ سنڌ جا خاص اديبمحترم جي ايم سيد، محترم محمد ابراهيم جويو،محترم شيخ اياز، محترم مدد علي سنڌي، محترم شوڪت حسين شورو، محترم مشتاق شورو، محترم تاج بلوچ، موهن مدهوش۽ هندستان جا ڪيترائيئي اديب جن ۾ خاص تيرٿ بسنت ۽حشو ڪيولراماڻي پر منهنجي ذهن تي ڪيترن ئي سالن کان خاص حشو ڪيولراماڻي جي ايتري ڇاپ ڇڏيل هئي جو وقت به وقت حشوء جي دردناڪ شخصيت دل ۽ دماغ ۾ ڇانيل رهندي هئي ۽ تمام افسوس ٿيندو هو حشو ڪيولراماڻي جو نالو کڻڻ سان اسان فخر محسوس ڪريون ڪن شرم؟
    فخر انڪري جو حشو ڪيولراماڻي جهڙي هڪ انقلابي، انمول رتن، گڻن جي کاڻ اسانجي سنڌي قوم ۾ جنم ورتو ۽ شرم انڪري جو هندستان جي سنڌي قوم اهڙي شخصيت کي جيئري ئي شمشان ڀوميء ۾ رهڻ لاء مجبور ڪيو.
    اسين سنڌي ايترا ناد وڄائيندا اهيون ورهاڱي کي اڄ 69 سال ٿي چڪا أهن پر سرڪار کان زمين وٺڻ ۾ اسمرٿ رهيا آهيون. خير زمين ته سرڪار جي هٿ ۾ آهي برابر سرڪار کان زمين وٺڻ ڪو سولو ڪم نه اهي. پر ڇا اسان سنڌين جي هٿ ۾ جيڪي ڪم اهن اهوايڪتا رکي اسان69 سالن تائين به ڪري سگهيان اهيون?

    اسانجي سنڌي سماج ۾ ضرورت آهي هڪ خاص ايماندار سچار ليڊر جي جيڪو ڪرسي پئسو۽ مان مان جو محتاج نه هجي. جيڪو سنڌين جي هرهڪ مسئلن تي ڌيان ڏي ٻين ذاتين ۾ حشو جهڙي ذاتي ڪنهن سان به ڪونه ٿي اهي ڇو جو هنن پنهنجا ليڊر مقرر ڪيا آهن. جيڪڏهن اسانجو به ڪو ليڊر هجي ها ته حشو جيئري ئي شمشان ڀومي کي ئي پنهنجي زمين سمجهي ڪونه اپنائي ها.
    مدد على سنڌي صاحب صفحي 43 تي محترم جي ايم سيد کي حشو ڪيولراماڻيء جي لکيل خط ۾ لکيو اهي:
    ”ڄيٺي ڀيڻ سپاهيملاڻي ۽ ڀائي پرتاب ڪڏهن ڪڏهن ملندا آهن. لکن جا مالڪ آهن. جيڪڏهن دل جي همت رکي مدد ڪن ها ته گهڻو ڪجه ڪري سگهان ها. پر موجودہ سمي ۾ هرڪو پنهنجي فڪر ۾ مبتلا اهي.
    " واه اسانجو سنڌي سماج"
    منهنجو اهو پنهنجو شخصي رايو آهي. مان بزرگ سنڌي اديبن کي حشو جي باري ۾ ڪوبه ڏوه نه ڏيندس. ڇو جو ورهاڱي جو طوفان گهڻو ڪري هر سنڌي مٿان منڊرايو. وري به شاباس آهي اسانجي بزرگ اديبن کي جن ورهاڱي جا درد سيني ۾ سانڍيندي، عيال کي پاليندي، پيت کي پتيون ٻڌندي، پردي پٺيان انسون وهائيندي ۽ پردي اڳيان مسڪرائيندي، همٿ ۽ حوصلو بلند ڪندي،ساهت سرجن ڪندي، سنڌي سماج جو ڳاٽ اوچو رکندي، اڄ جي پيڙهي لاء ساهت ذريعي گهڻو ڪجه ڪيو آهي، جنهن جا ڦل نوجوان پيڙهي ويٺي کائي ٿي۽ کائيندي رهنديپر هنن جيهٿن مان انمول رتن حشو ڪيولراماڻي نڪري ويو. ڇو جو اُن وقت اديب پاڻ ئي پوري ڀڳت وارا هئاسنڌي سماج جا سفيد پوش سماج سيوڪن ناميارين شخصيتن به حشوء لاء ڪجه نه ڪيو. اهڙا سنڌي سماج ۾ ڪيترائي مدا آهن پر خير منهنجو هتي اهو موضوع نه اهي هن موضوع تي لکبو ته وڏو گرنٿ ٿي ويندو.
    پر بس ان مها سنگهرش ۾ سنڌ جو انقلابي پٽ، حشو ڪيولراماڻي غائب ٿيندي، سڀني هندستان جي سنڌين کي لڄارائيندي، شمشان کي به مات ڏئي ويو.

    پيش لفظ : محترم محمد ابراهيم جويو

    ڪتاب جو پيش لفظسنڌ جي محترم محمد ابراهيم جويو جو لکيل اهي جنهن سنڌ ۾ رهندي سو سال جو سفر ته ڪندي، يعني هڪ صدي پوري ڪري چڪا آهن هن عمر ۾ به هنن جو لکيل پيش لفظ جي هڪ هڪ اکر ۾ حشو ڪيولراماڻي لاء پيار حب سڪ محبت ته ڇلڪي ئي ته حشو جهڙي دلبر دوست کان وڇڙڻ جون ائون به محترم ابراهيم جويو جي لفظ لفظ ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته اخرين سٽن ۾ مدد علي سنڌي جي ڪيل لاثاني ڪم لاء شاباسي ۽ دعائون ڪندي لکن ٿا
    "هي باب گمنام رهجي وڃي ها، جيڪڏهن انهيء کي مدد علي سنڌي ايڏي چاه ڀرئي پورهئي ۽ محنت سان عوام جي اڳيان نه آڻي ها. مدد علي جي حشوء سان اُنسيت ۽ سندس باري ۾ تحقيق ڪري حشو جي زندگيء جي مختلف پاسن کي اُجاگر ڪرڻ تحسيس لائق آهي. اءُ ساٿي مدد علي کي جس ڏيان ٿو. جنهن سنڌ جي انقلابي پُٽ جي ڪهاڻي اسان کي تفصيل سان ٻڌائي آهي"
    محترم محمد ابراهيم جويو جي رائي سان مان پڻ سهمت آهيان. مدد علي سنڌي صاحب هي ڪتاب لکي واقعي کوڙ کوڙ جس جا ڀاڳيدار آهن. حشو جيڪو سڄي زندگي قربانيون ۽ قربانيون ڏيندو رهو هن جون قرباني نه فقط شخصي زندگي ۾ رهيون پر سنڌيت سنڌي ٻولي سماج لاء بي مثال رهيون تنهن جي شخصيتکي مدد عليء صاحب پنهنجي لاثاني هنر سان ويهي چِٽيو اهي.

    مهاڳ: محترم موهن گيهاڻي
    هندستان جي محترم اديب موهن گيهاڻي صاحب جو مهاڳ "ديو قد شخصيت حشو ڪيولراماڻي" مهاڳ جو عنوان ئي پنهنجو پاڻ ۾ ئي ساراه جون سرڪيون ڀري ٿو .مهاڳ مهاڀارت جي ايڪ الويه جي ڪردار سان سهڻي۽ ٺهڪندڙ مثال سان شروع ڪندي، حشو ڪيولراماڻي جي ياداشتن کي تازو ڪندي، ورهاڱي کانپوء ڪيولراماڻي صاحب جي ڪتابن ڪالمن تي روشني وجهندي، ڪيولراماڻي صاحب سان واسطيدار "آکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا" جي ڪجه جهلڪيون پسائيندي، سنڌي ٻولي کي ڀارت جي اٺين شيڊول ۾ داخلا ڪرائن لاء حشو جي ٿيل جدوجهد جا عڪس چِٽيندي، ته حَشوء جي ڪجه شخصي زندگي جو احوال ڏيندي، حشو ڪيولراماڻي صاحب کي گرو ڪري سڏيو اهي.
    موهن گيهاڻي هي اهڙو عمدو مهاڳ لکي ڄڻ هندستان جي اديبن جو ٿورو ڪي گهڻو بوجو جهڪو ضرور ڪيو اهي.

    ٻه اکر : محترم شوڪت حسين شورو

    محترم شوڪت حسين شورو جي ٻن اکرن ۾ورهاڱي جهڙي مها پرلئ جي پيرا جو احساس ڪرائيندي، لفظ لفظ ۾ درد سمائيندي، حشوء لاء انتهائي پيار، محبت، سڪ اوتيندي، حشو جي ڏکن دردن کي ظاهر ڪندي لکن ٿا:
    "جن به خوش نصيب ماڻهن حشو کان سِکيو ۽ پرايو ۽ پوء تاريخ جا وڏا نالا بڻجي ويا. اُنهن به حشو سان انصاف نه ڪيو".
    هنن ٻن اکرن ۾ شوڪت صاحب ڪيترو نه گھرائي سان اڻ سڌي نموني جيونجي فلاسافي سمجهائيندي، مطلبي سماج ۽سنڌين جي انڪيتا جو احساس ڪرائيندي، حشو جي مول دکن جي ڪارڻ جو الڳ ادا سان ڌيان ڇڪايو آهي ۽ اهو به احساس ڪرايو آهي ته انسان ڪيترو خودغرض آهي جو حشو ڪيولراماڻي جهڙي شخصيت کي وساريندي سندس نالي کي لاپتا ڪيو ويوته گڏوگڏ شوڪت حسين شوروکي مدد على سنڌي لاء ڪيتري محبت سڪ اهي تنهن جون لاثاني جهلڪيون به پسڻ لاء ملن ٿيون. مدد علي صاحب لاء شوڪت صاحب لکن ٿا:
    "مونکي لڳندو آهي مدد علي سنڌي پاڻ دردوندي ديس جي تواريخ جي هڪ پراسرار شخصيت آهي. هو تواريخ جي الاجي ڪيترن دورن ۾ ڪيترا ڀيرا مئو آهي. مري وري جيئرو ٿيو آهي. هن جُڳن کان ڌرتيء تي ڪيترا پيچرا لتاڙيا آهن. ڪٿي ڪٿي ڀٽڪيو آهي ڪيترا ڀيرا ٿڪجي ساڻو ٿي ڪريو آهي، پر هر ڀيري ڪري وري اُٿيو آهي. ڪڏهن ٿڪل ٿڪل ساڻا ساڻا پير، ڪڏهن تيز تيز اڳتي قدم پر هو هلندو ئي رهيو آهي. ڳوليندو ئي رهيو آهي. وقت جي واريء ۾ گم ٿي ويل سنڌ جي ارڏن انوکن ڪردارن جي پيرن جي نشانن کي"
    شوڪت صاحب سهڻن ڪشش ڪندڙ هڪ هڪ شبد شبد ۾ پنهنجيدلبر دوست مدد علي صاحب جي بلند حوصلي جو سجدو ڪيو آهي. شوڪت صاحب جا هي ٻہ اکر دل کي ايترو چڀائين ٿا جو مدد علي صاحبلاء اول ئي کوڙ کوڙ عزت هئي پر هي ٻه اکر پڙهڻ کانپوء مدد علي صاحب لاء اڃان به وڌيڪعزت ڇڪ سڪ اُڀري اچي ٿي ۽ مدد على سنڌيء لاء دل مان کوڙ کوڙ ساريون دعائون نڪرن ٿيون.

    ڪتاب جي پٺين ڪور پيج تي ٻہ اکر رکيل مورائي صاحب:

    رکيل مورائي صاحب ڪتاب جي پٺين ڪور پيج تي ٻه اکر لکي ڪور پيج جي سونهن ته وڌائي آهيپر ٻن جملن منهنجو خاص ڌيان ڇڪايو.مورائيصاحب لکي ٿو:
    "اڄ جي ليکڪن شايد سندس (حشو ڪيولراماڻي) نالو به نه ٻڌو هجي"
    الاجي ڇو، مونکي خبر نه آهي، پر منهنجو هنن اکرن تي خاص ڌيان ويو. جڏهن سنڌ ۾ مدد على جو هي ڪتاب شايح ٿيو تڏهن هن ڪتاب جي خوشخبري هندستان جي ڪنهن بزرگ اديبواٽس اپ تي پوسٽ ڪئي. تڏهن هندستان جي هڪ نامياري بزرگ اديبا حشو ڪيولراماڻي جو ايتري عمر تائين نالو به نه ٻڌو هو. ظاهر آهي هُن اديبا ڪيرت ٻاٻاڻي جي آتم ڪٿا ۽ لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل جي آتم ڪٿا به نه پڙهي آهي، جن آتم ڪٿائن ۾ حشو ڪيولراماڻي جو ذڪر ڪيترائي دفعا ٿيل آهي. اها بزرگ اديباسنڌيت جا وڏا وڏا عام ته خوب هڻندي آهي ۽ پاڻ کي سنڌيت جو شيدائي سڏائيندي آهي.
    جن سڄي زندگي سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليء جي نالي سان ڪمايو تن ئي حشو جهڙي شخصيت کي ايترو نظر انداز ڪيو هو جو حشو جي نالي کان به هنن پاڻ کي محروم رکيو. اُن اديبا چئمبور ممبئي ۾ رهندڙ هڪ نيتا، سماج سيوڪ سداحيات حشو آڏواڻي سمجهندي تنهنجو مختصر احوال لکي فخر سان واٽس ائپ تي ميسيجز پوسٽ ڪيائين، سمجهيائين سنڌ مان حشو آڏواڻي تي ڪتاب شايح ٿيو.
    وڌيڪ ڇا چئجي ? ... ۽ بس.
    ۽ رکيل مورائي جو ٻيو جملو:
    " هي ڪتاب حشوء بابت تفصيل سان لکيل پهريون ڪتاب ته آهي پر شايد آخري ڪتاب به هجي"
    سنڌي ساهت جي نظم شاخ ۾ ڪوي ڪشنچند بيوس شاعري کي نئون موڙ ڏنو جنهن ڪري کيس ڪوتا جي باني سان سڏيو وڃي ٿو.
    مدد علي سنڌي پوري سنڌ هند جي قوم پاران پهرين شرڌانجلي جا گل چاڙهيندي سڀني اديبن ساهتڪارن کي ماضي ورق مان حال۾ گهلينديدر تي دستڪ ڏينديليکڪن لاء ڄڻ حشو جي يادنئين سر تازي ڪرائيندي، سڀني ساهتڪارن کي للڪاريندي، حشو ڪيولراماڻي کي شرڌانجلي ڏيڻ لاء هن ڪتاب ذريعي پڪار ڏني آهي ۽ مونکي پڪ آهي تہ مدد علي سنڌيء جي اها پڪار پڙاڏو ٿي هر سنڌيء جي ڪنن ۾ گونجندي.
    رکيل مورائي صاحب نراس نه ٿين. هي حشو تي پهريون ڪتاب لکندي مدد علي صاحب، ڪشچند بيوس وانگر سنڌي ساهتڪارن کي نئين سرللڪاريو آهي. اڃان حشوء صاحب تي ڪتاب ضرور لکجندا مدد علي صاحب جو هي پهريون ڪتاب آهي، پر آخرين ڪتاب نه آهي.

    ڪور پيج: موهن مدهوش
    ڪويتا پبليڪشن جي اداري پاران موهن مدهوش جيڪو ڪور پيج ٺاهيو آهي سو پنهنجو پاڻ ۾ ايڪتا جو بي مثال پرتيڪ آهي. اسانجي هندستان جي اديبن مان سڀ کان اول هيرو شيوڪاڻي صاحب جو هن ڳاله تي ڌيان ڇڪجو جنهن اڳيون ڪور پيج ڏسڻ سان چيو "ڪور پيج تي مسجد ۾ ڏيئو رکيل اهي"
    شيوڪاڻي صاحب جي چوڻ کانپوء ئي منهنجو به هن ڳاله تي ڌيان ڇڪجو. واقعي موهن مدهوش صاحب جي ڪتابن جا ڪور پيج تمام لاثاني ۽ ارٿ ڀريا هوندا آهن. موهن مدهوش صاحب اهو تمام لاثاني ڪم ڪيو آهي جو سنڌ ۽ هند جو ڀائيچارو قائم رکڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.شل سنڌ هند جي سنڌين جو ڀائيچارو سدا قائم دائم هجي

    ڪتاب جو ليکڪ: محترم مدد علي سنڌي:
    ڪتاب جي ليکڪ محترم مدد علي سنڌي لاء ڪجه لکان ان کان اول مان پنهنجو فرض ادا ڪندي شيوڪاڻي صاحب جو هن ڪتاب بابت رايودرج ڪريان ٿي.
    هيرو شيوڪاڻي صاحب جنهن لاء هندستان ۾ مشهور آهي تہ شيوڪاڻي صاحببي ڊپو، بي باڪ، ايماندار ۽ آدرش نقاد آهي. هن صاحب جا جڏهن به تنقيدي مقالا ۽ تنقيدي ڪتاب شايع ٿيندا ته ليکڪن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيندا آهن، اهو مان نه ٿي چوان پر ڪيترن ليکڪن وٽان مون ٻڌو آهي ۽ مان پڻ هنن جي راءِ سان سهمت آهيان.
    شيوڪاڻي صاحب ڪتاب پڙهڻ کانپوء مونکي فون ڪئي ۽ چيائين:
    "آفرين آهي مدد علي صاحب کي جنهن جي ڪتابمونکي سچ پچ تمام پريشان ڪيو. ڪتاب پڙهڻ کانپوءمنهنجي اصل ننڊ ڦٽي آهي. مدد علي صاحب هي حشو ڪيولراماڻيء جي ڪتاب تي جنهن هنر سان قلم هلائيندي، تواريخ جو گم ٿيل ناياب باب جو ناياب ڪتابجيڪو اسان هندستان جي لڳ ڀڳ سڀني ساهتڪارن کان وسري ويو تنهن کي پنهنجي قلم جي طاقت سان اسانجي اکين ۾ آب آڻي ڇڏيان جو اسانکي پڇتاءُ جو به احساس ٿيو آهي ته حشوء جهڙي جينيس ماڻهوءَ کي اسان سنڀالڻ ۾ اسمرٿ رهياسين. شاباس آهي مدد علي صاحب کي جنهن هي کوجناتمڪ ڪم ڪندي سنڌي ساهت کي انمولسوکڙي ڏني آهي"......... ۽ .. بس فون تي شيوڪاڻي صاحب جو آواز ڳوڙهو ٿي ويو.
    مدد علي سنڌي صاحب اتهاس جو اهو ورق اُٿلايو اهي جنهن ورق تي خاص هندستان جي اديبن جو ڌيان وڃڻ کپندو هو. شايد انڪري به ڌيان نه ڏنو ويو يا چئجي اُهو ورق جيڪو ڌنڌلو ڌنڌلو، دٻيل هو ۽دز ۾ ايترو لٿ پٿ هوجوڪنهن به پنهنجي قلم سان انکي صاف ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ياجئين شوڪت صاحب لکيو آهي جيڪو مان مٿي ڪوٽ ڪري چڪي آهيان، شوڪت صاحب جي اُنهن جملن سان سندن ٻہ جملا هت ٻيا به ڪوٽ ڪريان ٿي:
    "جن به خوش نصيب ماڻهن کي حشو جي صحبت ۾ گهڙين گهارڻ جو موقعو مليو، جن حشو کان سکيو ۽ پرايو ۽ پوء پاڻ تاريخ جا وڏا نالا بڻجي ويا، انهن به حشوءَ سان انصاف نه ڪيو. شايد انڪري جو "حشو بڙ جو گهاٽو وڻ هو ۽ هنن کي لڳو بڙ جي گهاٽي ڇانو ۾ سندن شخصيت وڌي وڻ ٿي ڪانه سگهندي"
    محترم شوڪت حسين شورو جي رائي سان مان پڻ سهمت آهيان. اهڙي گهاٽي وڻ جي هڪ هڪ ٽاريء جا دردناڪ آواز، دکن جون ائون، چيخون ۽ دز۾ لٿ پٿ ناياب ورق جي دز کي شفاف آرسي جيان صاف ڪندي مدد علي صاحب پنهنجي فن سان قلم هلائيندي، کوجنا ڪندي، حشو صاحب جي هڪ هڪ خط تي تحقيقي نظر ڦيرائيندي، ته حشو صاحب جي ڪهاڻي "پدما" جي ڪردار پدما معصومڙي نياڻي ذريعي حشوء جون انقلابي ائون دانهون جا پڙاڏا مدد صاحب ٻڌا آهن. انهن پڙاڏن جونپڪاريون هن ڪتاب ۾ اوتيندي ته گڏوگڏ حشو جي جايون جڳهين کي تلاشيندي، سنڌو جي ڪناري جي وادين کان حشو جي باري ۾ پڇائون ڪندي،اٺڪاٺيو ڪم ڪندي، يادن کي چٽو ڪندي، عام سامهون آڻيندي ڄڻ سنڌ هند جي اديبن کي نئين سر حشو کي ياد ڪرڻ، سوچڻ ۽ پڇتائڻ لاء مجبور ڪيو آهي.
    هي ڪتاب سنڌي ساهت ۾ اهو انمول خزانو آهي هن ڪتاب پڙهڻ کان پوء گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ضرور سنڌي قوم ۾ فرق آيو آهي ۽ ايندو، خدا ڪري جيڪڏهن وري ڪو حشو جنم وٺندو ته ضرور سنڌي قوم اُنجي پوري پوري حفاظت ڪندي. جنهن جو ثبوت اهو آهي جو مدد عليءَ حشو ڪيولراماڻي تي هن کوجناتمڪ ڪاريه ذريعي شرڌانجلي ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو سو سلسلو هاڻي ئي جاري ٿي ويو. هن ڪتاب جون مان ڀانيان ٿي هزار ڪاپيون جلد وڪامجي ويونته وريسنڌ ۾ ئي هن ڪتاب جو ٻيون ڇاپو روشني اداري طرفان پبلش ٿيو ته سنڌونگر جتي حشوء کي انتهائي دکن سان مونهن ڏيندي، شمشان ڀومي ۾ رهندي، لاپتا ٿيڻو پيو، اُن سنڌونگر مان حشوء کي سچي شرڌانجلي ڏيندي ڪونج جي اداري مان نند ڇڳاڻي صاحب ڪجه ڏينهن اول ئي ساڳي ڪتاب جو ڇاپو به شايع ڪيو.
    آخر ۾ مدد علي سنڌي کي مان سنڌ هند جي نوجوان پيڙهي طرفان اُٿي بيهي ڪري کوڙ کوڙ سارا سلام ڪريان ٿي. مان مدد علي سنڌي جي شڪرگذاري نه ٿي مڃان هڪ ته مان سنڌ هند جي اديبن کي پنهنجو پيڪو مائٽ مڃيندي آهيان ۽ مائٽن ۾ اهي فارملٽي ڀريا لفظ پنهنجائپ کان دور ڪري ڇڏيندا آهن. ٻيو ته سنڌ هند جي خاص نوجوان پيڙهي جيڪڏهن اسان مدد علي سنڌي جي شڪرگذاري مڃينداسين ته متان شڪرگذاري مڃڻ سان محترم مدد علي جا اسانجي پيڙهي مٿان ڪيل احسان ٿورا ڪي گهڻا دٻجي وڃن. انڪري سندن شڪرگذاري نه ٿا مڃون ته جنهن شل اسين نئين ٽهيء جا اديب سدائين مدد علي جي احسانن هيٺ دٻيل رهون.
    آخر ۾ مان محترم مدد علي طرفان شروع ڪيل حشو ڪيولراماڻيء کي شرڌانجلي جي رسم ادا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي پنهنجي لکيل نظم سان حشو ڪيولراماڻي کي شرڌانجلي ڏينديارپن ڪريان ٿي.

    سنڌ جو انقلابي پت حشو ڪيولراماڻي
    ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي


    ورق تواريخي،
    دٻيل،
    موهن جي دڙي جيان.
    ڪهاڻي نويس، ڪالم نگار،
    ڪرانتڪاري جذبو ڀريل،
    ساگر جيان.
    سنڌي ٻولي جو ماهر،
    انگريزي لغت جيان.
    سعيد، جويو، سوڀو،
    ۽ اياز جو رهبر رهيو،
    آدرش گرو جيان.
    سنڌو ڪناري،
    وحدت الوجود جا نظارا،
    ۽ سنڌ جو حسين منظر ڇڏي،
    جلاوطن ٿيو،
    باغيء جيان.
    دل جو شهنشاه،
    اپنايو جيئري ئي شمشان،
    آشياني جيان
    سنڌ جي زمين نه ڏسي،
    حشو کي ٿي فڪرات،
    غائب ٿي،
    شمشان کي ڏني مات،
    ماضيء جيان
    انتم گهڙيء تائين
    ساه سانڍيل سنڌ سان،
    سنڌوء جيان.
    گم ٿيل ورق، دز ۾ لٿ پٿ،
    ڌنڌلا ڌنڌلا عڪس، ڪيا چٽا،
    "مدد علي سنڌي"
    شفاف آرسي جيان.
    ڇا حشو وري جنم وٺندو
    سنڌي قوم ۾؟
    پڇي ٿو
    ڪيولراماڻي حشو
    اشڪ وهائي،
    ڇا ڪا زمين،
    جوڙي سنڌين هند ۾
    سنڌ جيان؟
    "سنڌيا" التجا ڪري
    خدا کي،
    الله سائين،
    شل ڪنهن انقلابي پٽ جو
    حال نه ٿي،
    "حشو" جيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو