ڪﺘﺎﺏ ﮄﺭﺗﻲﺀ ﺟﻲ ﺩﺍﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﻫڪ ﻧﻈﺮ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2019۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    124
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    ﺗﺒﺼﺮﻭ ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
    ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ ﻋﻮﺭﺕ ﺍﺩﻳﺐ ﮐﻲ ﻫڪ ﺍﻟﮗ ﻣﻘﺎﻡ ﺑﺨﺸﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺳﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻴﻮ ﻧﭝﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺋﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮﻥ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﻟﮑﻲ ﺭﻫﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ . ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﻫڪ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﻻﺀ ﺟﺎﮐﻮڙﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻃﻮﺭ ﺷﺎﻋﺮﻩ ﻃﻮﺭ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ۾ ﭘﻴﺎﺭ ﻣﺤﺒﺖ ڏﮎ ﺳﻮﺭ ﺩﻳﺲ ﺟﺎ ﺩﺭﺩ ﺳﻤﺎﻳﻞ ﺁﻫﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺳﻤﺎﺝ ﺍﻧﺪﺭ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻇﻠﻢ ﻭﻳﺴﺎﻫﻪ ﮔﻬﺎٽﻴﻦ ﺗﻲ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﭘﺎﮠ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻇﻠﻢ ﺧﻼﻑ ﺁﻭﺍﺯ ﺍﭤﺎﺭﻳﻮ ﺍﭤﺎﺋﻴﻦ . ﺑﻴﺸڪ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺍﻧﻬﻦ ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﮐﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﻭﺳﺎﺭﻳﻨﺪﻱ ﺟﻴڪﻲ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮄﺭﺗﻲ ﻣﺎﺀۡ ۽ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﺭﻭﺋڙﻥ ﺳﺎﻥ ﭘﺎڪ ﭘﻮﻳﺘﺮ ﭘﻴﺎﺭ ڪﻦ ﭤﺎ ﮐﻴﻦ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻲ ﺳﻬﮣﻦ ﻭﺭڪﻦ ۾ ﻟﮑﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﮔﻠﻦ ﺟﻴﺎﻥ ﻣﻬڪﻨﺪﺍ ﺭﻫﻦ ﭤﺎ ﺍﻫڙﺍ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻣﺜﺎﻝ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﻗﺎﺋﻢ ﺁﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮﺷﻮ ﺷﻴﺪﻱ ﺳﻨﮅ ﺍﻣڙ ﺟﻲ ﭘﻴﺎﺭ ۾ ﻣﺮﻱ ﻭﻳﻮ ﻣﺮﻧﺪﻱ ﻣﺮﻧﺪﻱ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ " ﻣﺮﺳﻮﻥ ﻣﺮﺳﻮﻥ ﺳﻨﮅ ﻧﻪ ڏﻳﺴﻮﻥ " ﺟﻬڙﻥ ﻧﻌﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﺍﻣﺮ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ ﭘﺮ ڪڏﻫﻦ ﻭڪﺎﻣﻴﻮﻥ ﻧﻪ ﺟﻬڪﻴﻮ ﻧﻪ ڪﻨﻬﻦ ﻏﻴﺮ ﻇﺎﻟﻢ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﻫﺎﺭ ﻧﻪ ﻣﭹﻴﺎﺋﻴﻦ ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺋﻲ ﺷﺨﺼﻴﺘﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﺎﮠ ڪﻴﺘﺮﻭ ﺑﻪ ﻟڪﺎﺋﮡ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﻴﻮﻥ ﭘﺮ ﻟڪﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪﻳﻮﻥ . ﭘﺎﮠ ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﺎﺭﻧﺎﻣﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻧﺮﻭﺍﺭ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺍﺗﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻟﻌﻨﺘﻮﻥ ﻭﺟﻬﻨﺪﻱ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮄﺭﺗﻲ ﻣﺎﺀ ﻭﻃﻦ ﺳﺎﻥ ﻏﺪﺍﺭﻱ ڪﺌﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻣﻌﺎﻑ ﻧﻪ ڪﻨﺪﻱ . ۔ﺗﺎﺭﻳﺦ ۾ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﭔﻦ ﻗﺴﻤﻦ ﺳﺎﻥ ﻳﺎﺩ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﻫڪ ﺍﻫﻲ ﺟﻴڪﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻗﻮﻡ ﻭﻃﻦ ۽ ﮄﺭﺗﻲ ﻣﺎﺀ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ۾ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﻬﺮﻱ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﻳﺎﺩ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭔﻴﺎ ﺍﻫﻲ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺟﻴڪﻲ ﭼﻨﺪ ﭘﺌﺴﻦ ﺧﺎﻃﺮ ﻭڪﺎﻣﺠﻲ ﻗﻮﻡ ﻣﻠڪ ﺳﺎﻥ ﺑﻴﻮﻓﺎ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺭﻫﺰﻧﻦ ﻟﻌﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﻳﺎﺩ ڪﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺳﺮﺗﺎﺝ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻠﻄﻴﻒ ﭜٽﺎﺋﻲ ﭼﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ
    ﺣﻴﻒ ﺗﻨﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﻮ ﻭﻃﻦ ﺟﻦ ﻭﺳﺎﺭﻱ
    ﻭﻃﻦ ﻳﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﻮﻡ ﻭﺳﺎڙﻳﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻲ ﺍﻋﺰﺍﺯﻱ ﺻﺤﻔﻦ ۾ ﺟﺎﺋﻲ ﻭﺍﻻﺭﻱ ﻧﺎﻫﻦ ﺳﮕﻬﻨﺪﺍ ﮀﻮﺟﻮ ﺍﻥ ﮘﺎﻟﻬﮧ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﺪ ﻣﺎﺿﻲ ﺁﻫﻲ ﻣﺎﺿﻲ ۾ ﺑﻪ ﻣﻴﺮ ﺻﻮﺑﺪﺍﺭ ﺟﻬڙﺍ ﻓﺮﺩ ﭤﻲ ﮔﺬﺭﻳﺎ ﺟﻨﻦ ﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺗﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻏﺪﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻣﻬﺮ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﮀڏﻱ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۾ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺍﻫﻲ ﻓﺮﺩ ڪﮅ ﺍﻭﭼﻮ ڪﺮﻱ ﺟﻴﺌﻨﺪﺍ ﺁﻳﺎ ﺟﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﻃﻦ ﺳﺎﻧﮕﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﻭﻓﺎﺩﺍﺭﻱ ڪﺮﻱ ﺟﺎﻥ ﺟﻲ ﺑﺎﺯﻱ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﮀڏﻱ ۽ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﻠﻢ ﺳﺎﻥ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﻗﻮﻣﻲ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﻭﺳﺎﺭﻱ ﻧﭥﻴﻮﻥ ﺳﮕﻬﻦ .
    ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ 15 ﺳﺎﻝ ﺍﺩﺏ ﮐﻲ ﺍﺭﭘﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ 3 ڪﺘﺎﺏ ﺁﮢﻲ ﭼڪﻲ ﺁﻫﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮ ڪﺘﺎﺏ ﮔﻬڙﻱ ﻏﻤﻦ ﺟﻲ ﭜﺎﺭﻱ ﺁ
    ‏( ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺩﺭﺩ ﺟﻮ ﮀﻮ ﺍﻧﺖ ﻧﻪ ﺁ ‏( ﺷﺎﻋﺮﻱ ﻧﺌﻴﻦ ڪﻮﻳﺘﺎ ‏) ۽ ٽﻴﻮﻥ ڪﺘﺎﺏ ﮄﺭﺗﻲﺀ ﺟﻲ ﺩﺍﻧﻬﻦ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﺻﻨﻒ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ . ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺟﻮ ڪﺘﺎﺏ ﮄﺭﺗﻲﺀ ﺟﻲ ﺩﺍﻧﻬﻦ ﺳﻨﺪﺱ 2012 ﮐﺎﻥ 2018 ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻟﮑﻴﻞ ڪﺎﻟﻤﻦ ﺗﻲ ﭔﮅﻝ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻭﻗﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ ﺭﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺯﻳﻨﺖ ﺑﮣﻴﺎ ﻫﺌﺎ . ﺑﻴﺸڪ ﺳﭽﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڪﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ڊﭴﻨﺪﺍ ﻧﺎﻫﻦ ﻧﻪ ﺋﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺁڏﻭ ﺟﻬڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺑﻪ ﻧﻪ ڪڏﻫﻦ ﺟﻬڪﻲ ﺁﻫﻲ ﻧﻪ ﺋﻲ ﻭڪﺎﻣﻲ ﺁﻫﻲ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﻭﻗﺖ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺳﺎﻥ ڪﻠﻬﻮ ڪﻠﻬﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﺋﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ڪﻴﻮ ﺍﭤﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﺪﺱ ڪﺎﻟﻤﻦ ﺟﻲ ﻓﻬﺮﺳﺖ ﺗﻪ ﺗﻤﺎﻡ ﻭڏﻱ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﻬﻦ ڪﺎﻟﻤﻦ ﻣﺎﻥ ﺳﭝﻨﻲ ڪﺎﻟﻤﻦ ﮐﻲ ﺗﺮﺗﻴﺐ ۾ ڏﺋﻲ ڪﺮﻱ ﻫڪ ڪﺘﺎﺏ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﮄﺭﺗﻲﺀ ﺟﻲ ﺩﺍﻧﻬﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻮ ﺁﻫﻦ ﻫﻦ ڪﺘﺎﺏ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻘﺪﻣﻲ ۾ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﭜﻨﭝﺮﻭ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻧﻨﮃڙﻱ ﻟﻴﮑڪﺎ ڪﺮﮢﻲ ﺟﻬڙﻱ ڪﻮﻣﻞ ﺍﺗﺴﺎﻫﻦ ۽ ﺍﻣﻨﮕﻦ ﺟﻲ ﮄﮢﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ڪﺘﺎﺏ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮄﺭﺗﻲﺀ ﺟﻲ ﺩﺍﻧﻬﻦ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺳﭽﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺍﻫﺎ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﺎ ﺳﻨﺪﺱ ﺭﻧﺠﺎﻳﻞ ﺭﻭﺡ ﺟﻲ ﺭڙ ﺁﻫﻲ ۔ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺟﻨﻬﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﻣﺎﻥ ﺳﻨﮅ ﮔﺬﺭﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﻬﻦ ڏﮐﻴﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ۾ ﺩﻳﺲ ﮄﮢﻴﻦ ﮐﻲ ﺣﻖ ﺳﭻ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﺗﺎﻥ ﻣﺨﺪﻭﻡ ﺑﻼﻝ ﺟﻴﺎﻥ ﮔﻬﺎﮢﻲ ﭘﻴﻬﻴﻮ ﭤﻮ ﻭﭸﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺯﻧﺠﻴﺮﻥ ۾ ﺟڪڙﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺗﻨﻬﻦ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺑﻪ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺑﻐﻴﺮ ڪﻨﻬﻦ ﺧﻮﻑ ﺣﺮﺍﺱ ﺟﻲ ﺳﻮﺍﻝ ﺍﭤﺎﺭﻱ ﭤﻲ ﺗﻪ " ﻻﺵ ﺻﺮﻑ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﮀﻮﭤﺎ ﻣﻠﻦ ؟ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ڪﻬڙﻭ ﻗﺼﻮﺭ ﺁ ؟ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﻗﺼﻮﺭ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﭘﻴﺎﺭ ﺍﻣﻦ ﭜﺎﺋﻴﭽﺎﺭﻭ ﺟﻮ ﺩﺭﺱ ڏﻧﻮ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺳﭽﻞ ﭜٽﺎﺋﻲ ﺳﺎﻣﻲ ﻫﻴﻤﻮ ﻫﻮﺷﻮ ۽ ﺩﻭﺩﻥ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﺑﺸﻴﺮ ﻗﺮﻳﺸﻲ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ﺭﺳﻮﻝ ﺑﺨﺶ ﭘﻠﻴﺠﻮ ﻏﺰﺍﻟﻪ ﺑﺘﻮﻝ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺫﻭﺍﻟﻔﻘﺎﺭ ﻋﻠﻲ ﭜٽﻮ ﺧﺎﻟﺪ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺟﻬڙﻥ ﻟﻴڊﺭﻥ ﺭﻫﺒﺮﻥ ﺟﻮﺍﻧﻦ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ . ﮀﺎ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﻗﺼﻮﺭ ﺁ ؟ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﭘﺎﮠ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﭔﻴﻦ ﮐﻲ ﭘﺎﻟﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺍﻫڙﻳﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺑﻪ ﻫﻤﺖ ﺣﻮﺻﻠﻮ ڏﻧﻮ ﺁﻫﻲ ﭘﺎﮠ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﮐﻲ ﺍﮘﺘﻲ ﺍﭼﮡ ﺟﻮ ﺣﻮﺻﻠﻮ ڏﻧﻮ ﺍﭤﺎﺋﻴﻦ .
    ﻫﻦ ڪﺘﺎﺏ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻻﺵ ﺻﺮﻑ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﮀﻮ ﭤﺎ ﻣﻠﻦ؟ ﺟﻴڪﻮ ﺑﺸﻴﺮ ﺧﺎﻥ ﺟﻲ ﺷﻬﺎﺩﺕ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﺁﻫﻲ ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻮﺍﻝ ﺍﭤﺎﺭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻻﺵ ﺻﺮﻑ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﮀﻮﭤﺎ ﻣﻠﻦ؟ ﻫﻦ ڪﺘﺎﺏ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﺳﺎﻥ ﭤﻴﻞ ﻇﻠﻢ ﻧﺎﺍﻧﺼﺎﻓﻲ ﺗﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻮ ﺍﺣﺘﺠﺎﺝ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺗﻲ ﻣﺜﻠﻦ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺗﺮﻳﺒﺖ ﺍﺯﺍﺩﻱ ۽ ﭔﻴﻦ ﺣﻘﻦ ﺗﻲ ﺳﭡﻮ ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁ ﻧﻪ ﺭﮘﻮ ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﻮ ﺍﭤﺌﻴﻦ ﭘﺮ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺣﻞ ﺟﻮﻥ ﺗﺠﻮﻳﺰﻭﻥ ﭘﻴﮡ ڏﻧﻴﻮﻥ ﺍﭤﺎﺋﻴﻦ ﻫڪ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﮔﻠﻦ ﺟﻲ ﺳﺮﻫﺎﮠ ﺟﻲ ﻋﻨﻮﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺮﺗﻲ ﮔﻠﺒﺪﻥ ﺟﺎﻭﻳﺪ ﻣﺮﺯﺍ ﮐﻲ ﺳﺎﻟﮕﺮﻫﻪ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﭜﻴٽﺎ ﭘﻴﺶ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ " ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺣﻖ " ۾ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﭠﻬﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﻫﻨﺪﻥ ﮐﻲ ﺩﺭﺑﺪﺭ ڪﺮﻱ ڪﮃﻱ ﻭﻳﻮ ۽ ﺟڏﻫﻦ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺩﺍﺧﻞ ﭤﻴﺎ ﺟڏﻫﻦ ﻫﻮ ﭘﻨﺠﺎﺏ ﭘﻬﺘﺎ ﺗﻪ ﭘﻨﺠﺎﺑﻴﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﻃﺮﻑ ﺍﺷﺎﺭﻭ ڏﻧﻮ ﺗﻪ ﺑﻬﺎﺋﻲ ﺟﺎﻥ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺁﮔﻲ ﻫﻲ ﺍﻫﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﻲﺀ ۾ ﺟﺎﻳﻮﻥ ڏﻧﻴﻮﻥ ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﻪ ڪﻴﻮ ﺳﺪﺍﻳﻦ ﺍﻟﮗ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻣﻄﺎﻟﺒﻮ ڪﻨﺪﺍ ﺭﻫﻴﺎ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﭼﮡ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺟﻲ ﺁﺑﺎﺩﻱ %93 ﻣﺎﻥ ﭤﻲ %63 ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻲ ﻣﻠڪ ۾ 4 ﺳﻴڪڙﻭ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻭﻳﻨﺪڙ ﺍﺭﺩﻭ ﭔﻮﻟﻲ ﮐﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﻗﺮﺍﺭ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲ ﮐﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﺣﻖ ﺑﻪ ﮐﺴﻴﻮ ﻭﻳﻮ ڪﺮﺍﭼﻲ ﻣﺎﻥ ﺳﻨﮅﻱ ﺳﺒﺠﻴڪٽ ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪﻱ ﺟﺎ ﺍﻋﻼﻥ ڪﻴﺎ ﻭﻳﺎ . ﻫﻦ ﻣﻀﻤﻮﻥ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺣﻘﻦ ﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ ﺁ ﺟﻴڪﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺑﻪ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ﻣﻀﻤﻮﻥ ﺑﺸﻴﺮ ﺧﺎﻥ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻣﻨﺼﻮﺭ ﻳﺎ ﺳﻘﺮﺍﻁ ؟ ﻫﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﺸﻴﺮ ﻗﺮﻳﺸﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺎﺩﺕ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﺸﻴﺮ ﻗﺮﻳﺸﻲ ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺣﻘﻦ ﺟﻲ ﺟﺪﺟﻬﺪ ﺗﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲ ﻭﮄﻱ ﻭﺋﻲ ﺁﻫﻲ .
    ﻣﻀﻤﻮﻥ " ﺳﻨﮅ ﺍﭸﺎ ڪﻴﺘﺮﺍ ﻻﺵ ﻭﺻﻮﻝ ؟ " ﻋﻨﻮﺍﻥ ﻫﻴﭟ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻦ ﻣﻀﻤﻮﻥ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﺧﺎﻟﺪ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ﮐﻲ ﭜﻴٽﺎ ﭘﻴﺶ ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ ۽ﺳﻨﺪﺱ ڪﺎﻻ ﺑﺎﻍ ﺩﻳﻢ ﺧﻼﻑ ڪﻴﻞ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﺗﻲ ﻏﻮﺭ ﻭﻳﭽﺎﺭ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻫڙﻱ ﺭﻳﺖ ﮄﺭﺗﻲ ﺟﻲ ﺩﺍﻧﻬﻦ ۾ " ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﻳﺎ ڪﻴڪ ؟ ،ﮄﺍﺭﻳﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﮄﺍڙﻱ ۾ ، ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۽ ﺗﺼﻮﻑ ، ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀ ﺟﻲ ﺑﻘﺎ ﺟﻮ ﺳﻮﺍﻝ ، ﺍﻣڙ ﺟﻲ ﺩﻋﺎ ﻋﻮﺭﺕ ﺟﻮ ﺭﻭﺣﺎﻧﻲ ﻗﺘﻞ ﺳﻤﻴﺖ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ﺗﻲ ﭔﮅﻝ ڪﺘﺎﺏ ﺁﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺍﺩﺏ ﻗﻮﻣﻲ ﻣﺴﺌﻼ ﺳﻨﮅ ﺳﺎﻥ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻧﺎﺍﻧﺼﺎﻓﻴﻮﻥ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺣﻘﻦ ﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﻨﮅ ﺍﻣڙ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ۽ ﺳﭽﺎﺋﻲ ﺟﻮﻥ ﺟﻬﻠڪﻴﻮﻥ ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻦ ﭤﻴﻮﻥ .
    ﻫﻦ ڪﺘﺎﺏ ﺟﻮ ﻣﻬﺎﮖ ڊﺍڪٽﺮ ﺩﻭﺩﻱ ﻣﻬﻴﺮﻱ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻘﺪﻣﻮ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﭜﻨﭝﺮﻱ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ 192 ﭘﻴﺠﻦ ﺗﻲ ﭔﮅﻝ ڪﺘﺎﺏ ﺳﻨﮅﻳﺎ ﭘﺒﻠﻴڪﻴﺸﻨﺲ ﻃﺮﻓﺎﻥ 2018 ۾ ﮀﭙﺎﺋﻲ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ﺟﻲ ﺯﻳﻨﺖ ﺑﮣﺎﻳﻮ .......!
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو