سهڻا سهڻا پيارا ٻار تي هڪ نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2019۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    124
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    سهڻا سهڻا پيارا ٻار تي هڪ نظر
    تبصرو مير سردار چنڙ
    دنيا جي هربولي جي هر ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي صنف کي الڳ مقام بخشيل آهي اتي ٻاراڻي ادب کي تمام گهڻي اهميت آهي ڇوجو ٻار اسان جو مستقبل آهي ٻار کي ئي اڳتي وڌڻو آ ان جي ذهني نشونما لاء ٻاراڻو ادب تمام ضروري آهي دنيا جي ٻين ادب ۾ ٻاراڻو ادب سٺو سرجي پيو ان تي باقاعدي ڪئي / ڪرائي وڃي ٿي .انهن کي تربيت ڏني وڃي ٿي .
    پر افسوس اسان جي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب کي ڪو خاص مقام بخشيل ناهي. تنهن ڪري سنڌي ادب ٻاراڻو ادب گهڻو لکيو نٿو وڃي .
    ان جا آخر ڪارڻ ڪهڙا آهن ؟
    جو اسان جي سنڌي ادب مان ٻاراڻو ادب ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو وڃي ٿو . ٻاراڻي ادب جا ليکڪ گهٽجندا وڃن ٿا آخر ڇو؟ سڀ پهريون مسئلو اخبارن رسالن جو آهي جيڪي هڪ ليکڪ جي همت افزائي ڪندا آهن . سنڌي ادبي بورڊ طرفان گل ڦل ميگزين نڪرندو هو جنهن سوين ليکڪن کي جنم ڏنو پر اهو ميگزين به اڄڪلهه انا لله وانا اليه راجعون لڳو پيو آهي . سنڌ ۾روزانو ڪيتريون ئي اخبارون رسالا نڪرن ٿا پر انهن ۾ سنڌ ادب جي ٻين صنفن کي جاء ڏني وڃي ٿي پر ٻاراڻي ادب لاء پرچا شايع تي دل مطئمن ناهي. ڇا ٻاراڻو ادب سنڌي ادب جو حصو ناهي ؟
    اگر آهي ته ان جا حق ڪٿي آهن ؟ ڇونٿا ملن؟ پر ان هوندي به ڪجهہ اخبارون آهن جيڪي هر هفتي ٻاراڻي ادب جا صفحا شايع ڪن ٿيون جن ۾ ٻارڻي ادب جون ڪهاڻيون شاعر شايع ٿئي ٿي .
    ٻيو مسئلو اهو آهي ته هن وقت تائين ٻاراڻي ادب لاء ڪا تنظيم ادارو ناهي اگر آهي به ته اگهور ننڊ پيل آهي مطلب ڪو ڪم نٿو ڪري اگر ڪم نہ ڪندو ڪا تنظيم نه هوندي ته ڪا سيمينار نه ٿيندي ڪا ڪانفرنس نه ٿيندي ڪو چلڊرين لٽريچر فيسٽيول نه ٿيندو ته ٻاراڻي ادب جي ليکڪن کي تربيت ڪير ڏيندو ؟ انهن مالڪي ڪير ڪندو ؟ انهن جاڪتاب ڪير ڇپائيندو ؟ اگر مالڪي نه ٿي ته پوء معياري ڪيئن لکندا .
    سنڌي ادبي سنگت ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم هئي جيڪا بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي لکين ليکڪن کي گڏ کڻي هلندي هئي . ان ماضي ۾ ڪجهه ٻاراڻي ادب لاء ڪم ڪيو هو .
    خبر ناهي ڪنهن بدخت جي نظر لڳي وئي جو ان کي گلاب جيان ٽوڙي مروڙي ٻن حصن ۾ تقصيم ڪيو ويو نظر هههههه ڪهڙي نظر ڇاجي نظر هيء ڪا رڍ ٻڪري هئي ڇا جو نظر لڳڻ ڪري پئي جو ڪنهن ڀوپي کان تعويز وٺي پارايونس ته ٺيڪ ٿي وڃي پر هي ته هڪ لکين ميمبرن جي تنظيم هئي هن کي به ميرن جيان پنهنجي ئي گهر مان لڳي مطلب ته پنهنجن ادبين ئي ٽوڙيو صرف نالو ڪمائڻ لاء جي چڪر ۾ هئا برحال ان ۾ پنهنجو ڇا انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهڙي منهنجي چوڻ جو مطلب ته سنڌي ادبي سنگت جي ٻنهي ڌڙن هن مهل تائين ٻاراڻي ادب لاء ڇا ڪري رهيا آهن / ڇا اڳتي ڇا ڪندا ؟
    دنيا وڃي چنڊ تي آ اسان جو شاهوڪار سنڌي ادب ٻاراڻي ادب کان محروم ٿيندو وڃي پيو
    هن وقت جيڪڏهن مارڪيٽ ڏانهن نظر ڦيرائجي ته ٻاراڻي ادب جا ڪتاب تمام ٿورا هونداڪتاب گهرن ڪتاب تمام گهٽ آهن اگر آهن به تہ 90/2010 تائين جا ڇپيل آهن بعد ۾ ڇپيا به آهن ته تمام گهٽ وڏوالميو اهو آ ته مارڪيٽ ۾ ٻاراڻي ادب جو ڪو به ناول موجود ناهي . سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ لينگويج اٿارٽي روشني پبليڪيشن وارا ٻاراڻي ادب جي ڪتاب ڇپائي ۾ تمام گهڻا هئا پراڄڪلهه خاموش ٿيندا وڃن پيا .انهن کي گذارش آهي ته ٻيهر ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ ڏيو ڪجهه ٻاراڻي ادب جا ناول مارڪيٽ ۾ آڻيو ٻاراڻوادب بچايو . اگر ڪنهن کي تڪليف پهتي هجي ته معافي وٺان ٿو .
    اگر اهي ئي اسان جا افعال رهيا ته ٻاراڻو ادب ۾م ٻيهر رونڪون آڻڻ محال آهن سو خدارا ڪجهه ٻاراڻي ادب تي رحم ڪريو ان کي پنهنجا حق ڏيو اوهان جي ٻارن جو مستقبل آهي .
    برحال سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جا چند ليکڪ بچا آهن انهن ۾ رڪ اسٽيشن جي مٽي مان جنم وٺندڙ نصرالله مهر به هڪ آهي جيڪو ٻاراڻي ادب لاء لکي رهيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو ڪم آهي نصرالله مهر پهرين اپريل 1982ع تي شڪارپور جي شهر رڪ اسٽيشن تي غلام نبي مهر جي گهر ۾ اک کولي ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين وڌيڪ غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو پاڻ 14 سالن جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو 1996ع ۾ سندس لکڻيون ناز نصرالله مهر نالي سان ڇپجڻ لڳيون . نصرالله مهر مان هاڻي ناز نصرالله مهر طور سڃاتو وڃي ٿو . پاڻ شاعري نالي واري شاعر سائين مشتاق بخاري کان سکيا ورتائين ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي سنڌي ادب کي 20 سال ڏيڻ کان پوء هڪ ڪتاب " سهڻا سهڻا پيارا ٻار " مارڪيٽ ۾ آندو جيڪو ٻاراڻي ادب جي صنف شاعري تي مشتمل آهي سنڌي ادب ان ڏينهن ضرور خوش ٿيو هوندو جڏهن هن جي هنج ۾ ٻاراڻي ادب جو ڪتاب پيو هوندو ضرور ان ڪتاب کي ڀاڪر ۾ ڀريو هوندئين .
    هوئن ته سنڌي ادب ۾مختلف صنفن تي کوڙ ڪتاب اچن پيا پر ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا.
    ناز نصرالله مهر سان منهنجي ڪڏهن ملاقات ته ناهي ٿي پر فيسبڪ دنيا تي ڪچهري ٿيندي رهندي آهي پاڻ جڏهن به ڳالهائيندا آهيون ته ائين محسوس ٿيندو آته پاڻ صدين جا ساٿي آهيو هڪ رستي جا مسافر آهيون اسان کي منزل نٿي ملي يا اسان منزل کي نٿا ملون . هن کي ڏسندي لڳندو آهي ته ٻاراڻو ادب وري رونڪون کڻي اچي رهيو آهي وري نئون جنم وٺي آيو آهي .
    سهڻا سهڻا پيارا ٻار ڪتاب جو مطالعو ڪيو آهي جنهن ۾ شروعات ٻنهي جهانن جي مالڪ پالڻهار اللّٰہ تعاليٰ جي نالي سان شروعات ڪيل آهن پهرين حمد حضور اڪرم صہ جي شان ۾ نعت پيش ڪئي آهي حمد نعيت گيت غزل پيش آهن
    هڪ هنڌ هڪ غزل لکي ٿو ته
    "بابو چوي هاڻ اٿ تون ٻچڙا "
    رڌ ٻڪري کي وجهه تون گاه "
    هنن سٽن مونکي ماضي ياد ڏياري ڇڏي جڏهن هر روز شام جو ٻڪريون ڪاهي ويندو هئس سردي هجي يا گرمي سرء هجي يا بهار ڪنهن موسم جي پرواهه نه هوندي هئي سخت جهولن ۾ ٻڪريون ڪاهي چارڻ به هڪ خوشنصيبي آهي ڳوٺ هجون ٻنين تي نه وڃن ايئن به ٿي سگهي ٿو بلڪل نه ٻڪريون چارڻ ڪو عيب ناهي حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صہ جن پاڻ خود ٻڪريون چاريون آهن اها به هڪ سنت نبوي آهي .
    شوق ڪتابن سان ئي رکو
    علم ۽ ادب جو فڪر ڪريو
    ناز نصر الله مهر هنن سٽن ۾ ٻارڙن جي کي تعليم سان گڏ ادب جي نصحيت ڏئي ٿو تعليم حاصل ڪيو ادب کي به پڙهو اڳتي وڌي ڏيکاريو اڳتي وڌڻ ڪوشش سان مشڪل ناهي .
    هي ڪتاب سڀني ادبي دوستن جي پڙهڻ جهڙو آهي هن ڪتاب ۾ ٻاراڻي لاء نصحيتون آهن جن ۾ ٻار گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهن ٿا هي ڪتاب سولن اکرن ۾ آهي . ناز نصرالله مهر کي ٻاراڻي ادب جو ڪتاب پيش ڪرڻ تي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ ٻين ادبي دوستن کي ٻاراڻي ادب ۾ اچڻ جي پڻ دعوت ڏيان ٿو .
    بغير مهاڳ واري ڪتاب ۾ ليکڪ جو تعاتف قمر کوسي پيش ڪيو آهي هي ڪتاب سنڌيڪا آڪيڊمي ڪراچي طرفان ڇپيو آ ساڀيان پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو آهي ...!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو