سنڌيت جو هلچل جو ابو - اي جي اُتم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌيت جو هلچل جو ابو - اي جي اُتم

    ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي


    سنڌي قوم ۾ ڪن اهڙن لاکيڻن لعلن سپوتن جنم ورتوآهي. جن پنهنجي مڪمل جيوت سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت کي ارپن ڪري ڇڏي. جن جي جيون جو مقصد ۽ منزل فقط سنڌيت رهي. سنڌي قوم جو شان مان بلند ڪرڻ لاء سدائين سرگردان رهندا پئي آيا.
    جن هندستان جي سنڌي ساهتيه جي چونڪٺ تي پهريان ساهتڪ قدم رکندي، سنڌي قوم جو شان بلند ڪندي، هندستان ۾ وري نئين سر سنڌي ساهتيه کي جنم ڏيندي، سنڌي سماج جو ڳاٽ اوچو ڪيو.
    اهڙو ئي هڪ سنڌ سپوت، سنڌي آدب جي سر موڙ شخصيت، سنڌي ساهتيه جي پيڙه جو پٿر، سنڌيت جي هلچل جو مکيه ٿنڀو، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، پٽرڪار، سمپادڪ، کوجنيڪ ۽ نقاد، ساهتڪ کيتر جو ناميارو ساهتڪار ۽ مارڪسوادي ويچارڌارا جو ڪوڏيو اُتم اُتمچنداڻي سندس اصلوڪو نالو آسنداس ڄيٺانند اتمچنداڻي جنهن جو جنم 16 ڊسمبر 1923ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سنڌي ٻولي ۽ سنڌيتلاء پيار، حب، سڪ ۽ محبت کيس ورثي ۾ سندس ماتا پتا مان مليا. هن اسڪولي وديا پرائيندي ڪاليجي تعليم لاء رشي ديارام گدومل ڪاليج (موجودہ گورنمينٽ ڪاليج "ڦليلي" حيدرآباد) ۾ داخلا ورتي.
    اُن وقت سماجڪ ڍانچو بگڙيل هو. مهاتما گانڌيء جي هلايل هلچل "انگريز ڀارت ڇڏي وڃو" جا نعرا چوطرف گونجڻ لڳا.جنهن ۾ اُتم پڻ خاص بهرو وٺندي 1941 ۾شاگردن جي يونين قائم ڪئي. جنهن هلچل دوران هن کي جيل پڻ ڪيترائي دفعا ڀوڳڻو پيو. سنڌ ۾ هي سوڀي گيانچنداڻي، سائين جي. ايم. سيد، حشو ڪيولراماڻي، ڪرشن کٽواڻيءَ ۽ ٻين جو ساٿي پڻ رهيو.
    جوانيء ۾ ئي ساهتيه سرجن جي شروعات ڪنديپهريون مجموعو 1945 ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ "سرحدجوگانڌي" (جيوني)شايع ڪيو.
    1945- 46 ۾هن ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ "ڦليلي" مخزن جي سنڌي سيڪشن جو پهريون اسٽوڊنٽ ايڊيٽر اُتم رهيو. جنهن ۾ هي عالماڻا ليک ۽ ڪهاڻيون شايع ڪندو هو.1946 ۾ هن حيدرآباد ۾ ئي ليکڪن ۽ ڪلاڪارن کي ميمبر ڪندي هڪ يونين گروپ ٺاهي جنهن گروپ جا ميمبر منگهارام ملڪاڻي، گوبند مالهي، تيرٿ بسنت ۽ ڪلياڻ آڏواڻي پڻ هئا. اُن گروپ جو مکيه مقصد ساهتڪارن ۽ ڪلاڪارن کي اڳتي وڌائڻ هو.
    14 - 11- 1947 ۾ هن جي پيار جي شادي سڳني نارواڻي نالي ڇوڪريء سان ٿي. جيڪا ڪاليج ۾ ساڻس پڙهندي هئي ۽ جا پوء ڪجه وقت” ساٿي" مخزن جي جوائنٽ اڊيٽر بڻي ۽ اڳتي هلي هندستان جي ساهتڪ کيتر ۾ سندري اُتمچنداڻي جي نالي سان مشهور ٿي ته آسنداس ڄيٺانند اتمچنداڻي اي. جي. اُتم نالي سان ڄاتو سڃاتو ويو.
    1947 جي بدنصيب ورهاڱي سبب اُتمچنداڻي خاندان کي پڻ ٻين سنڌين جيان ڀارت طرف رخ ڪرڻو پيو.
    پهرين ڪجه وقت بڙودا ۽ پوءممبئي ۾ اچي ٿائنڪا ٿيا. جتياُتم ۽ سندري ڪجه وقت سرڪاري نوڪري ڪئي. اُتم 1960 تائين سيڪريٽريٽ جي نوڪري ڪئي ۽ نوڪري ڪندي بامبي (جنهن کي هن وقت ممبئي سڏيو ويندو آهي) يونيورسٽيء مان ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪئي ۽ واردا مان هنديء ۾ ڪوود پڻ ڪئي.
    جئين ته 1960 ۾ بمبئي راجيه کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، هڪ مهاراشٽرا بڻيو ۽ ٻيو گجرات. اُن وقت اُتم بمبئيء جي سچيواليه ۾ نوڪري ڪندو هو. سرڪاري ڪرمچارين مان ڪن کي گجرات سچيواليه ۾ نوڪريء لاء، احمد آباد ۾ بدلي ڪيو ويو. اُتم جي به احمد آباد ۾ بدلي ٿي، ڪوششن جي باوجود وري ممبئيء ۾ بدلي نه ٿي سگهي. جنهن ڪري اُتم نوڪريء تان استيعفا ڏيئي ڇڏي. ۽ پوء پنهنجو هرهڪ پل سنڌيت صدقي قربان ڪيو. اُتم سرڪاري نوڪري ڪندي ئي ڪن دوستن سان گڏجي "نئون ساهتيه منڊل " برپا ڪيو جيڪو اڳتي هلي 1949 ۾ "سنڌي ساهتيه منڊل" جي نالي سان مشهور ٿيوجيڪو پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي رهنمائيء ۾ ڪيترائي سال هلندو رهيو. ۽ هن منڊل جو پهريون سيڪريٽري اُتم ئي رهيو.
    ممبئي ۽ الهاسنگر جا نوان ليکڪ ۽ شاعر هنمنڊل طرفان هلندڙ هفتيوار ادبي ڪلاسن ۾ويندا هئا. جتيسندن رچنائن تي تنقيد ٿيندي هئي. در اصل سنڌيت جي هلچل جو بنيادي پلئٽفارم هن منڊل طرفان ئي شروع ٿيو.
    1956 ۾ ايشين ليکڪ سميلن پروفيسر منگهارام ملڪاڻيء جي اڳواڻيء ۾ ٿي. جنهن ۾ساهتڪارن جو وڏو ميڙ شامل ٿيو. جو 1957 ۾ دهليء ۾ ڪنويشن ٿيو. جنهن مان ئي " آکل ڀارتيه سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا" جو بنياد پيو. ۽ هن سڀا جو به پهريون اُتمسيڪريٽري بڻجندي، سيمينار سميلن ڪندي، سنڌيت جي ڪيترن ئي ڪمن کي سر انجام ڏنو.
    هن سڀا جو اُتم کان پوء ڪجه وقت گوبند مالهي سيڪريٽري بڻيو. ۽ صدر پروفيسر بي. ايڇ ناگراڻي هو. سڀا جا ڪم ٺپ ٿيڻ لڳا ليکڪن ۾ مايوسي ڇائنجڻ لڳي. اُن دور ۾ اُتم وري سڀا ۾ نئين سر جان ڦوڪڻ لاء هڪ وڏي شاهي سميلن ڪوٺائيندي، سڀا جي اوسر لاء سنڌيت جا ڪاريه لڳاتار ڪندو رهيو.
    ائين به نه آهي ته ڪو گوبند مالهي ۽ ناگراڻي سنڌيت جي هلچل لاء ٻيو ڪجه نه ڪيو. حالانڪ هنن سڀا جي جوابداري ڪونه نڀائي. پر پنهنجا الڳ طريقا اپنائيندي سنڌيت کي اڳتي وڌائڻ لاء ڪا ڪسر ڪون ڇڏي.
    ساهتڪ کيتر ۾ اُتم اُتمچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ گوبند مالهي کي سنڌي ترقي پسند اديبن جي ٽمورتي سڏيو ويو. سنڌي ٻولي کي هندستان ۾ وري نئين سر پختو ڪرڻ لاء هنن ٽنهي ساهتڪ ابن تمام گهڻي جفاڪشيء سان تحريڪ هلائيندي ٻين ساهتڪارن سان گڏجي سنڌي ٻوليء کي 1967 ۾ هندستان جي اٺين شيڊول ۾ تسليم ڪرايو.
    سنڌ کان شروع ٿيل ساهتڪ مخزن " نئين دنيا" 1948 ۾ هندستان ۾ وري نئين سر شروع ٿي. جيڪا مارڪسوادي متي موجب آيڊيٽوريل بورڊ هلائي. اُتم پڻ اُن بورڊ جو ميمبر هو.
    1957 بورڊ ۾ "نئين دنيا" مخزن بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر اُتم اها بند ٿيڻ نه ڏني. هن شخصي طور اها جوابداري نڀائيندي ثابت قدم رهيو.
    اُتم جي سمپادڪيء هيٺ "نئين دنيا" ايتري اوج تي رسي جو هرهڪ ليکڪ جي اها چاهنا رهي ته سندس لکڻي "نئين دنيا" ۾ ڇپجي "نئين دنيا" جي هاڪ نه فقط هندستان پر سنڌ ۾ به تمام ڦهلي سنڌ جي عالمن "نئين دنيا" مخزنبابت جيڪي عالماڻا رايا پيش ڪيا آهن. سي "نئين دنيا" جي پرچن ۾ شامل آهن. "نئين دنيا" مخزن سنڌي ساهتيه ۾ سوين نوان ليکڪ پئدا ڪيا. گهٽ ۾ گهٽ 500 اصلوڪيون ڪهاڻيون، 200 مضمون، ۽ 1000 جي تعداد ۾ شعر شايح ٿيا. جن ادب جي کيتر کي مالا مال ڪيو.
    اُنهن ليکڪن ۽ شاعرن کي اُتم اُتمچنداڻي اجورو ڏيڻ جي روايت پڻ شروع ڪئي ۽ "نئين دنيا" طرفان ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿيا. نه فقط ايترو پر اُتم خاص سنڌيت جي شيداين جو قدر ڪندي، ساهتڪارن کي انعام ڏيندي کين سنمانت پڻ ڪندو رهيو. پهرين ترقي پسند ليکڪا گلي سدارنگاڻيء کي ڏه هزار ڏيئي سنمانت ڪيو. تنهن کانپوء هوء جڏهن نه رهي. هندستان جي قوم کيس وساري ڇڏيو. جنهن جي ياد اُتم ئي نئين سر تازي ڪرائي ۽ هن جي نالي سان هر سال چونڊ ساهتڪارن کي انعام پڻ ڏيندو هو.
    اُتم سنڌ کان ئي "نئين دنيا" ڪتاب گهر قائم ڪري ترقي پسند ادب کي ڇپڻ شروع ڪيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ40 سالن تائين ”نئين دنيا“ مخزن هلائي. نئين دنيا جا اُهي انڪ اڄ به کوجنا ڪندڙن لاء ڪارائتا ۽ اهم دستاويز ثابت ٿيا آهن.
    1972 ۾ ساڳئي ڪار" سنڌو ڌارا" اخبار سان پڻ ٿي. جڏهن "سنڌو ڌارا" کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته اُتم وري نئين سر دوستن ۾ اتساه جاڳائيندي، پاڻ تي جوابداري کڻندي، "سنڌو ڌارا" پڻ ڪيترائي سال هلائيندو رهيو ۽ آخر ۾ اها بند تڏهن ٿي جڏهن 1976 ۾ "سنڌو سماچار" روزاني اخبار شروع ڪئي ويئي.
    "جهولي لعل" اخبار پڻ بند ٿيڻ تي هئي جو هن اخبار جو هرتا ڪرتا ۽ سمپادڪ ديال موٽواڻي جڏهن نه رهيو ته اُتم اها پڻ جوابداري نڀائيندي لڳاتار اخبار هلائيندو رهيو.
    جيڪڏهن سنڌيت جي هلچل جا اتهاسڪورق اُٿلائجن ته خبر پوندي دراصل اُتم ئي سنڌيت جي هلچل جي بنياد وجهندڙن ۾ اهم شخصيت هو. جتي ڪا سنڌي سڀا ٺپٿي يا ڪا سنڌي ميگزن سنڌي اخبار بندٿئي. اُتي هنپاڻ پتوڙيندي اُنهنڪارين جو سلسلو جاري رکندو آيو.
    اُتم جي ساهتڪ قلم مان سندس 15 اصلوڪا مجموعا شايح ٿيا. انهن کان سواء ڏهاڪو کن ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيا. جن جي ڪجه ڪتابن جي وچور هن ريت آهي.
    *. ادب ۽ تنقيد
    *. ڀارت جو دوست "لينن"
    *. ڀارت روس دوستي
    *. فنٽيئر گانڌي
    *. ڪشمش
    *. ليکراج عزيز
    *. مهاتما ۽ لينن
    *. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي
    *. ساهتڪ پرک
    *. ساهتيه
    *. سرحد جو گانڌي
    *. سنڌي ڪهاڻي ناٽڪ ۽ تنقيد
    *. سنڌي ساهتيه ۽ تنقيد
    *.سنڌي ساهتيه
    *.سوويت سرگ
    *.سجاڳ سنڌي
    *.ٽئگور هڪ جهلڪ
    *. وجه لڪشمي پندت

    سندس عبارت بلڪل سڌي سنواٽي بنا ڪنهن وروڪڙ جي سندس ٻوليء مان سندسبيباڪيء جون جهلڪيون ملن ٿيون. سندس ڪهاڻيون هند توڙي سنڌ جي مخزنن رسالن ۽ ڪهاڻين جا مجموعا ور ور پئي ڇڏيا سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين جا ترجما اُردو، هندي، گجراتي، بينگالي، مليالم، اُڙيا، ۽ انگريزي ته سندس هڪ ٻه ڪهاڻي روس جي ڪن ٻوليون ۽ جرمن ٻوليء ۾ پڻ ترجمو ٿيل آهن شايد ئي ڪنهن سنڌي ساهتڪار جو ساهتيه ايترين ڀاشائن ۾ ترجمو ٿي چڪو هجي. مان ڀانيان ٿي هن شرف جو حقداراُتم ئي آهي.
    هندستان جي سنڌي ساهتيه جو اتهاس گواه آهي اُتم جي خاندان جي ٻن پيڙهين سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي لاء جيڪا جاکوڙ ڪئي سان بي مثال آهي ئي. پر سندس پٺيان ٻيون ٻه پيڙهيون سندس نياڻي آشا چاند ته سندس ٻار به اُتم جي نقش قدمن تي هلندي پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
    سنڌيت جي کيتر ۾ ٻئي ڪنهن به ليکڪ جي خاندان جي چئن پيڙهين سنڌيت لاء يوگدان ڪونه ڏنو اهي. جيڪو شرف پڻ اُتم خاندان کي صاحل آهي.
    ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ گوبند مالهي جي آتم ڪٿا اتهاسڪ ورقن طور سنڌي ساهتيه ۾ آهي .جيڪڏهن اُتم جي آتم ڪٿا شايح ٿيل هجي ها ته سنڌيت لاء ڪيل سندس خذمت جون بيشمار اتهاسڪ جهلڪيون پسڻ لاء ملن ها. ۽ سندس آتم ڪٿا ۾ به اوتري ئي سچائي هجي ها جهڙي مهاتما گانڌي جي آتم ڪٿا ۾ آهي.
    جيڪڏهن سندس سڀاءُ جو ذڪر ڪجي ته هي شخص تمام ايماندار، سچار، آرادن جو نيڪ، اصولن جو پڪو ۽ بي باڪ هو. جنهن جو ثبوت سندس گهٽ دوست هئا. جئين اڪثر ٿيندو اهي حالانڪ ڪي هن جا دوست ايترا ڪونه هئا. پر پوء به هرڪو ساهتڪار هن جي ايمانداريء ۽ سچائيء کي سلام ڪرڻ کان سواء رهي ڪونه سگهندو.
    پر افسوس ساهتڪ کيتر جو آبو، سنڌيت جو سچو عاشق، اُتم 3 جنوري 2005 ۾ ادب جي ميدان ۾ هڪ اهڙو خال ڇڏي ويو. جيڪو خال ڪڏهن به ڪوئي ڪونه ڀري سگهندو.
    اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي تمام تنگ دور مان گذري رهي آهي. اهڙي وقت تي اتم جا ڏک ڀريا لفظ شل هر سنڌيء جي ڪنن تي پڙاڏو ٿي گونجن. اُهي اُتم جا ڏک ڀريا لفظ آنءُ هت پيش ڪريان ٿي:
    "مان سنڌي لپيء کي ئي پنهنجي ٻولي، ساهتيه ۽ سنڌيت جي سڃاڻپ ۽ اُن جي نشاني ٿو سمجهان. مان ديوناگري سنڌي وارن سان سمجهوتو اصل ڪون ڪندس جو ان کي سنڌيت ۽ سنڌي جاتيء جو دشمن ٿو سمجهان. نه مونکي ڪو انعام کپي يا ڪو ٻيو مفاد گهرجي مون پنهنجا حاصل ڪيل انعام ٻين کي ڏيئي ڇڏيا. مونکي خبر آهي ته سنڌيء جو واهپو گهٽيل آهي پر اُن جي لاء گهڻي ۾ گهڻو ذميوار سرڪار ۽ ساهتڪار پاڻ آهن جيڪي اڪثر نه ٻارن سان گهر ۾ سنڌي ڳالهائين ۽ نه کين سنڌي سکيا ڏيڻ تي زور ڏين. شال سرڪاري عملدارن ۽ اڳواڻن، ساهتڪارن ۽ ٻين سنڌين کي سُمت اچي" .....
    ۽ بس ...
    آخر ۾ ايترو چوندس
    شال سنڌ هند جي سرڪار کي سمجه اچي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو