نيرون ڪوٽ کان عمر ڪوٽ تائين

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2019۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    ڊسمبر جي مهيني سخت سياري ۾ مولوي فجر جي آذان ڏئي رهيو هو ته نرم بستري تان اٿي فريش ٿي ناشتو ڪري اسڪولي يونيفارم ( پينٽ شرٽ) پائي گهر کان ٻاهر نڪتس ان وقت اڃا صبح مس ٿيو هو زندگي جي نئين ڏينهن جي شروعات ٿي وئي هئي هر طرف شور شرابو لڳو پيو هو گهٽي ۾ ڪتا ڀونڪي رهيا هئا وڻن تي پکي مٺڙو آواز ٻولي رهيا هئا هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ سياري جي ٿڌي هير لڳي رهي هئي چئني طرف ماحول خوشگوار هو مان اسڪول طرف وڃي رهيو هئس .
    اڄ اسان جو اسڪول طرفان عمرڪوٽ ڏانهن (پڪنڪ) رکيل هو انڪري اسان کي پوري ستين وڳي شاهہ لطيف پبلڪ اسڪول قاسم آباد حيدرآباد پهچڻو هو مان به وڃي ساڍي ڇهين وڳي اسڪول پهتس مونکان پهريان ڪافي شاگرد اچي ويا هئا ڪجهه اچڻ واراهئا برحال اسان جي بس ساڍي ستين وڳي شاهه لطيف پلبڪ هاء اسڪول قاسم آباد حيدرآباد بيٺي جتان اسان سڀ ان بس ۾ چڙهياسين بس ڀٽائي ٽائون ماروي ٽائون واري روٽ کان ٿيندي باء پاس تي چڙهي حيدرآباد کي الوداع چئي ميرپور خاص جي روڊ کي ڀليڪار چيائين بس جاڪارا ڦيٿا ميرپور جي ڪاري روڊ تي گڏجي هلڻ لڳا ٻئي هڪ ٻئي جي ڪشش سان ملندا هليا هڪ طرف انبن جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا ڪٿي ڪٿي تہ ڪيلن ۽ زيتون جا وڻ به ڏسڻ آيا تہ، ٻئي پاسي ريل جي پٽڙي اسان سان ٽنڊوڄام تائين ساٿ ڏئي هلي ٽنڊي ڄام پهتاسين تہ سنڌ زرعي يونيورسٽي ڏسڻ ۾ آئي جنهن کي جنت السنڌ نالي سان سڃاتو ويندو آهي رستي سان مختلف ماڳ مڪانن کي لتاڙيندا اچي ميرپور خاص پهتاسين جتي اسان جي بس هڪ سي اين جي تي بيٺي اسان اتي مانجهادو ڪري چانہ جا چسڪاچسڪا هڻي عمرڪوٽ ڏانهن روانا ٿياسين عمر ڪوٽ ويندي ٻنهي پاسن کان ڦٽين جو فصل ڏسڻ ۾ آيو جتي ٿر جا ماروئڙا ڦٽي چونڊي رهيا هئا .
    ميرپور خاص کان اٽڪل ستر 70 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي عمرڪوٽ آهي عمر ڪوٽ ٿر جو دروازو چيو ويندو آهي هي شهر اتان شروع ٿئي ٿو جتان واري جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون . جيئن هر شهر جي پنهنجي پنهنجي الڳ سڃاڻپ هوندي آهي تيئن هي شهر به پنهنجي قلعي جي ڪري مشهور آهي هن شهر کي پرمار سوڍي اڏاريو هو وري هن شهر تي سومرن قبضو ڪيو وري سوڍن جي هٿ ۾ رهيو ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان نور ڪلهوڙو جي قبضي ۾م رهيو جنهن شهر کي چوطرف ديوار ڏيارائي جوڌپور جي راجا کي وڪڻي ڏنو 1813ع ۾ ٽالپرن هن شهرکي هٿ ڪيو هن شهر جي ڪنهن وقت ايراضي 1400 کان 15 ميل هئي ماضي ۾ هن شهر جا مختلف نالا رکيا ويا جن ۾ پدماٽ امراڻو امرڪوٽ نالي سان سڏيو ويندوهو موجوده شهر جو نالو عمر ڪوٽ آهن هي اهو شهر آهي جتان جو لوڪ داستان عمر مارئي کي مشهور آهي عمر سومري پنهنجي ڏاڍ تي مليرواسي مارئي کي اغوا ڪري قيدڪيو هو .
    اسان جي بس بہ عمر ڪوٽ شهر کان ٿيندي هاء اسڪول عمرڪوٽ پهتي جتي اسان جي استقبال لاء اتان جا شاگرد استاد اڳم ئي بيٺل هيا انهن اسان جو شاندار استقبال ڪيو اسان ان اسڪول ۾ مانجهادو ڪيو ٿو اسان اتان پنڌ شاهي قلعي طرف وڌياسين شاهي بازار کان ٿيندي قلعي جي مک دروازي تي پهتاسين قلعو پورو زبون حال لڳي رهيو هو ٻاهر ديوارن تي سياسي پمفليٽ اشتهار لڳا پيا هئا جيڪي قلعي جي سونهن جا ويري هئا . قلعي جي ديوار ايتري وڏي ۽ ويڪري هئي جو هڪ وقت ٻہ گهوڙا آرام سان اها ديوار پار ڪري سگهن پيا .
    قلعي اندر هڪ ميوزم (عجائب گهر )جيڪو حڪومت پاڪستان آرڪيلاجي طرفان 1968ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو جنهن ۾ مختلف دور جا سڪا هٿيار هٿيار قلمي نسخا مجسما وغيره هو هن ميوزم کي ٻيهر تڏهوڪي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو طرفان 1990ع ۾ تعمير ڪرايو ويو جنهن ۾ هن مورتيون مندرن جا پٿر ۽ ٺڪرن جا ٿانون ۽ٿر جي خوبصورتي ڀالوا شهر جي کوهه جو نظارو بہ رکيو ويو هن ميوزم جي ٻاهران هڪ پارڪ به آهي جنهن ۾ نمن جا وڻ لڳل آهن قلعي اندر ساڄي پاسي هڪ ڳاڙهين سرن سان ٺهيل هڪ عمارت آهي جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها ان وقت جو قيدخانو (جيل ) هو جنهن ۾ عمر سومري مارئي کي قيد ڪيو هو .
    اسان اڳيان شاهي قلعي جي مينار تي چڙهڻ لڳاسين 30 کان 40 ڏاڪن تي ڏاڪڻ (سيڙهي) مشتمل هئي اتي مٿي ميرن جي دور جا مليل 2توفون به پيل هئا چيو وڃي ٿو ته ڪنهن وقت ۾ اتي اها فن جو تعداد 3 هو هڪ توفو ڪنهن سرڪاري يا سياسي ڪاموري جي رحم و ڪرم سان شهر جي هڪ چوڪ تي رکيو ويو جيڪو ڪنهن يتيم لاوارس ٻار وانگر پيو آهي اهڙي طرح مينار تي هڪ اينٽنا لڳل هئي تمام ڊگهي جنهن بابت ڄاڻ نه ملي تہ اها ڇاجي هئي مينار ايترو مٿانهون هو جو پورو عمر ڪوٽ ڏسي سگهجي پيو هڪ پاسي عمرڪوٽ جو شهر ۽ زرخير زمين جنهن ۾ ڦٽين جو فصل پوکيل هو نظر اچي رهيو هو
    ٻئي طرف ٿر جي واري جون ڀٽون پري پري کان نظر اچي رهيو هيون هن قلعي ۾ هڪ عيسائي انگريز جي قبر به آهي جيڪو شايد ڪنهن وقت اتان جو ميئر هو اسان عمر ڪوٽ وارو قلعو گهمي ٻاهر نڪري واپس نڪري بس ۾ چڙهياسين جيڪا نانگ جيان وڪڙ ڏيندي هڪ هنڌ اتي هڪ شنهشاهه جي جنم واري جاء تي وياسين اهو شهنشاهه جونالو اڪبر بادشاهه آهي تاريخي حوالن مان ثابت ٿئي ٿو تہ جڏهن شير شاهه سوري جڏهن همايون بادشاهه کي شڪست ڏئي هندستان مان ڪڍيو تہ همايو بادشاهه دادو ضلعي جي تاريخي شهر پاٽ شريف ۾ آيو جتان هڪ بزرگ شيخ علي اڪبر جامي عرف بابا دوست جي نياڻي حميده بانو سان پاٽ شريف ۾ شادي ڪيائين ڪجهه عرصو رهڻ پاڻ سفر تي نڪتا حميده بانو ڳورهاري (اميد سان ) هئي جنهن کي عمر ڪوٽ 1546ع ۾ اڪبر بادشاهه ڄائو اڪبر بادشاهه جي پيدائش واري جاء تي 1898ع هڪ يادگار چبوتڙو ٺهرايو هو جيڪو اڄ به موجود آهي
    هي ڳاڙهين سرن سان ٺهيل آهي هن جي چوڌري هڪ پارڪ آهي جنهن ۾ مختلف قسمن جا گل آهن هي چبوتڙو تمام بهترين سهڻو ڏسڻ وٽان هو
    اتي ئي اسان کي اونداهه پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ اسان بس ۾ چڙهي عمر ڪوٽ کان موڪلائي حيدرآباد طرف روانا ٿي وياسين روشنين سان گڏ حيدرآباد پهتاسين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو